بلاگنئون

سنڌو نه سُڪايو

سنڌ جي زراعت لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت آهي جنهن جي پورائي آبپاشي کاتو ڪندو آهي، ان  جو اهو حال آهي جو ڪنهن علائقي ۾ پاڻي نٿو پڄي ته ڪنهن علائقي مان پاڻي نٿو نڪري، هڪڙا ٻڏن ٿا ته ٻيا سُڪن ٿا، هڪڙن جي علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ نه آهي ۽ ٻيا علائقا سوڪهڙي جو شڪار آهن، ڪجھ علائقن ۾ ججهي انداز ۾ پاڻي وهي ٿو هلي، ڪجھ علائقا بيابان بڻجيو وڃن، ڪجھ علائقن ۾ هاري سوڪهڙي ۾ به ٻج ۽ ڀاڻ پنهنجي هڙان وڙان ڪري اهي ساريالا فصل ته ڪري ٿا وڃن، اهي هر بار جا خرچ به سهي ٿا وڃن، پر جڏهن پنجاب ۾ گهڻيون بارشون ٿيون پون، جڏهن گهڻين بارشن جي ڪري اتي تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جي سطح چڙهي ٿي تڏهن پنجاب اندر ٻوڏون ٿيون اچن ته پنجاب سمورو پاڻي سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ڏانهن وهائي ٿو ڇڏي تڏهن اهي ويچارا ماڻهو جيڪي سنڌوءَ جي ڪنارن تي آباد آهن، جيڪي اتي زمينون آباد ڪريو ويٺا آهن، جيڪي ملڪ جي خوارڪ ۾ اضافي جا سبب پڻ آهن، پوءِ بي يارو مددگار ويچارا هاري قرآن مصاف کڻي ٻاڏائيندا ٿا وتن ته هيل اهو بارشي پاڻي رڳو وهي هليو وڃي جو انهن جا ساريالا فصل بچي وڃن. ان ڪري ته پنجاب هونئن سمورو سال سنڌ جون زمينون سُڪائيندو آهي، پر جڏهن پاڻ ٻڏندو آهي ته دريائي پاڻي جا وهڪرا وڌائي ڇڏيندو آهي، نتيجي ۾ اهو پاڻي وهي ايندو آهي تڏهن 12000 ڪيوسڪ جي پريشر جهلڻ جهڙا ڪئنال  24000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي برداشت ناهن ڪري سگهندا ۽ جيڪو به واڌو 12000 ڪيوسڪ پاڻي پنجاب مان درياءَ جي وسيلي وهايو ويندو آهي، اهو عام ماڻهن جي جان، مال ۽ ملڪيتن جي لاءِ دشمن بڻجي ايندو آهي ۽ نتيجي ۾ انهن غريب ماڻهن جا فصل، مال، متاع، گهر گهاٽ ۽ زندگيون ٻوڙي، ماري کاري هليو ويندو آهي. ان ڪري جڏهن آبپاشيءَ جا بنيادي سسٽم ئي سڌا ناهن ته سڌارا ڪيئن ممڪن ٿيندا؟ مصيبت اها به آهي ته بارشون وسن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ۽ پاڻيءَ جا زخيرا پنجاب اندر جوڙيا وڃن! ان ڪري ته ايمانداري سان جيڪڏهن برفاني جبلن تان پگهرجندڙ برف جو پاڻي هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ وهايو وڃي ته جيڪي به پاڻي جون کوٽون آهن اهي پوريون ٿي وڃن ۽ ڊيمن جي ضرورت نه پئي ان ڪري ته درياءَ، ڪينال، واهڙ، نديون، نالا ۽ پاڻي جا رستا ان قابل آهن ته جيڪڏهن سمورو سال ڀرپور وهايا وڃن ته اهي پاڻيءَ جي دٻ سهي ويندا، پر سُڪي سُڪي ۽ سالن کانپوءِ وهايا ويندا ته اهي ڪينالن، ندين ۽ واهڙن جا ڪنارا ڀُتا ٿي ويندا ۽ آبپاشي جي گهٽ توجھ جي ڪري اهي فائدي جي جاءِ تي نقصان ڏيندا، پر ڳڻتي اها به آهي ته هن سرڪار وانگي ماضيءَ جي هر سرڪار رڳو خالي کوکلن نعرن تي ڪم ٿي ڪري، پر ان جي جاءِ تي جيڪڏهن سرڪار بنيادي سبب ”رُوٽ ڪاز“ تي ڪم ڪري، بنيادي انفرااسٽرڪچر بهتر ڪري ته آساني ٿي پوي، باقي اهڙا پنج سالا پروگرام ڪي ئي آيا ڪي ئي ويا، پر هن قوم جو ڪنهن به حڪمران ڀلو ناهي ڪيو.

