بلاگنئون

وسيم سومرو جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري جو اڀياس

ادبَ جي خاص ڀاڱَي شاعريءَ ۾ منظر نگاري جي هڪَ وڏي اهميت رهي آھي. منظر نگاري جا شاعريءَ ساهه وجهي ٿي، بحر وزن، رديف، قافيي سميت سڀئي عنصرَ منظر نگاريءَ کانسواءِ شاعريءَ کي زنده رکي نٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته اُن بابت ڪيترائي مثال اسان جي سامهون آھن، روايتي انداز واري شاعري (جيڪا گذريل وقت ۾ ٿي) اُن ۾ بحر وزنَ سميت ٻيون فني گهرجون ته پوريون هيون، پر منظر نگاري جي اڻاٺ جي ڪري اُها شاعري اڄ اسان وٽ موجود هجڻ باوجود ائين سمجهو موجود ناهي. ماحول ۾ جُڙندڙ مختلف منظرن کي شاعراڻي اکَ سان انهيءَ جا سڀئي پاسا جاچَي، جيئن جو تيئن چٽَي عڪسِي انداز ۾ ظاهر ڪري شاعريءَ ۾ سمائڻَ کانپوءِ ئي شاعري، شاعري بڻجَي ٿي. منظر نگاري سان شاعريءَ ۾ تخليقي رنگت نکرڻ سان گڏ هڪ ٻئي شيءِ جيڪا سامهون اچي ٿي، اُها مشاهدي جي پرک آھي. هڪ شاعر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن منظر نگاري برقرار رکڻي آھي ته اُن لاءِ مشاهدي جو وسيع هجڻ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. مثال: “جيئن هڪ وڻ تي هڪ پکي ويٺو آھي، هي نظر جو ڪمال چئجو، پر مشاهدي جو ڪمال هي چئبو جو وڻ تي ويٺل پکيءَ جي اندرين ڪيفيت سان گڏ ٻاهرين ماحول کي به منظر نگاريءَ سان شاعريءَ ۾ اظهار ڪري”، پر جيڪڏهن مشاهدو نه هوندو ته هو صرف، اُن پکيءَ جو ئي ذڪر ڪندو جنهن کي هُن وڻ تي ڏٺو هو. تنهنڪري منظر نگاريءَ لاءِ مشاهدي جو هجڻ گهرج سان گڏ لازمي پڻ آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ منظر نگاري يا عڪس چٽڻَ جو فن پارو شاعرِ سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽان ملي ٿو. لطيف سائين پنهنجي سڀئي سرن ۾ منظر نگاري جي فن کي ڏاڍي باڪمال انداز سان پيش ڪري ٿو، جيڪو لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جو حسِين ڳُڻ آھي. منظر نگاري کي نروار ڪندي لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو ته، “ساٿين ڪريو سڏڙا، لڪ چڙهيو رڻ روءِ” جڏهن هن سٽ تي پهچون ٿا ته تڏهن اکين اڳيان هڪ منظر چٽو ٿي وڃي ٿو يا جڏهن، “ويڄ ورائي ٻانهن، چوري چاڪ نهاريا” پڙهون ٿا تڏهن به هڪ منظر اکين اڳيان چٽو وڃي ٿو. هيءَ منظر نگاري بيتن ۾ اڄ به نظارن کي زنده ڪيو بيٺي آهي. لطيف سائينءَ هر ڪردار کي منظر نگاريءَ سان پيش ڪيو آھي. منظر نگاريءَ جي فن جي ڳالهه جڏهن به جديد شاعريءَ تي آئي آھي ته، اُها ڳالهه ڀروسي ۽ پڪ سان چئبي ته منظر نگاريءَ جي فن کي جديد شاعريءَ ۾ تمام گهڻي هٿي ملي آھي. شيخ اياز کان وٺي سنڌ جي سڀني جديد شاعرن جهڙي نموني پنهنجي شاعريءَ ۾ منظر نگاري سهيڙي اُها ڳالهه يقينن سنڌي شاعريءَ لاءِ ڀاڳ جيان آھي. منظر نگاري جي فن کي هاڻوڪي دور ۾ جيڪي جيڪي شاعرَ زنده رکيو اچن ٿا اُنهن ۾ وسيم سومري جو نانءُ به اهم ۽ مٿانهون آھي. وسيم سومرو جديد ٽهي جو اُهو شاعر آھي، جنهن جي شاعريءَ ۾ منظر نگاريءَ جي سونهن ڏاڍي نرالي ۽ نواڻ سان ڀرپور ملي ٿي. مون جيڪو محسوس ڪيو آھي ته وسيم سومري جي شاعريءَ خاص ڪري ڊگهو پنڌ منظر نگاري جي ڪري ئي ڪيو آھي، ڇو جو منظر نگاري ۾ هر گذري ويل وقت سان گڏ، ايندڙ وقت جي خوبصورتي سمايل هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته شاعري ۾ جيڪڏهن پنهنجي دور سان گڏ ايندڙ دور جي عڪاسي ٿيل آھي ته اُها شاعري، شاعريءَ جي سفر ۾ ڊگهو پنڌ ڪري سگهي ٿي.

