بلاگنئون

انگريزي ميڊيم وقت جي ضرورت

اسان کي ان ڳالھ تي اعتراض ناهي ته اسان سنڌي ٻولي نه پڙهون، پر ان ڳالھ تي اعتراض ضرور آهي ته انگريزي ڇو نٿا پڙهون، ان ڪري ته اسان جي معاشري يا نوڪرين جي هنڌ يا شهرن ۾ ٻولي جي اهميت رڳو انگريزي جي لاءِ آهي، ڇو ته رڳو انگريزي ٻولي ٻار ۾ اهليت جي نشاني سمجهي وڃي ٿي، اهو ٻار پڙهيل لکيل مڃيو وڃي ٿو، جيئن رنگ اڇو يا ڀورو سونهن جي نشاني سمجهي ويندي آهي تيئن ٻار ۾ ٽيلنٽ جو هجڻ معنيٰ ڦرڦر انگريزي جو ڳالهائڻ آهي. جيئن ماضيءَ ۾ ”فارسي گهوڙي چاڙه سي“ واري ڳالھ هوندي هئي، تيئن هاڻي انگريزي به ائين آهي. ان ڪري نصاب رڳو انگريزي ٻوليءَ ۾ هجن ۽ ٻار سنڌي سبجيڪٽ پڙهي، ان ڪرڻ سان ٻولي مري نه ٿي، پر ٻولي ڳالهائڻ وارو جيئي ٿو ۽ ٻولي ڳالهائڻ وارو جي رولنگ ڪلاس يا حاڪميت واري طبقي ۾ وسي رسي ٿو ته سمجهو ته ٻولي به وسندي رسندي رهندي، باقي ٻولي جون جيڪي ٻيون لوازمات يا گهرجون آهن، جن ۾ ريڊيو، اخبارون، ٽيلي ميڊيا، شوبز جي دنيا، يا وري ٻولي جو ڳالهائڻ، سمجهڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ ته اهي ٻين شين مان به پوريون ڪري سگهجن ٿيون، مثال جيڪي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر رهن ٿا ۽ انهن جا ٻار انگريزي، عربي، چيني، اطالوي، جرمن ۽ ڀارتي ٻوليون پڙهن ٿا ته به اهي ٻار سنڌي آهن، انهن جي شناخت يا ڊي اين اي ڪير به بدلائي نٿو سگهي، ڇو ته اصليت (اوريجن) بدلائڻ ممڪن ناهي. ان ڪري انگريزي نصاب جيڪي هاڻي وقت جي ضرورت آهن ۽ ٻار انهن نصابن ۽ نظامن کانسواءِ مارڪيٽ ۾ پاڻ اگهائي نٿو سگهي يا ممڪنه طور تي مارڪيٽ ۾، ادارن ۾ يا نوڪري ڏيندڙن جي دماغ ۾ اها ڳالھ ويهي ته سنڌي ٻار لاڙڪاڻي، سکر، دادو ۽ خيرپور ۾ رهي به انگريزي ٻولي ۾ تعليم وٺي سگهي ٿو، اتي جيڪي به اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن يا جيڪي به تعليمي ادارا آهن اهي ٻارن کي انگريزيءَ ۾ پڙهائين ٿا ته انهن وٽ پهرين ترجيح سنڌي ٻار کي نوڪري ڏيڻ هوندو، ان ڪري پوءِ ٻولي جون رنڊڪون (لينگوينج بيريئرز) نه هونديون، ڇو ته ٻار جيڪڏهن ڳالهائي ئي انگريزي ۾ ته پوءِ بس.