220 ملين جي آبادي ٻه سيڪڙو جي شرح سان وڌي رهي آهي ۽ 3.5 جي ڪل زرخيزي جي شرح آبادي 2030 تائين 257 ملين تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ان دوران اسان جي معيشت پوءِ به گهٽ سطح تي رهندي ايندي ۽ افراطِ زر هر وقت بلند رهندي ايندي. في ڪس پاڻي جي دستيابي گهٽجي 900 ڪيوبڪ ميٽر ٿي وئي ويندي ۽ ”جي ڊي پي“ ۾ زراعت جو حصو گهٽجي 19 سيڪڙو ٿي ويندو. سنڌوءَ ۾ ساليانه 138 ايم اي ايف (ملين ايڪڙ فوٽ) جي تخمينو ڪيو ويو آهي، جيڪو 40 سيڪڙو پاڻي برف جي پگھرجڻ مان حاصل ٿئي ٿو، جنهن سان خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. پاڪستان جي زميني پاڻي جي ڪل گنجائش اٽڪل 68 بلين ڪيوبڪ ميٽر آهي جنهن مان 60.3 بلين ڪيوبڪ في الحال استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته زميني پاڻي تقريبن ختم ٿي چڪو آهي. جيتوڻيڪ خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي باوجود اسان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪندڙ ۽ گهٽ قيمت وارا فصل پيدا ڪرڻ جاري رکون ٿا، جن ۾ چار اهم فصلن جو 80 سيڪڙو پاڻي آهي، پر ”جي ڊي پي“ ۾ انهن جو 5 سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي، پر توانائيءَ جو خسارو جاري آهي، رسد ۽ طلب جي وچ ۾ فرق وڌڻ جو امڪان آهي. دونهون پيدا ڪندڙ شين تي اسان جو انحصار ڪل سپلاءِ جو 86 سيڪڙو آھي، جنهن کي ڊي ڪاربنائيز ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوشش جي ضرورت پوندي. ”هائيڊرو ميٽرولوجيڪل آفتون“ (ٻوڏون) اڃان خطرناڪ رهنديون آيون آهن. 2040 تائين انهن جي تعداد ۽ شدت ۾ اضافي ٿيڻ جو امڪان به آهي. انساني سرمائي ۾ سيڙپڪاري جي گهٽتائي ۽ سست رفتاري، وڏي پيماني تي آبهوا جي گدلاڻ، لڏپلاڻ ۽ شهريت جا رجحان وڌي رهيا آهن، جيڪي آبهوا جي خرابي ۽ پائيدار ترقي جي وچ ۾ هڪ رڪاوٽ پڻ آهن.

لڳ ڀڳ ٻن مهينن کان ماهرن پاران ملڪ ۾ ايندڙ پاڻي جي کوٽ بابت خبردار ڪيو پيو وڃي. اڳوڻن سالن جي ڀيٽ ۾ ملڪ ۾ گذريل سياري ۾ 26 سيڪڙو گهٽ برفباري ٿيڻ کانپوءِ هڪ سٺي اڳڪٿي جي توقع ڪئي هئي، پر گذريل مارچ ۽ اپريل ۾ برفباري مڪمل طور تي گهٽ هئي، ڇو ته گليشيئرن جي گهٽ پگھرجڻ سان پاڻي جي قلت ۾ تيزي اچي وئي، جنهن ڳالھ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، انهن ڳالهين جو مطلب اهو به آهي ته پاڪستان جا درياھ هاڻي سڪي ويندا. حقيقت ۾ ٻه وڏا ذخيرا تربيلا ۽ منگلا توقع کان گهڻو اڳ ڊيڊ ليول تي پهچي ويا آهن. اهڙيءَ طرح اها حيرت جي ڳالھ ناهي ته سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي هيٺانهين وارا علائقا ڏهاڪن کان پاڻي جي بدترين کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌوءَ جو پاڻي پنهنجي عام وهڪري جي 40 سيڪڙو تائين گهٽجي ويو آهي. سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڪجھ حصن ۾ سنڌوءَ جي ڪنارن تي پکڙيل زرعي زمينن تي جانورن جي لاشن جون تصويرون ان بحران جي شدت کي واضح ڪن ٿيون، جنهن بحران کي هاري سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هاڻي صورتحال نازڪ آهي، ڇاڪاڻ ته متاثر ٿيل ضلعن ۾ ماڻهن جو تمام وڏو تعداد پنهنجن فصلن ۽ جانورن کي وڃائڻ تي آهي، اهي پنهنجن فصلن لاءِ پريشان آهن، سکر ۽ حيدرآباد جي وچ وارن علائقن جا هاري بک هڙتالون ۽ احتجاج ڪري رهيا آهن. هارين پاران سنڌ جي آبپاشي عملدارن تي حملن جون ڌار ڌار رپورٽون پڻ ملن ٿيون. سڀ کان بدترين ڳالھ اها به آهي ته جڏهن گليشيئر پگھرجندا، نديون ۽ ڊيم ڀرجڻ شروع ٿي ويندا، مون سون جي موسم ٽپي ويندي، تڏهن به اڪثر متاثر هاري پنهنجي معيشت جي نقصان جو ازالو نه ڪري سگهندا. اهو لڳ ڀڳ يقيني آهي ته پاڻي جي موجوده کوٽ اونهاري کانپوءِ سياري تائين برقرار رهندي ۽ اسان وٽ شايد ربيع جي فصلن خاص ڪري ڪڻڪ جي ذخيرن لاءِ به پاڻي ڪافي پاڻي نه هوندو، جنهن ڪري خوراڪ جي واڌ خطري ۾ پئجي ويندي.