شاعر ماحول ۾ ٿيندڙ هر چرپر تي نظر رکندڙ اهڙو فرد آهي، جيڪو ماحول جي منظرن کي شعري حسناڪيءَ سان چٽي، اُن ۾ ٿيندڙ، سڀني وڻندڙ توڙي اڻوڻندڙ حادثن تي اهڙي نموني لکندو آھي جيئن هڪ چترڪار ڪاغد تي ڪا تصوير ٺاهي، شاعر به هڪ چترڪار ئي آھي جيڪو لفظن ۾ ساهه وجهي ٿو. منظر نگاري جي حسناڪي وسيم سومري وٽ ڪيتري نرالائپ رکي ٿي، اُنهيءَ ڳالهه جو ثبوت وسيم سومري جو هر شعر پاڻ ٻڌائيندي محسوس ٿيندو.

صُبح سويري اُس ڇُھڻ لئه وڻ وڻ پي ٿڙڪيو

سورج ڳاڙھسرو تاسارو ڪوهيڙي ۾ هو

بس جي شيشي جو تهه بلڪل لُڙ لُڙاٽيل هو

آڏو اڳتي ويندڙ چارو ڪوهيڙي ۾ هو.

هڪ مهارت ۽ ڪاريگريءَ جو اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو. صبح سويري اُس ڇهڻ لاءِ وڻ وڻ جو تڙڪڻ هي ڪيڏو نه تجريدي ۽ جديد نئون نڪور منظر آهي يا وري بس جي شيشي جو لُڙاٽيل تهه ۽ ڪوهيڙي ۾ ڍڪيل چارو، هي سڀئي منظر نگاري جي فن جا سهڻا نمونا آھن، جيڪي وسيم جهڙي ٻگهڻ شاعر جي شاعريءَ ۾ هر جاءِ تي ملن ٿا. يعني هڪ شاعر وٽ منظر نگاري جي ڪاريگري جيڪڏهن اهڙي نموني موجود آھي ته اُن جي شاعريءَ جو مستقبل ڪڏهن به گُهٽجي نٿو سگهي. وسيم سومرو جديد ڪوتاريءَ جو اهڙو نالو آھي، جنهن وٽ شين جي اندرين ڪيفيت محسوس ڪرڻ جي مهارت سان گڏ، شاعري پيش ڪرڻ جو هڪ اعليٰ ڳُڻ به موجود آھي.

پکيئڙا ڇانو ۾ اڏندي هوا جو گيت لڳندا هئا

وڻن جي اوٽ ۾ ٿيندي ڌراڙن جي ڪچهري هئي.

شاعري ۾ منظر نگاري جي هڪ خاصيت اُها به ٿيندي آھي جو اُها منظر نگاري پوري ماحول جي سونهن هڪ تصوير ۾ آڻي گڏ بيهاريندي آھي، جيئن مٿئين تصويري شعر ۾ پکي به آھن ته وڻن جون گهاٽيون ڇانون به، ڌراڙن جي ڪچهري به آھي ته چرندڙ مال جو ڏيک به. اُها سموري خوبصورتي شعر ۾ منظر نگاريءَ ڪري ئي ٿي آھي. مٿين شعرن جهڙا ڪيترائي شعر جن ۾ فطري حسن آھي مصور جيان وسيم سومري پنهنجي تخليق ۾ چٽي جديد شاعريءَ جي سونهن ۾ گهڻو نرالو وڌارو ڪيو آھي. هي وسيم سومري جي ڏات آھي يا سندس ڪاريگري يا مشاهدي جي وسعت پر شعر پڙھي جڏهن اُن جي گهرائي ۾ وڃجي ٿو ته ڪائنات جيڏي وسيع رنگيني ملي ٿي.

ڪهاڙين جي تاريخ تي رحم ڪر تون

پکين جي جيئڻ لاءِ ٻيلو ڇڏي ڏي.

