سنڌ جي زراعت لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت آهي جنهن جي پورائي آبپاشي کاتو ڪندو آهي، ان جو اهو حال آهي جو ڪنهن علائقي ۾ پاڻي نٿو پڄي ته ڪنهن علائقي مان پاڻي نٿو نڪري، هڪڙا ٻڏن ٿا ته ٻيا سُڪن ٿا، هڪڙن جي علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ نه آهي ۽ ٻيا علائقا سوڪهڙي جو شڪار آهن، ڪجھ علائقن ۾ ججهي انداز ۾ پاڻي وهي ٿو هلي، ڪجھ علائقا بيابان بڻجيو وڃن، ڪجھ علائقن ۾ هاري سوڪهڙي ۾ به ٻج ۽ ڀاڻ پنهنجي هڙان وڙان ڪري اهي ساريالا فصل ته ڪري ٿا وڃن، اهي هر بار جا خرچ به سهي ٿا وڃن، پر جڏهن پنجاب ۾ گهڻيون بارشون ٿيون پون، جڏهن گهڻين بارشن جي ڪري اتي تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جي سطح چڙهي ٿي تڏهن پنجاب اندر ٻوڏون ٿيون اچن ته پنجاب سمورو پاڻي سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ڏانهن وهائي ٿو ڇڏي تڏهن اهي ويچارا ماڻهو جيڪي سنڌوءَ جي ڪنارن تي آباد آهن، جيڪي اتي زمينون آباد ڪريو ويٺا آهن، جيڪي ملڪ جي خوارڪ ۾ اضافي جا سبب پڻ آهن، پوءِ بي يارو مددگار ويچارا هاري قرآن مصاف کڻي ٻاڏائيندا ٿا وتن ته هيل اهو بارشي پاڻي رڳو وهي هليو وڃي جو انهن جا ساريالا فصل بچي وڃن. ان ڪري ته پنجاب هونئن سمورو سال سنڌ جون زمينون سُڪائيندو آهي، پر جڏهن پاڻ ٻڏندو آهي ته دريائي پاڻي جا وهڪرا وڌائي ڇڏيندو آهي، نتيجي ۾ اهو پاڻي وهي ايندو آهي تڏهن 12000 ڪيوسڪ جي پريشر جهلڻ جهڙا ڪئنال 24000 ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي برداشت ناهن ڪري سگهندا ۽ جيڪو به واڌو 12000 ڪيوسڪ پاڻي پنجاب مان درياءَ جي وسيلي وهايو ويندو آهي، اهو عام ماڻهن جي جان، مال ۽ ملڪيتن جي لاءِ دشمن بڻجي ايندو آهي ۽ نتيجي ۾ انهن غريب ماڻهن جا فصل، مال، متاع، گهر گهاٽ ۽ زندگيون ٻوڙي، ماري کاري هليو ويندو آهي. ان ڪري جڏهن آبپاشيءَ جا بنيادي سسٽم ئي سڌا ناهن ته سڌارا ڪيئن ممڪن ٿيندا؟ مصيبت اها به آهي ته بارشون وسن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ۽ پاڻيءَ جا زخيرا پنجاب اندر جوڙيا وڃن! ان ڪري ته ايمانداري سان جيڪڏهن برفاني جبلن تان پگهرجندڙ برف جو پاڻي هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ وهايو وڃي ته جيڪي به پاڻي جون کوٽون آهن اهي پوريون ٿي وڃن ۽ ڊيمن جي ضرورت نه پئي ان ڪري ته درياءَ، ڪينال، واهڙ، نديون، نالا ۽ پاڻي جا رستا ان قابل آهن ته جيڪڏهن سمورو سال ڀرپور وهايا وڃن ته اهي پاڻيءَ جي دٻ سهي ويندا، پر سُڪي سُڪي ۽ سالن کانپوءِ وهايا ويندا ته اهي ڪينالن، ندين ۽ واهڙن جا ڪنارا ڀُتا ٿي ويندا ۽ آبپاشي جي گهٽ توجھ جي ڪري اهي فائدي جي جاءِ تي نقصان ڏيندا، پر ڳڻتي اها به آهي ته هن سرڪار وانگي ماضيءَ جي هر سرڪار رڳو خالي کوکلن نعرن تي ڪم ٿي ڪري، پر ان جي جاءِ تي جيڪڏهن سرڪار بنيادي سبب ”رُوٽ ڪاز“ تي ڪم ڪري، بنيادي انفرااسٽرڪچر بهتر ڪري ته آساني ٿي پوي، باقي اهڙا پنج سالا پروگرام ڪي ئي آيا ڪي ئي ويا، پر هن قوم جو ڪنهن به حڪمران ڀلو ناهي ڪيو.