بلاگنئون

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي پت وڃائي رهيو آهي

“سنڌ پبلڪ سروس ڪميش” ھڪ اھڙو معتبر ادارو جيڪو قابل نوجوانن کان امتحان وٺي انهن جو مستقبل روشن ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪري سگهي ٿو، پر هن وقت اهو بلڪل ان جي ابتڙ ڪم ڪري رهيو آهي. هن ملڪ ۾ غريب نوجوانن جي لاءِ تعليم جي ذريعي پنهنجي معاشي حالتن کي تبديل ڪرڻ سڀني کان سولو ۽ سستو ذريعو آهي، پر ان رستي ۾ هي ادارو روڙا اٽڪائي قابل، اهل ۽ غريب نوجوانن کي پٺتي ڌڪي انهن جي قابليت کي رد ڪندي اهڙن نوجوانن کي پاس ڪري نوڪري جو مستحق بڻائي رهيو آهي جيڪي پاس ٿيڻ جي لاءِ پنهنجي ماءُ پيءُ جو ڪرپشن سان ڪمايل پئسو خرچ ڪري سٺيون مارڪون وٺي سگهن ٿا.

ھينئر تازو ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو اداروSST سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي ٽيسٽ جن اميدوارن پاس ڪئي ان جو انٽرويو 12 نومبر کان وٺڻ شروع ڪيو اٿن. ھاڻي باشعور عوام کي، شاگرن کي اھا ته خبر ھئڻ گھرجي ته انٽرويو وٺڻ جو مقصد ڇا ھوندو آھي؟

#انٽرويو وٺڻ جو بنيادي مقصد ھوندو آھي, شاگردن جي پرسنلٽي جاچڻ, يعني سندن اٿڻ ويھڻ، ڊريسنگ، صفائي سٿرائي, ڳالھائڻ جو انداز وغيره جاچڻ ته واقعي ھي شخص اڳتي ھن پوسٽ جي لاءِ اھل آھي به  يا نه؟ پر افسوس جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارا انٽرويو جي نالي ۾ بنيادي شيون نه پر وري ڊبل ٽيسٽ وٺي رھيا آھن، جي ھا بلڪل توھان صحيح سمجھو. 12 نومبر تي ٿيل سيڪنڊري اسڪول ٽيچرس جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار کان پڇيل ڪجهه سوال جيڪي شاگردن سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا آھن جيئن ٻيا اميدوار به ان مطابق پنهنجي تياري ڪري سگھن ته اھي ھي سوال انٽرويو ۾ ھنن کان پڇيا ويا. جيئن هڪڙو سوال اهو پڇيو ويو ته چين جي صدر جو نالو ڇا آهي؟ ٻيو سوال اهو پڇيو ويو ته آمريڪا ۾ رياستون گھڻيون آھن انھن جا گادي جا ھنڌ ڪھڙا آھن؟ ڪجهه انگلش جا لفظ، انھن جا ضد ۽ ساڳي معنيٰ وارا لفظ پڻ پڇيا ويا. مسلم ليگ ڪڏهن ٺھي؟ ڪانگريس ڪڏهن ٺھي؟ وغيره وغيره، اھي ڪجهه سوال پڇيا ويا. مطلب ته شاگرد ڏينهن رات محنت ڪري لکت جي ٽيسٽ پاس ڪن وري انٽرويو جي نالي ۾ ٻي ڊبل ٽيسٽ ڏين اھو ڪھڙو قانون آھي؟ انٽرويو وٺڻ وارا ڪٿي پڙھيا آھن جو ھنن کي اھا بلڪل به سمجهه نه آھي ته انٽرويو جو مقصد ڇا آھي ۽ اسين ڇا پڇي رھيا آھيون؟

ھاڻي ھي مضمون پڙھندڙئو توھين پاڻ سوچيو ھڪ شاگرد کان سوال پڇيو وڃي ته “ديوار چين ڪنهن ٺاھي؟ ته يقينن ٿي سگهي ٿو ھن کي خبر نه به ھجي ۽ انھي جو مطلب اھو ناھي ته ھي جڏو آھي پڙھيو ناھي 30 مارڪس ڏيئي فيل ڪيوس. انگلش جي فلاڻي لفظ جي مطلب جي خبر ناھيس ته فيل ڪيوس ـ انھي ۾ شاگرن جي غلطي ناھي پر سوال ئي بي تڪيا پڇا ويا آھن ـ ھنن جو مقصد صرف شاگردن کي نااميد ۽ مايوس ڪرڻ آھي ۽ قابل ذھين شاگردن کي اھو محسوس ڪرائڻ آھي ته پٽ اوھين واقعي ھن سيٽ لاءِ اھل نه آھيو.

۽ ايئن اھا سيٽ ڪنهن وڏيري ,سياستدان ۽ پيسي واري شخص جي ڌي يا پٽ کي وڪڻي ڏني وڃي ٿي. اھا آھي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حقيقت جنهن جي ڪارنامن جي تقريبن سنڌ جي ھر باشعور فرد کي خبر آھي، پر افسوس جو انهن کي سڀ خبر هوندي به اڻ ڄاڻ آھن، قانون جي اڻ ڄاڻائي آھي , انھي بي خبري مان ئي ھي ڪرپٽ ادارو فائدو وٺي سنڌ جي جاھل عوام کي ٽوپي ڊرامو ڪرايو ويٺو آھي. ھي ڪميشن جو ادارو آھي يا مشڪري؟ منھنجا نوجوان ساٿيو اٿو سجاڳ ٿيو باشعور ٿيو ۽ باخبر ٿيو ـ قانون جي ڄاڻ رکو پنهنجي حقن لاء وڙھڻ سکو نه ته اسين آخر  ھن ڪرپٽ اداري ھٿان ڪيستائين ظلم سھنداسين؟ برداشت ڪرڻ جي به ڪا حد ھوندي آھي. ھي معتبر ۽ ڪرپٽ ادارو ھر حد پار ڪري چڪو آھي ته اسان کي به ھاڻي ڪجهه سجاڳ ٿيڻ گھرجي. جيڪڏهن ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ IBAادارو وٺي سگهي ٿو ته ڪميشن جي ڇو نه؟ اسان جي اھا خواهش آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جون سموريون ٽيسٽون IBA Sukkur   جي حوالي ڪيون وڃن گھٽ ۾ گھٽ ميرٽ ته ٿيندي نه. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو معتبر ادارو مڪمل طور تي ناڪارا ٿي چڪو آھي ۽ ڪنهن به ٽيسٽ  وٺڻ جي لاء  قابل ئي ناھي رھيو.

 ھي سيڪنڊري اسڪول ٽيچرس جي ٽيسٽ به ٻه ڀيرا آئوٽ ٿي ھئي شاگردن گھر ويٺي ٽيسٽ حل ڪئي ھئي. ميرٽ جي لتاڙ ٿي ھئي ,پر افسوس جو ٽيسٽ شفاف نه ٿي ھئي حقيقت ۾ٿيڻ ايئين گھرجي ھا ته ٽيسٽ ڪا ٽين ڌر وٺي ھا ۽ غريب ھوشيار شاگردن جو حق نه مري ھا ـ پر ھتي شايد جاھل عوام اھو ئي چاھي ٿي ته پڙھون نه پيسن تي ڪم ٿي ويندو.  منهنجي دعا آھي ته الله پاڪ سنڌ جي عوام ۽ حڪمرانن کي وقت سر سمجهه ڏي. جيئن قابل ۽ ھوشيار شاگردن جو حق نه مري.