شاعريءَ ۾ منظر نگاري رڳو محبوب جي نازن، نخرن کي بيان ڪرڻ تائين محدود ناهي، پر ماحول ۾ ٿيندڙ اُٿل پُٿل تي نظر رکي، ماحول ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ ورتائن کي شاعريءَ ۾ منظر نگاري طور پيش ڪرڻ اصل منظر نگاري آهي. هڪ شاعر فطرت دوست فرد آھي، شاعر فطرت سان هٿ چُرند ڪندڙن سان شعري بارود سان وڙهي ٿو، نه صرف ايترو پر شاعر فطرت دشمن فرد جي انا جي اهڙي نموني منظر نگاري ڪري ٿو جو هُن جي وحشت دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين پهچي ٿي. وسيم سومري جي شاعريءَ ۾ فطري منظر نگاري گهڻي آھي، هُو وڻن جي درد کي سمجهي ٿو، پکين جي ٻولين ۾ سمايل اُلڪن کي شعري منظر نگاري سان شاعريءَ ۾ اُڻي ٿو، جيڪو حقيقت ۾ شاعري جو اصل حُسن آھي.

پکين جي ٻولڙين جا شام ويلي

سوين اُلڪا ھئا نم ھيڪليءَ ۾.

مون مٿي به اُها ڳالهه بيان ڪئي آهي ته شاعر وٽ منظر نگاريءَ لاءِ مشاهدي جي وسعت هجڻ لازمي آھي. هتي صرف پکين جي ۽ پکين جي ٻولين جو نه، پر شام جي وقت سان گڏ هيڪلي نم جو به ذڪر ٿيل آھي، جنهن ۾ وسعت آھي، وسيع خيالي آھي، جيڪا يقينن شاعر جي مشاهدي جي باڪمال پرک چئبي. نه صرف ايترو پر شعر ۾ سمايل معنيٰ خيزي جو ڪمال ڏسي به شاعر جي فني فڪري پختگي کي ساراهڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي. اُهي سڀئي حسناڪيون جيڪي شعر کي باڪمال بڻائين ٿيون، اُهي وسيم سومري جي شاعري ۾ موجود آھن.

جيون مسافري آ

آڪاس ڄڻ ڇٽي آ

هو چنڊ آ وسيمَ

يا کير جي وٽي آ.

هتي جيون کي مسافري، آڪاس کي ڇٽي ۽ مٿان چنڊ کي کير وٽي سان مشابهت ڏيڻ جو فن ڪيڏو نه وڻندڙ آھي، نه صرف وڻندڙ، پر اُن ۾ منظر نگاري به ڪمال جي آھي. ڇو ته فطري حسناڪي جيڪا قدرتي طور ٿئي ٿي، (منظر، ماڳ، پاڻي، وڻ، ٻوٽا، جبل، ڍنڍون ڍورا وغيره) اُنهن کي شاعريءَ ۾ منظر نگاري سان گڏ آڻڻ سان شاعريءَ جي خوبصورتي ٻيڻي ٿئي ٿي. بقول وسيم سومري جي ئي ته ”منظر نگاري هڪ فن آهي جنهن ۾ فطرت، فطري نظارن ٻهراڙين يا شهرن منظرن کي حسناڪ نظر سان تفصيلي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. ان ۾ ڪنهن به منظر جيئن ته جبل، ٻيلا، درياهه، شهر جا منظر يا ٻين منظرن جا تفصيل، ماحول ۽ ماحول جي ڪيفيتن کي قيد ڪيو ويندو آهي. فنڪار، ليکڪ يا شاعر منظر نگاريءَ جو استعمال اهڙي فطري انداز ۾ ڪندا آهن ته جيئن ڪنهن جاءِ کي يا جاءِ جي واردات کي ڏسندڙ يا پڙهندڙ لاءِ زنده ڪري سگهن ۽ انهن کي ان مقام جي روح يا احساس کي محسوس ڪرڻ ۾ مدد ثابت ٿي سگهن. هي فن جنهن کي منظر نگاري چئجي ٿو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي“. اُن ڪري ئي مٿين شعرن جهڙو لقاءُ شاعريءَ ۾ منظر نگاريءَ ڪري اچي ٿو. ۽ پوءِ اُهي منظر جڏهن هڪ پڙهندڙ تائين پهچن ٿا ته، اُن جي من ۾ چوطرفي منظر نگاري جي خود بخد تشبيهه سامهون اچي وڃي ٿي.

ڪُجھ اڃان کُوھ کارا کڻن ساھَ ٿا

پاڻياريون پڳن جي سفر ۾ ڏسي.

وقت بدلجي ويو آھي، دور جديد ٿي ويو آھي، پر پوءِ به ڪجهه کارا کوھ اڃان پاڻيارين جي پنڌن ڪري ساهه کڻن ٿا، ڪيڏي نه من موهيندڙ منظر نگاري آھي، ڪيڏي نه وسيع خيالي ۽ مشاهدي جي خوبصورتي آھي. ڪا فطري شيءِ ڪيتري به لڪَي پر هڪ شاعر جي نظر کان نٿي لِڪي سگهي، اُها قديم هجي يا جديد. ڪي، ڪي شيون اهڙيون هونديون آھن، جيڪي وقت بدلجڻ سان پنهنجي اهميت وڃائي ويهنديون آھن يا وري ائين کڻي چئجي ته ماڻهن جي انهن کان توجهه هٽي ويندي آھي، پر شاعر اُنهن جي اهميت ۽ درد کي سمجهندڙ فرد آھي، جيڪو پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن کي سدائين لاءِ امر بڻائڻ چاهيندو آھي. جيئن لُٽجِي ۽ ڍَڪجِي ويل کوهن مان اڃان ڪن ساهه کڻندڙ کوهن جو ذڪر وسيم سومري پنهنجي شاعريءَ ڪيو آھي. ڇاڪاڻ ته وسيم سومري جي شاعريءَ ۾ رڳو پنهنجو درد ناهي، پر فطرت جو درد فطري شين جو درد ۽ فطرت سان لاڳاپيل شين کي ملندڙ تڪليفن سميت اُنهن سڀني جو درد سمايل آھي، جيڪي هن ڪائنات جو حصو آهن، اُهي جاندار هجن يا بي جاندار، پر اُنهن جو درد ڄڻ ته وسيم جو درد آھي.

ڪو نه ڍايون ته به شڪارين جون اکيون

چار آڙيون چار باقي ڪنگ هئا.

شڪاري، هڪ اهڙو فرد جيڪو پکين جو ويري آھي ۽ پکين جو ويري فطرت جو ويري چئبو. پکين جي شڪار ڪرڻ سان نه صرف هڪ ساهدار جو قتل ٿئي ٿو بلڪه فطرت ۽ فطري سونهن جو به قتل ٿئي ٿو، جيڪو يقينن ماحول لاءِ سازگار ناهي. کُٽندڙ پکي ۽ نه ڍاپجندڙ شڪاريءَ جون اکيون، هي نرالي ۽ حقيقي منظر نگاري جنهن ۾ دُکدائڪ احساس سمايل آھن، جيڪي تڪليف ڏيندڙ منظر محسوس ڪرائين ٿيون. وسيم سومري جي خيالن ۾ فطري منظر نگاري جي فني توڙي فڪري سهڻائي تمام گهڻي آھي، جنهن جا ڪيترائي مثال مٿين روپ جيان سندس شاعري ۾ ملن ٿا، جن ۾ فطرت جي سهڻين شين جو درد سمايل آھي.

موکيءَ جي مڌ جهڙيون تنهنجون چمي نگاهون

ڪنهن ريشمي پرھ جو ڪو پوش ٿي وڃان مان.

محبوب جي نگاهن کي موکيءَ جي مڌ سان تشبيهه ڏئي، اُنهن کي چمي ريشمي ڪو پوش ٿي وڃڻ جي ڳالهه، شاعر وٽان منظر نگاري جي روپ ۾ ملي ٿي. يعني محبوب جون اکيون، موکيءَ جي مڌ جهڙيون آھن، جن کي شاعر چُمي ڪو ريشمي پوش ٿيڻ چاهي ٿو. هتي شاعر جي خوبصورت شعري اُڻت پڙھڻ وٽان آھي. وسيم سومري پنهنجي شاعريءَ ۾ وڻن، پکين، ڳوٺن، ٿرن، برن، دردن، اُلڪن، سڏڪن، محبوب جي نرالن اندازن، يعني هڙئي ڪيفيتن کي سمايو آھي. نه صرف اُنهن شين ۾ (جن جو ذڪر وسيم سائين ڪري ٿو) شعري ساهه پئجي ٿو وڃي، بلڪه اُنهن ۾ منظر نگاري به ڪمال جي سمائجي وڃي ٿي. يعني جن جن شين کي وسيم سومري پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آھي اُهي جيئرا ٿي پيا آهن. هونئنءَ به جيڪڏهن شاعر لفظن ۾ ساهه وجهي شعر کي ڳالهرائڻ جي سگهه نٿو ڏئي سگهي ته اُهي لفظ بي جان ئي سڏبا.

آئون توسان! ٻٻر- اوٽ ۾ ٿي ملان،

توکي ڳڻتي نه ڪا ڳوٺ ۾ ھل پرين!

مند اُڪري نٿي ديس مان سرءَ جي،

واءُ بڻجي بهارن جو اچ گهل پرين!

