بلاگنئون

احتجاج به ڪجن، پر عام خلق ڇا ڪري؟

ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط آهي، ڪير رياست جي پٺڀرائي ۾ رڌل آهي يا ڪير عوام سان سچو آهي ۽ ڪير عوام سان سچو ناهي. جڏهن سياسي پارٽيون پاڻ اقتدار ۾ هجن ٿيون ته ڪير ڪنهن جي ڳالھ نٿو ٻُڌي ۽ ڪير ڪهڙي صوبي جي آڌار تي سياست ٿو ڪري، سو به هيل تائين قومي سياست ۾ بلڪل واضح ٿي چڪو آهي، پر اها ڳالھ به سمجھ کان بالاتر آهي ته احتجاج پي ڊي ايم جا صحيح هئا يا هاڻي جيڪي پي ٽي آءِ وارا ڪن ٿا اهي صحيح آهن، ڪرپشن جا ڪيس معاف ڪرائي وزيراعظم بڻجڻ صحيح آهي يا ڪيس وڙهڻ ۽ جيل ڪاٽڻ صحيح آهي، ماڻهو ته خير ورهائجي ٿا وڃن، پر اصولي سياست ڪرڻ وارا به ڄڻ لٺ ۽ چٺ ڏسڻ سان ڀڄي وائکا ٿي ٿا پون پوءِ عام خلق ڪاڏي وڃي. ڳالھ وري به پي ٽي آءِ جي ڪبي ته هنن جي سياست ۾ پائيداري، پختائي ۽ پڪائي ناهي، هنن جڏهن به سياست ڪئي آهي تڏهن هڪ شخص جي سياست ڪئي آهي، ان ڪري جو ڪي پي جا ماڻهو شخصيت پرستيءَ واري سياست ۾ لاڳيتو ورتل رهيا آهن. ان سبب خاص ڪي پي ڪي صوبي جي بي لغام ڪارڪن جي سياست رڳو عمران خان جي چوڌاري پئي ڦري، جيڏانهن عمران خان تيڏانهن ڪي پي ڪي جا ڪارڪن، پوءِ جيڪو ٿيو، هن دفعي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن (وزيرن) ته پاڻ ئي ليڪا ڪڍي ڇڏيا، ڇو ته ڳالھ گهڻي چٽي ٿي بيٺي جو 9 مئي کانپوءِ پنجاب جي سياست مان ڪيترا ڪارڪن (وزير) عمران خان جي لاءِ اٿي بيٺا ۽ ڪيترا لساني اثر ۾ ڪي پي مان نڪري نروار ٿيا ۽ خاص ڪارڪن جن جي مٿان عمران جو هٿ هو يا جن تي ناز ڪندو هو سي ڇڏي ڀڄي ويس، پر جيڪي به پنجاب جي پي ٽي آءِ جي سياست مان نڪري چڪا، اهي هاڻي سڀ جا سڀ سني ڪائونسل جا ميمبر آهن، اندر ئي اندر نون ليگ جا حامي آهن ۽ ڪيترائي پيپلز پارٽيءَ سان گڏ بيٺا آهن، ان ڪري جو پي ٽي آءِ جي سياست اصولن تي ٻڌل ناهي.

هاڻي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف کي “انتشار پسندن ۽ تخريبڪارن” جي پارٽي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اها به ڳالھ گردش ۾ آهي ته مستقبل ۾ “رياست مخالف احتجاج” کي روڪڻ لاءِ مخالف ڌر جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪرڻ ۽ ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي فيصلي تحت ڪا نئين فورس ٺاهي وڃي، جيڪا مرڪز ۾ رڳو وڳوڙين کي مُنهن ڏيندي. مرڪز هاڻي پي ٽي آءِ جي سياست مان ان ڪري به تنگ آهي ته اهي صرف رياست مخالف سياست ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اهي هلي هلي ڄڻ ليفٽسٽ ٿي ويا آهن، ان ڪري جو ڪي پي جا سڀ ڪارڪن جيڪي لساني جماعتن ۽ طالبان جي ٽولن ۾ شامل هئا، سي وري هاڻي منظور پشتين سميت پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ لهي آيا آهن، ۽ هر مهل مرڪز ۾ باھ ٻاريو بيٺا آهن. هن پارٽي تي پابندي ته خير نه لڳندي، پر اڃان به ڌڙن ۾ ورهائجي ويندي جو سڀاڻي هن جي شيرازو ميڙڻ ۾ صديون لڳي وينديون. مرڪز جو اهو به فيصلو آهي ته عمران خان جي زال بشريٰ بيبي ۽ خيبر پختونخواھ جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن، ڇو ته پي ٽي آءِ جي ان خوني مارچ جيڪو پشاور کان شروع ٿي اسلام آباد ۾ پرتشدد مظاهرن بعد ڇڙوڇڙ ڪيو ويو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مارجي ويا، ڇو ته انهن جو مقصد بي مقصد هو.

ڪي پي ڪي جو وزيراعليٰ ته مخالف ڌر جي سياست کان هاڻي مٿي چڙهي ويو آهي، اهو هاڻي کاٻي ڌر جو نمائندو ٿو لڳي، جيڪو عسڪري ادارن سان به سينو ٿو ساهي. ڀلا جيڪا ڳالھ ڳالهين ذريعي طئي ٿي سگهي ٿي، ان جي لاءِ خوني مارچن جي ڪهڙي ضرورت هئي. هنن ڪي پي مان اپريل 2022 کان وٺي مسلسل اهڙا مارچ ڪيا ۽ اهڙي سياست ڪئي جنهن جو ڪو کڙ تيل نٿو نڪري ۽ جنهن جي ڪري هر دفعي ڪيترائي ڪارڪن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ماڻهو به مارجي ٿا وڃن ۽ ماڻهو سمجهن ٿا ته هنن جي سياست ڪنهن ڪم جي ناهي. مثال طور: جي ماضي ۾ جهاتي پايون ته زرداري صاحب ۽ نون ليگ جي مين قيادت به ته جيل ڪاٽي چڪي آهي، پر انهن سياست تي سمجهوتو ڪيو ۽ ڳالهيون ڪري رياست کان معافي تلافي وٺي، ڪڏهن ملڪ مان فرار ٿي ويا ته ڪڏهن پنهنجي سياست بچائي ويا ۽ اهوئي ممڪن رستو آهي، باقي خون ريزي مان ڪو فائدو ناهي. ان ڪري ته هي سياسي پارٽيون بنگلاديش وانگي ڪا سياسي تحريڪ نٿيون هلائي سگهن، جنهن ۾ مٿي ڦاٽل ڪارڪن نڪري اچن، شاگرد تحريڪ ڪا مُنهن ڪڍي، پر بنگلاديشي شاگرد انقلاب جي لاءِ خون وهائڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا، جيڪي سمجهن پيا ته جيڪڏهن شيخ حسينه واجد بنگلاديش ڇڏي هيليڪاپٽر ۾ ڀڄي نه وڃي ها ته هي سڀ انهن جي سرڪاري گهر ۾ گهڙي کيس ساڙي ماري به ڇڏين ها، جيئن هنن آگسٽ 1975 ۾ سندس پيءُ سان ڪيو هو. ان ڪري جنهن مقصد جي لاءِ هنن بنگالي شاگردن تحريڪ هلائي هئي سان سڦل ٿي ۽ جيڪي چاهين پيا سو ٿي ويو ۽ ان مقصد جي لاءِ هنن سينن تي گوليون سهي آخر شيخ حسينه واجد کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ پنهنجو مقصد ماڻي ويٺا، پر جي اهي ڀڄي وڃن ها ته مقصد حاصل نه ٿئي ها ۽ رياست سان ٽڪر  نه کائي سگهن ها، ان ڪري ته اهي پنهنجن ارادن ۾ اٽل هئا، اهي پي ٽي آءِ وانگي نه هئا، جن کي ٻه گوليون لڳيون ته ميدان ڇڏي ويا.

حالانڪه عمران خان عليمه خان ۽ پنهنجي گهرواري بشريٰ بي بي کي اجازت ڏني هئي ته وڃي ڌرڻو هڻو ته جيئن رياست کي بليڪ ميل ڪري سگهجي ۽ هو سڀني ڪيسن تان هٿ کڻي وڃن، پر هي ملڪ نه بنگلاديش آهي، نه هي ملڪ ڪو ويٽنام آهي، هن ملڪ ۾ نه چي گويريا آهن، نه هن ملڪ ۾ مائوزي تونگ آهن، نه هن ملڪ ۾ ڪو روسي انقلاب ايندو، نه هي ملڪ ايران آهي ۽ نه هن ملڪ ۾ ڪو خوني انقلاب ايندو، نه هن ملڪ جي ماڻهن کي ڪنهن صورت ديني ۽ دنياوي معاملن ۾ آڻي بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته هن ملڪ جي گهر گهر ۾ سياست، مذهب ۽ رياست جا حامي گروهن گروهن ۾ ورهايل آهن، انهن کي هڪ پيج يا هڪ ڳالھ تي بيهاري نٿو سگهجي يا چئجي ته سڀاڻي مذهبي انقلاب برپا ٿي ويندا، سڀاڻي هن ملڪ ۾ ڪو معاشي يا معاشرتي انقلاب ايندو. ڇو جو هتي هڪ صلاح ڪنهن جي ناهي ۽ ڪير ڪنهن جو بنيادي طور حامي يا ناصر به ناهي، ماڻهن ۾ نفسانفسي گهڻي ٿي پئي آهي. ان ڪري مرڪز ۾ جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گوليون هلايون ته سڀ ڀڄي وڃي ڪي پي ڪي پهتا ۽ عليمه خان ۽ بي بي بشريٰ ۾ اڻوڻت شروع ٿي وئي ته تون ڪنٽير تان نه لهين ها يا “تون ڇو لٿينءَ” هاڻي اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ڪاڏي وڃي ۽ ڪنهن جي پاسي ٿي بيهي؟ جو ليڊر پاڻ ۾ به طئي ڪري نٿا نڪرن ته ڪرڻو ڇا آهي؟

