شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سموري شاعري عشق ۽ حُسن سان ڀرپور آهي. اهي جذبا ظاهر به آهن ته باطن ۾ به آهن يعني اهي جسماني به آهن ته روحاني به آهن، ان ڪري ئي سندس شاعري ازل کان اڄ تائين جيئن جو تيئن قائم ۽ دائم آهي. هن لافاني شاعر ڪائنات جي حسين جلوَن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو آهي. حُسن زندگيءَ جي قيمتي هجڻ جو احساس ڏيارڻ سان گڏ خيالن ۾ نواڻ ۽ سوچ ۾ سليقو پيدا ڪري ٿو. شاهه سائينءَ جي هر سُر ۾ حُسن جي پاڪيزه جذبي جو صداقت سان ڀرپور اظهار ملي ٿو. سُر ڪلياڻ ۾ فرمايو اٿس ته:
پاڻهين جل جلاله پاڻهين پاڻ جمال
پاڻهين صورت پرينءَ جي پاڻهين حُسن ڪمال
پاڻهين پير مريد ٿئي پاڻهين پاڻ خيال
سڀ سڀوئي حال منجهان ئي معلوم ٿئي.
اصلي حُسن ته الله جل جلاله جو آهي باقي دنيا جا سڀ حسين ان حقيقي حُسن مان ذري ذري ٿي ورهايل آهن، يعني سڀئي سهڻا ۽ حسين ان اصل حُسن جو آئينو آهن. دنيا جا انسان سندس حسُن جو عڪس هجن ٿا. جيڪڏهن انسان وسيع نظر ڪري ته حقيقي حُسن سمجهه ۾ اچي وڃي. ڀٽائيءَ وٽ حُسن طالب جي پنهنجي اندر يعني وجود ۾ غور و فڪر ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو جنهن بابت سر ڪلياڻ ۾ هيئن فرمايو آهي ته:
علتي آرام پسي علت آئيو
حُسن جو حق ٿيو خامي ڀانئي خام
اچي ٿيا اسلام ڪفر ڪافر پاڻ ۾.
جيڪا جنهن جي عادت آهي اها پنهنجي عادت پوري ڪندو جيڪو پاڻ کي ناقص سمجهي ٿو اهو حقيقي حُسن کي به ناقص سمجهڻ لڳي ٿو ڇو ته هو پنهنجي عادت کان مجبور آهي. مرشد لطيف ظاهر اکين بجاءِ اندر جي اکين سان ڏسڻ جي تلقين ڪري ٿو، ڇو ته ظاهر واريون اکيون دوکو ڏيئي وجهن ٿيون، پر باطني اکيون حقيقت جي بلڪل ويجهو هجن ٿيون. سُر ديسي ۾ فرمايائين:
ٻانڀڻ ٻيٽي آهيان پريٽن پالياس
حُسن هوت پنهونءَ جي ماري موت وڌياس
جانڪيتا جيندياس پوندس ور وصال جي.
سسئي جي اقرار موجب مان بيشڪ هڪ ٻانڀڻ جي ڌيءَ آهيان جنهن کي ڌوٻين ۽ کٽين پالي وڏو ڪيو آهي، پر مون کي هوت پنهونءَ جي حسن ماري مات ڪيو آهي مان جيستائين جيئري آهيان تيستائين سندس وصال جي منتظر آهيان. ياد رکڻ گهرجي رقص حسن ۽ جواني جا جلوا سدائين نه رھندا آهن مولانا رومي فرمائي ٿو ته:
حيرتي بايد ڪي، روبد فڪر را و ذڪر
خورد حيرت فڪر را، و ذڪر را.
معنيٰ اھا حيرت آهي، جيڪا فڪر (سوچ سمجھه) کي کايو ختم ڪريو ڇڏي، حيرت ئي آهي جيڪا ذڪر و فڪر کي ڳهي ختم ڪريو ڇڏي. مرشد لطيف جي به اهڙي شاهدي آهي ته:
حوصلو حيرت ۾، ڪري ڪين درڪ،
حسن سندو حق، ڪور پروڙي ڪينڪي
مطلب ته حيرت واري مرحلي ۾ سمجھه (حقيقت جي) ادراڪ (سڃاڻپ) کان عاجز ٿي پوي ٿي، حقيقي حسن جو حق، (پوري پرک) جيڪو انڌو آهي، (معرفت جي رستي کان اڻ واقف) ادا نٿو ڪري سگهي، سلوڪ جي راھ ۾ ڪيترائي مرحلا آهن، حسن جي حيرت انهن مان هڪ آهي، عام طور سالڪ کي خدا جو قرب، ذڪر فڪر سان حاصل ٿئي ٿو، مگر حسن جي حيرت واري منزل تي، سالڪ الاهي تجليات جي ڪثرت سبب، ڪا تميز نٿو ڪري سگهي. سُرُ حسيني، داستان ٻيو، وائي 1 ۾ ڀٽائي سرڪار فرمائي ٿو:
شاديءَ جو سِينگارُ، آيَلِ! مَرَڪُ مُنهِجو مُون پِرِين.