پهرين اهو ڏسڻ گهرجي ته ٻار ڪهڙي مارڪيٽ ۾ نوڪري ڳولهيندو، جي ٻار کي رڳو ماستر، پوليس وارو ۽ پٽيوالو ٿيڻو آهي ته پوءِ بس، ڇو ته انهن نوڪرين جي گهرج ٻار کان وڏا اسڪلز نه ٿي طلبي، پر جيڪي ٻار نيشنل ليول تي چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ ويهن ٿا انهن ٻارن جي سي- وي، تعليمي سندون ۽ ڪاغذ پَٽَ ان بنياد تي وڌيڪ نٿا جاچيا وڃن ته اهو ٻار يا ته ڪنهن سنڌي ميڊيم مان پڙهي مٿي ٿو اچي، پر ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي ٻار اتي ڪاغذ کنيو ويٺا هوندا آهن، اهي وڏي ڪنهن اداري مان پڙهي نڪرن ٿا، جتان انهن جي نصاب ۽ نظام کان وٺي انهن ٻارن جي انگريزي جي ٽريننگ ۽ ٻولي ڳالهائڻ جا اسڪلز سڌاريا وڃن ٿا. ٻار کي جيڪڏهن انگريزي ڳالهائي نوڪري وٺڻي آهي ته پوءِ ان کي انگريزي ميڊيم اسڪول ۾ پڙهايو وڃي، ان ٻار جي لاءِ اهي نصاب ۽ نظام هجن جيڪي قومي سطح تي رائج هجن، ان ڪري ته هڪڙو ٻار جيڪو ڪيمبرج سسٽم مان ڳريون فيون ڀري پڙهي نڪري ٿو يا اهو ٻار جيڪو فيڊرل بورڊ مان پڙهي پڄائي ٿو ۽ هڪڙو ٻار جيڪي اي ۽ او ليول مان نمبر کڻي مارڪيٽ ۾ سي وي گهمائي ٿو ته ان جي ڀيٽ ۾ اهو ٻار پوئتي رهجي ٿو جيڪو مورڳو سنڌي ميڊيم مان پڙهي نڪري ٿو. مثال اهو به وٺي سگهجي ٿو ته جيڪو ٻار ڪراچي جي وڏن اسڪولن مان پڙهي ۽ جيڪو ٻار ڪنهن سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڪچي جي ڳوٺن مان پڙهي نڪري ته ان ٻار کي انهن ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ ۾ تڪليف يا نوڪري وٺڻ ۾ ڏکيائيءَ کي منهن ڏيڻو ٿو پئي. ڇو ته ادارن وٽ اهي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون معنيٰ ٿيون رکن، جيڪي انگريزي نصاب ۽ نظام تحت هلن ٿيون، ان ڪري جي ٻار کي مارڪيٽ ۾ انهن ادارن جي لائق بڻائڻو آهي ته انهن اسڪولن ۾ نظام ۽ نصاب تبديل ڪرڻو پوندو.

اسان جو ان ڳالھ تي به زور هوندو آهي ته ٻار جڏهن سرڪاري اسڪولن مان سستي فين تي پڙهي نڪري ته اهو ٻار پوءِ طوفاني طرح انگريزي ٻوليءَ جا ڪورس ڪري، ڪمپيوٽر جا شارٽ ڪورسز ڪري، ڪميشن جا امتحان پاس ڪري، ڇهن مهينن ۾ انگريزي ٻوليءَ تي اهڙي دسترس حاصل ڪري جو وڃي ٿين خير، پر اهي شيون ممڪن ناهن، ان ڪري ته ڇهن مهينن ۾ انگريزي سکڻ ۽ اسڪول جي ٻارنهن سالن ۾ انگريزي سکڻ ۽ تربيت وٺڻ ۾ فرق هجي ٿو. وڏي ڳالھ اها به آهي ته ٻار ۾ جيڪي ليڊرشپ اسڪلز هجن ٿا، انهن جي ڳالھ وري انهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ڏي منسوب ڪري سگهجي ٿي جيڪي انگريزيءَ ۾ تعليم ڏين ٿا. انهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا ٻار ادارن جا سي اي اوز، پريزيڊنٽ ۽ اڳواڻ هجن ٿا، پر جيڪي ٻار ڳوٺن جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، انهن کي جيڪڏهن شروع ۾ انگريزي پڙهائي وڃي، انهن ٻارن کي انگريزي نصاب پڙهايا وڃن ته اهي ٻار به پنهنجي والدين جي لاءِ سُک جو باعث بڻجي سگهن ٿا. ڇو ته ٻار نوڪري ڪندو ته سُکي زندگي گذاريندو، معنيٰ ان ٻار کي چڱي چوکي نوڪري ملي ته پوءِ اهو ٻار گهر ۾ معاشي انقلاب آڻي سگهي ٿو ته پوءِ اهي ٻار معاشرتي سطح تي انقلاب برپا ڪري سگهن ٿا. حقيقت آهي ته جيڪي ٻار وڏن اسڪولن مان انگريزي پڙهي نڪرن ٿا، انهن ٻارن کي مارڪيٽ ۾ منهن ڏيڻ يا مقابلو ڪرڻ جي سگھ هجي ٿي، ادارن کي اهو ٻار کپي جنهن جو لهجو (ايڪسينٽ) انگريزي وارو هجي، باقي ته دال نٿي ڳري.

