بلاگنئون

سنڌ جا ڊاڪٽر ۽ مسڪين مريضن جا اهنج

ثريه سرهاڻ گل بلوچ

ڊاڪٽر جنهن کي ميسحا به سڏيو ويندو آهي، اھو ڊاڪٽر يا ڊاڪٽرياڻي جن کي ماءُ پيءُ جو به درجو حاصل آهي، پر اڄ جا ڊاڪٽر ته قاتل بڻجي ويا آھن انھي جو وڏو سبب سنڌ جا ڊاڪٽر جيڪي پئسا ڏئي ڊگري حاصل ڪن ٿا، پوءِ اھي پئسا غريب مسڪين عوام مان حاصل ڪرڻ ۾ رڌل آھن. ڏٺو ويو آهي ته اتر سنڌ جون اسپتالون ھاڻي اسپتالون نه، پر قتل گاھ بڻجي ويون آھن. ڊاڪٽر پھرين جيڪي مريض بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پر اڄ جا سرڪاري اسپتالن ۾ موجود ڊاڪٽر ننڍا وڏا، پڪا پوڙها، معصوم ٻار بچائڻ بدران مارڻ ۾ پورا آھن، ڪا توجهه نه آهي، ڪا ذميواري محسوس نٿا ڪن. سنڌ جون ڪافي اسپتالون اھڙيون آھن جن کي اسپتال نه، پر قتل گاھ به چئي سگھجي ٿو. سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر مريض بجاءِ موبائل فون ھٿ ۾ رکي وڊيو ڏسڻ يا فون تي ڪچھرين ۾ مشغول ھجڻ سبب به ايمرجنسي واري مريض تي ڌيان نٿا ڏين، جنهن سبب ڪيترائي مريض موت جو کاڄ بڻجو وڃن. سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارا غريب مسڪين مريض ڀلي الله پاڪ کي پيارا ٿي وڃن انھن کي ڪابه پرواهه ناهي، ڇو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن وارا ڊاڪٽر ھاڻي پئسن جا پوڄاري ٿي ويا آھن، پر افسوس جو انھن کي ڪير به چوڻ وارو ناھي، ڪو سسٽم قانون انهن ڊاڪٽرن لاءِ ناھي. سرڪاري اسپتالن وارن ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب منھنجي سنڌ جا غريب مسڪين مريض زندگي تان هٿ کڻي وڃن ٿا. ھاڻي سنڌ جون سڀ اسپتالون آھستي آھستي قتل گاھ بڻجنديون وڃن پيون. وري پرائيويٽ اسپتالن ۾ منھنجي سنڌ جا غريب مسڪين مريض وڃن ته اھي ئي ڊاڪٽر غريبن مسڪينن مظلوم مريضن جي ڳري فيس وٺي کل ئي لاھي ٿا ڇڏين.

– – – – – –

وائي

گلن جھڙا معصوم ٻار مرن ٿا

سرڪاري اسپتال ۾

سھي ڊاڪٽر نه ڏسن ٿا

سرڪاري اسپتال ۾

جڏھن به ڪو ڊاڪٽر اچي ٿو

مريض ڏسڻ بجاءِ فائل تي سھي ڪن ٿا

سرڪاري اسپتال ۾

مريض ڪيترائي سيريس ڇو نه ھجن

پوءِ به ڊاڪٽر نه اچن ٿا

سرڪاري اسپتال ۾

فون تي ڳالھائڻ ڪھچري ۾ رڌل

حرام جي پگھار کڻن  ٿا

سرڪاري اسپتال ۾