اها حقيقت مڃون ٿا ته جڏهن چڱا مڙس ۽ عورتون به حق سچ جي لاءِ نٿيون ڳالهائي سگهن، جڏهن معاشي ۽ معاشرتي حقيقتون اڻپوريون هجن، جڏهن سالميت ۽ سچي ڪردار جي ڪا اهميت نه هجي، جڏهن قومي سالميت کان ذاتي انا ۽ نفسانفسي جو تحفظ وڌيڪ اهم هجي ته پوءِ روڪڻ لاءِ ڪجھ به ناهي بچندو، تڏهن ظلم جي فتح اڻٽر هوندي آهي، ماڻهن ۾ پوءِ انقلاب جون ڇسيون ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن ۽ پوءِ انقلاب روا نٿو ٿي سگهي، رياست وڌيڪ آمريت پسند رويو اختيار ڪريو وٺي ۽ ماڻهو رياست جي غضب ۾ مبتلا ٿي ٿا وڃن، اهي اندروني تڪليفن مان گذرن ٿا، ليکاري ڀلي قلم کي ڪاغذ تي رکي درد چٽي، پر رياست سان ٽڪراءُ ڏکيو ٿي ٿو پئي ۽ انهن سڀني حڪمران طبقي جي فائدي لاءِ قوم جو مستقبل سخت خوفزده ٿي ٿو وڃي. ان ڪري سياسي بي نيازي لهي ٿي پئي، سياسي اجتماعي خودڪشي جاري رهجي ٿي وڃي، حڪمران ۽ اشرافيه ڪلاس پاران انڪار رياست جي قانون ۽ آئينن جو انڪار غريب عوام جي ڳچيءَ ۾ ٿو پئي، سياستدان ذاتي تعريف ۽ ٺڳيءَ جي شعوري ڪوشش ڪندا ٿا رهن، ان ڪري سماجي تباهيءَ جو اهو طريقو اسان جي رياست ۽ سماج جي اڻ اوسر جو سبب بڻجندو ٿو وڃي. اراسمس دي پريز آف فولي (1509) ۾ لکي ٿو ته: “انهن وٽ (سياستدانن) جيتري صلاحيت گهٽ هوندي آهي، اوترو ئي انهن ۾ غرور، جهالت ۽ وڏائي هوندي آهي، پر اهي سڀ بيوقوف، ٻيا بيوقوف ڳوليندا وتندا آهن، جيڪي انهن جي واکاڻ ڪندا رهن.” ڇو ته اقتدار جي بکايل سياستدانن جو هڪ ناجائز اتحاد، گندي رياست جي سازشن کي جمهوري محاذ فراهم ڪندو ٿو رهي. حيرت اها به آهي ته ڪي پي جون حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جي گورنر راڄ لڳي، پر لڳندو نه، ان ڪري ته جمهوري ادارن جي حالت هاڻي ڪنهن به صورت اهڙي حالت کي برداشت ڪرڻ جهڙي ناهي ۽ رياست ۾ به دم ناهي ته اهي ڪجھ ڪري سگهن، ان ڪري ڪامياب ڳالهيون ئي سياست جي پائيداري آڻي سگهن ٿيون. بهتر آهي ته وقت جي حڪومت به انهن سڀني ڪيسن کي ترت اڪلائي جنهن ۾ سياسي پارٽين کي رليف ملي ۽ اهي سمجهن ته رياست انهن سان انصاف جون سڀ گهرجون پوريون ٿي ڪري ۽ سياست هاڻي صحيح پير تي آهي.