ان جاءِ تي ڪيئن ممڪن آهي ته پنجاب سوڪهڙي واري صورتحال ۾ وري نوان ڪينال وهائي، حيرت اها به آهي ته پنجاب سرڪار کي وفاق 42 ارب رپين جي بجيٽ به ڏئي ڇڏي ته اهي ڀلي نوان ڪينال کوٽين، جو جتي خريف ۽ ربيع لاءِ پاڻي نٿو بچي اتي ڪينال وهائي رهيو کهيو پاڻي به کڻي ڇڏيندا جو جيڪا جيوت ان پاڻي تي تڳي ٿي، جيڪي انسان پوکون ڪري پيٽ پالين ٿا يا جيڪي جيوت دريائي پاڻي تي جيئي ٿي جنهن ۾ جانور ۽ پکي به شامل آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ اهي ماڻهو ۽ پورهيت جيڪي دريائي مڇي تي گذران ڪن ٿا انهن جي گذران جو فقدان رهجي ٿو وڃي جو اهي پوءِ پنهنجا علائقا ڇڏي شهرن جا رخ ڪن ٿا ان ڪري ته پاڻي آهي ته زندگي آهي ۽ پاڻي جي جهجي مقدار ۾ هجڻ سان جر جي پاڻي ۾ به واڌ ممڪن هجي ٿي، جنهن سان ٻيلا به سرسبز ٿين ٿا ۽ اها ايڪوسائيڪل زندگيءَ جي هجڻ جا اهڃاڻ ممڪن ڪري ٿي.

موجوده صورتحال صرف هڪ ٻي ياد ڏياريندڙ آهي ته پاڪستان 2040 تائين خطي ۾ پاڻي جي سڀ کان وڌيڪ دٻاءُ وارو ملڪ بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي عنصرن جي ڪري جن ۾ موسمياتي تبديلي، آبادي جي واڌ، معيشت جي بدانتظامي، مدي خارج آبپاشي طريقا، هڪ فرسوده واٽر ٽرانسميشن انفرااسٽرڪچر، ذخيرن جي کوٽ وغيره شامل آهن. ملڪ اڳ ۾ ئي 14 هين نمبر تي آهي، جنهن ۾ دنيا جا 17 ملڪ به شامل آهن، جيڪي انتهائي خطرناڪ آهن جنهن ۾ سعودي عرب جهڙا گرم ۽ خشڪ ملڪ به شامل آهن. پاڪستان جي پاڻيءَ جا مسئلا صرف سطحي پاڻي تائين محدود نه آهن. زميني پاڻي جا وسيلا پڻ آبپاشي لاءِ انتهائي حد تائين ختم ڪيا ويا آهن. اڃان تائين ڪنهن به حڪومت ملڪ جي 220 ملين رهاڪن جي خوراڪ ۽ ڊگهي مدي واري معاشي حفاظت جي سخت چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي ترت اپاءَ ناهن ورتا. موجوده بحران وفاقي ۽ صوبائي اختيارين لاءِ جاڳ جو سڏ هجڻ گهرجي. هاڻي اهو وقت آهي ته اهي ملڪ جي سڀ کان وڏي وجودي چئلينج جو جائزو وٺن ۽ پاڻي جي شعبي ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع پاليسيون تيار ڪن ۽ واٽر ٽرانسميشن انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻايو وڃي. اختيارين کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان وٽ وقت ۽ اختيارن جي گهٽتائي آهي جيئن اسان وٽ حل ختم ٿي رهيا آهن.