ٻولي جي خدمت رڳو لينوگئيج فيسٽيول ڪرائڻ ۾ ناهي، جتي ٻار جيڪو پڄي ٿو اهو ڀلي ڪجھ به هجي، پر معاشي سطح تي انتهائي ڪمتريءَ جو شڪار هجي ٿو. ٻار وٽ سرڪار يا ڪا سڻڀي نوڪري نٿي هجي ۽ جيڪي به شهري سيٽ اپ ۾ ادارا آهن اهي سڀ کان پهرين انهن ٻارن کي ترجيح ٿا ڏين جيڪي ٻار چڱن اسڪولن جا پڙهيل هجن ٿا، ان ڪري ته پروفائل ٻارن جي شارٽ لسٽنگ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا ۽ اهي ٻار جيڪي ڀلا پروفائل کڻي نوڪري جي ميدان ۾ لهن ٿا، اهي ملھ هڻي ٿا وڃن ۽ جيڪي ٻار ڳوٺن جا پڙهيل يا خاص سرڪاري اسڪولن جا پڙهيل هجن ٿا، اهي گوءِ ۾ پوئتي رهجي ٿا وڃن. ان ڪري انگريزي نصابن سان اسان پنهنجن ٻارن جا مستقبل محفوظ بڻائي سگهون ٿا ۽ انهن غريب طبقن کي غربت جي لڪير مان مٿي کڻي اچي سگهون ٿا، جيڪي چڱي نوڪري نٿا وٺي سگهن، جيڪي مقابلي جي ميدان لاءِ تيار ئي ناهن. اها ڳالھ به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ٻولي جو هجڻ معنيٰ سنڌي ماڻهن جو نوڪرين، واپار، ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي ميدان ۾ هجڻ به آهي. جڏهن سنڌي ماڻهو انهن ميدانن ۾ نه هوندو يا سنڌي ٻار رڳو ”اوڊ جابس“ معنيٰ گارڊ، پٽيوالو، ڊرائيور، چوڪيدار، چانھ وارو، مالهي، بورچي يا ڪنهن ادارن ۾ هيٺين ليول تي نوڪري ڪندو ته ٻولي به هيٺين سطح تي ڳالهائي ويندي ۽ مٿين سطح تي ٻولي جو هجڻ ممڪن نه هوندو ۽ خوشحاليءَ جو ريشو به سنڌي قوم لاءِ گهٽ هوندو.

پنجابي، پٺاڻ، ڪشميري، سرائيڪي ۽ ٻيون سنهيون ٿلهيون ٻوليون ڳالهائڻ وارا اردو ۾ پڙهي ڪراچي جي ادارن ۾ ان بنياد تي نوڪري وٺي ٿا وڃن ته انهن کي انگريزي اچي ٿي (گهڻي ڀاڱي) ۽ انهن جا نصاب، نظام ۽ تعليمي بورڊ نسبتن چڱا آهن، ان ڪري ته پنجاب جي بورڊ جا نصاب سنڌ جي بورڊ جي نصابن کان مڙئي ڪجھ بهتر آهن. ڀلا جيڪي پرائيويٽ اسڪول آهن، انهن وٽ سنڌي ميڊيم واري تعليم ناهي، پر انهن وٽ رڳو سنڌي سبجيڪٽ آهي ته ڇا اهي ٻار سنڌي ناهن يا مورڳو سنڌي ميڊيم ۾ پڙهائڻ سان ٻار کي مارڪيٽ ۾ نوڪري لاءِ تيار ڪري سگهجي ٿو، پر اها دعويٰ غلط آهي. ٻار جڏهن پنهنجون ڊگريون کڻي مارڪيٽ ۾ نوڪري لاءِ اچي ٿو ته سڀ کان پهرين ان ٻار جي تعليمي بورڊن تي نظر ٿا وجهن، ته ٻار ڪٿان جو پڙهيل آهي، اها ٻي ڳالھ آهي ته ادارن ۾ ڪوٽا سسٽم هجي ته ڪيترا ٻار ڪهڙين ٻولين ڳالهائڻ وارا هوندا ۽ ڪٿان ڪٿان جا هوندا ان ڪري ته ادارا جڏهن وفاقي ۽ صوبائي آهن ته نوڪريون به ان بنياد تي ورهايون وڃن، پر هتي نظام ابتا آهن، جيڪي ٻار چڱن اسڪولن مان پڙهي نڪرن ٿا انهن کي پهرين ترجيح تي نوڪريون ملن ٿيون ۽ جيڪي ٻار سرڪاري اسڪولن جا پڙهيل هجن ٿا، اهي رهجي ٿا وڃن، انهن کي نوڪريون نه ٿيون ملن، جنهن جو سبب ٻار جو نصاب ۽ نظام آهي. جيڪي ٻار چڱي انگريزي ڳالهائي ڄاڻن ٿا، انهن کي سيٽ واري نوڪري ضرور ٿي ملي، ان ڪري سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ هر ٻار ان ڳالھ جو خواهان هجي ته ان کي به چڱي سيٽ واري نوڪري ملي ۽ اهو به پنهنجي پيءُ ماءُ جي لاءِ سُک جو باعث بڻجي ته پوءِ اهو به ان ڪري ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ان ٻار کي انگريزيءَ ۾ تعليم ملي ۽ ان ٻار کي چڱي نظام ۽ نصاب واري تعليم هجي جنهن ۾ ٻار جو پروفائل هاءِ هجي، اهو ٻار پوءِ معاشري جي لاءِ به ڪاگر ثابت ٿئي ۽ جيڪڏهن اهو ٻار وڏي سطح تي ويهندو ته ٻولي به مٿين سطح تي ڳالهائي ويندي ۽ ٻولي جا ناماچاري به ٿيندي.