سمجهاڻي: اي جيجل! منهنجو پرين منهنجي خوشيءَ جو ڳهڻو ۽ فخر آهي. هو منهنجي ڳچيءَ جو زيور آهي، اهو هار چمڪاٽ پيو ڇڏي. اُگهاڙين يعني جن کي ڪجهه ناهي، تن لاءِ جانب جو وجود ئي جنسار آهي. اي پرين! تون ئي فاقن جي ستايلن لاءِ اُچو کاڄ آهين، عيد ۾ محبوب جو ديدار هڪ اعليٰ ۽ پاڪ مشاهدو آهي. پنهونءَ جو حسن سارو ڪيچ رنڱي لال ڪري ڇڏيو آهي ۽ اُن رڃن ۾ راحت آڻي ڇڏي ۽ وڻڪار کي خوشبوءَ سان، پر ڪري ڇڏيو اٿس. جبل هٻڪارون مڪيون ۽ چوطرف ڦلجي ويئي آهي. سندس نالي تان ڪروڙين قربان ٿيا آهن. هيءَ ٻانهي دائم سندس شوڪت جي اسير قيدڻ آهي. جنهن گهٽيءَ مان منهنجو آڌار پرين اچي، تنهن تان مان سارو گهر تڙ قربان ڪري ڇڏيان. اي سرتيون! (شاهه لطيف ٿو چوي) مون کي دل جو ٺار مليو آهي.
حوصلو حيرت ۾ ڪري ڪين درڪ،
حسن سندو حق ڪور پروڙي ڪينڪي.
سر آسا جي هن بيت ۾ شاھ سائين معرفت جي رستي ۾ مقام حيرت جي ڳالھه ڪئي آھي، مقام حيرت سلوڪ جي سڀ کان مٿئين منزل هوندي آھي. سالڪ کي جڏهن حقيقي حسن جو ادراڪ حاصل ٿيندو آھي، تڏهن هن جو هوش عقل بيوس بڻجي ويندو آھي. جڏهن ان مقام تي سالڪ کي ئي حيراني ۽ پريشاني وٺي وڃي ٿي ته پوءِ ات ڪور معنيٰ انڌو (معرفت جي راهه جو اڻواقف) ماڻھو ان حسن جي مشاهدي جي ڪهڙي وضاحت يا حق ادائي ڪري سگهندو. ان حيرت جي مقام کي عارف ۽ ڪامل انسان ئي پروڙي سگهي ٿو ۽ عارف جو منسب ان صوفيءَ يا سالڪ کي نصيب ٿيندو آھي جنهن جي دل جي دري کلندي آھي. بيشڪ دل يا قلب خدا جو گهر آھي.
حوصلو حَيرَتَ ۾ ويڇُون ٿِي وِئو
حُسنُ حَقَ سَندو، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِي
حيرت (جي حالت) ۾ پھچڻ سان عقل پرزا پرزا ٿي وڃي ٿو، انھيءَ ڪري (جيڪو معرفت جي رستي تي ھلندڙ ناھي) جيڪو انڌو آھي، اھو حقيقي حسن کي ڪيئن سڃاڻي سگهندو. عورت دنيا ۾ حسن جي ديوي آهي ان ڪري دنيا جي هر شاعر عورت جي محبت وفا سچائي ۽ حسن جي اظهار جو بهترين نمونو ڪري پيش ڪيو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف رح عورت کي اعليٰ مقام ڏيئي حسن جو خدا چيو آهي ۽ سندس همت جرئت سونهن ۽ سوڀيا جي ڀرپور ساراهه ڪئي آهي، سر مارئي ۾ فرمائي ٿو:
سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿئوم،
وڃڻ تت پئوم، جت هلڻ ناهي حسن ري.
مارئي عمر سومري اڳيان شڪايت ڪندي چوي ٿي ته اي سومرا منهنجي اصلي سونهن ۽ حسن برباد ٿي چڪو آهي. منهنجو منهن ميرو ٿي ويو آهي مون کي وري به اتي وڃڻو آهي جتي حسن ۽ سونهن کانسواءِ پهچڻ ناممڪن آهي. حسن جي انهيءَ اتم ادراڪ کي ڀٽائي سر مارئي ۾ وري هن ريت بيان ڪيو آهي: