انساني تاريخ جو وڏو سچ اهو آهي ته طاقتور هميشه صحيح هوندو ۽ ڪمزور هميشه غلط. دنيا ارتقائي مرحلن مان گذرندي سماج کي ڪنهن حد تائين بهتر ضرور ڪيو آهي، پر ڳالهه کٽي وري به اتي ٿي ته طاقتور ۽ ڪمزور ٻه الڳ الڳ مخلوق آهن. پوئتي پيل ملڪن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ترقي يافته ملڪ پڻ انهيءَ بيماريءَ ۾ وڪوڙيل آهن، ڀلي کڻي هو ڪيترو به پاڻ کي مساوات جا علمبردار سمجهن، پر سندن سماج جي فيصلن جي پڄاڻي پڻ اهائي ٿئي ٿي جيڪا هڪ پوئتي پيل ملڪ جي سماج اندر ٿي رهي آهي، يعني ڏاڍو ڏوهه ڪري ته سزا کان بچي وڃي، پر ڪمزور ڪڏهن به بچاءُ جو حقدار نه رهندو آهي. چاهي پنهنجو ملڪ پاڪستان هجي يا دنيا جي حقن جو “علمبردار” يونائيٽيڊ نيشن آف آمريڪا (USA) ٻنهي ملڪن اندر ۽ اهڙي نموني سان پوري دنيا جي سڀني ملڪن ۾ اها ريت قائم دائم رهندي ٿي اچي ۽ ايندڙ وقت ۾ به ختم ٿيندي نظر نٿي اچي ته ڏاڍو ۽ ڪمزور برابر آهن.
ملڪ آمريڪا بهادر مان خبر آهي ته موجوده صدر جوبائيڊن پنهنجا صدارتي اختيار استعمال ڪندي هڪ شخص کي جنهن کي ڪورٽ آف لا ڏوهاري سمجهي سزا ڏني هئي اها سزا معاف ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو ان کي آئيني اختيار پڻ مليل آهي، پر خبر جي حساسيت ان وقت محسوس ٿي جڏهن ان معاف ٿيندڙ ڏوهاري جو تعلق موجوده صدر جوبائيڊن سان نڪتو، جي ها! ڏوهاري جوبائيڊن جو فرزند ارجمند هنٽر بائيڊن آهي، جنهن جي ڏوهه جي سزا معاف ڪئي وئي آهي، جنهن تي الزام ثابت ٿيو هو ته هن اسلحو خريد ڪرڻ وقت جيڪو قسم نامون ڏنو ته هو نشي جو عادي نه آهي، پر پوءِ خبر پئي ته هن ڪوڙو قسم نامون داخل ڪرائي اسلحو خريد ڪيو ۽ هو نشي جو عادي آهي، انهيءَ ڏوهه ڪرڻ تي کيس آمريڪا جي ڪورٽ آف لا سزا ٻڌائي جيڪا سزا جوبائيڊن معاف ڪري ڇڏي، ڇو ته هن وقت جوبائيڊن وٽ صدارتي اختيار آهي اهو اختيار هن کي آمريڪا جي قانون ڏنو آهي ۽ کيس آمريڪا جي ماڻهن چونڊيو آهي. آمريڪا جي ويجهي تاريخ تي نظر وجهون ته جوبائيڊن اهو پهريون صدر نه آهي جنهن پنهنجي عزيزن جي سزا معاف ڪئي هجي. هن کان پهرين نئين چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ جيڪو 2016 کان 2020 تائين پڻ آمريڪا جو صدر رهي چڪو آهي، ان پڻ 73 ماڻهن جي سزا معاف ڪئي هئي جن کي آمريڪا جي ڪورٽن ڏوهه جو ڏوهاري سمجهي سزا ڏني هئي ۽ ان ۾ ڪجهه سندس ويجها واسطيدار ۽ عزيز پڻ شامل هئا. ڳالهه صرف اتي ختم نٿي ٿئي، پر ڪلنٽن جنهن تي مونيڪا اسڪينڊل پڻ آيو هو ان پنهنجي ڪزن جي سزا پڻ معاف ڪئي هئي. جوبائيڊن هن وقت آمريڪي ميڊيا جي تنقيد جو نشانو بڻجي رهيو آهي ۽ سندس اها خبر پوري دنيا ۾ گردش ڪري رهي آهي.
شايد اها ترقي يافته ملڪ جي ماڻهن لاءِ وڏي خبر هجي، پر اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ اهو عام ڪاروهنوار آهي ڪنهن به ڏاڍي ماڻهو کي پاڪستان جي قانون ڪڏهن به سزا نه ڏني آهي، ڀلي هو کڻي قتل ڪن اهڙا اسان وٽ کوڙ مثال موجود آهن، پهرين ته طاقتورن تي ايف آءِ آر نه ڪٽبي آهي جيڪڏهن ايف آءِ آر ڪٽجي وئي ته پوليس کين آجو ڪري ڇڏيندي آهي، پر جيڪڏهن پوليس سندس نالو الزام آيل ماڻهن ۾ شامل ڪيو ته پوءِ اهو طاقتور ماڻهو ڪورٽن مان جان آجي ڪرائي ويندو ۽ پوءِ به جيڪڏهن عدالت کيس سزا ڏئي ٿي ته مالڪن تي دٻاءُ وجهي انهن کي لٺ ۽ چٺ ڏيکاري انهن سان ٺاهه ڪري وٺندو آهي، ان سان گڏ اسان وٽ جرڳائي نظام پڻ نانگ وانگر ڪر کنيو بيٺو آهي جنهن ۾ ڪنهن به ڏوهاري کي سزا نه ايندي آهي، بس کين ڏوهه جو ڏنڊ ڀري ڏيڻو پوندو آهي. ناظم جوکيو جو ڪيس هجي، نصرالله گڏاڻي جو ڪيس هجي، فاطمه ڦرڙو جو ڪيس هجي يا ام رباب چانڊيو جو ڪيس هجي ڪيس ڀلي ڪورٽن ۾ هلندا رهن، پر طاقتورن جو وار ونگو نه ٿيندو نه ئي ٿيو آهي، اهو آهي پوري دنيا جو قانون. طاقتور ڏوهاري هجي ته به معصوم، ڪمزور بيگناهه هجي ته به مجرم. اها ريت ڪڏهن ٿي تبديل ٿئي وقت ٻڌائيندو.