قدرتي منظرن سان گڏ محبوب جي مُرڪڻ، محبوب سان ملڻ جي ڳالهه به وسيم سومري جي شاعريءَ ۾ ملي ٿي. شاعري ۾ رومانس جي جهلڪ منظر نگاريءَ سان گڏ پيش ڪرڻ جو فن وسيم سومري جي شاعريءَ ۾ اهميت رکندڙ آهي. محبوب کي بهارَ مند جي هوائن سان تشبيهه ڏيڻ جي سهڻي جهلڪ ۽ ٻٻر جي اُوٽ ۾ ملڻ جي منظر نگاري، اُن ڳالهه کي هٿي وٺرائي ٿي ته وسيم سومري جي شاعريءَ ۾ فطرت سان گڏ محبوب جا به منظر آھن. (ڇو ته مٿي مون صرف فطري منظر پيش ڪيا آھن)، پر حقيقت ۾ وسيم سومري جي شاعري اهڙن ڪيترن ئي منظرن سان سرشار آھي جن جو تعلق خُود شاعر جي احساسن هجي ٿو.

پاڻ نه پوکيا وڻ

ڳوليون پيا وڻڪار کي

ڪاوڙ جي احساس سان

ڪري اُس اڱڻ

ڳوليون پيا وڻڪار کي

ايندا آرهڙ ڏينهنڙا

ڪونه ڪئي سون ڳڻ

ڳوليون پيا وڻڪار کي.

ڪهڙي به صنف هجي، ڇو نه کڻي نثر هجي، پر اُن ۾ جيڪڏهن منظر نگاريءَ جي جهلڪ آھي ته اُهو خوبصورت چئبو. غزلن جي منظر نگاريءَ سان گڏ وسيم سومري جي وائين ۾ به سهڻي منظر نگاري آھي، جنهن جو مثال مٿئين وائيءَ ۾ پسي سگهجي ٿو ۽ ٻيو ته شاعري جو ماحول سان به گهرو تعلق هوندو آھي، جنهن جي مختلف منظرن کي شاعر اظهاريندو آھي. تباهيءَ طرف ويندڙ ماحول جي منظرن کي جيئن هن وائيءَ ۾ وسيم سومري چِٽيو آھي، اُن مان اُهو ثابت ٿئي ٿو ته وڻن جي وڍائي ڪيتري نقصانڪار آھي. ڪاوڙ جو احساس دل ۾ ڌاري پنهنجي اڱڻ تان وڻ وڍي، اڱڻ اُسَ ڪري، وڻڪار ڳولهڻ جي تشبيهه ڪمال جي آھي. هتي نه صرف وڻن جي اهميت بيان ٿيل آھي، پر وڻن کانسواءِ ڌرتي ڪيئن ٿي بڻجي، اُن جو منظر پڻ وسيم سومري وائيءَ ۾ پيش ڪيو آھي.

ٿر جي هڪڙي شام

مون ۾ مهڪي پئي اڃان

ميڙي پنهنجي پاند ۾،

پيرون لوڏي لام

مون ۾ مهڪي پئي اڃان

ڦلڙيون ڦلڙيون ڪاسٻو

ساوڪ ساوڪ سام

مون ۾ مهڪي پئي اڃان.

ٿر جي مهڪندڙ شام جو ذڪر آھي، ٿر جي هڪ ناريءَ جي ڳالهه آھي جيڪا پيرون جي لام لوڏي پنهنجي پاند ۾ پيرون ميڙي ٿي (جيڪا شاعر ۾ مهڪي رهي آھي). هي منظر نگاري خاص ڪري وائيءَ پڙهندڙن کي موهڻ ۾ ڪامياب وئي آھي اُها اُن ڪري ته وراڻيءَ جي معنيٰ به ڪا ڏُکي ناهي، پر سولي ۽ سليس معنيٰ آھي جيڪا هر بند سان ٺهڪي بيهي ٿي، ڇاڪاڻ ته وائيءَ جي وراڻي ٺهڪندڙ نه هوندي ته ڪابه منظر نگاري جُڙي نه سگهجي ۽ وائيءَ جي شهه رڳ وراڻيءَ جي خوبصورتي آھي جيڪا وائيءَ سان ٺهڪي بيهي. ڦلڙيون، ڦلڙيون ڪاسبو، اصل ۾ هيءَ ئي منظر نگاري آھي جو جتان جي يا جنهن جي ڳالهه ٿيل هجي اُن جي چوڌاري واري ڪيفيت اُن سان لاڳاپيل منظرن کي شاعر بيان ڪري سگهي. وسيم سومري جي وائي جي وڻندڙ وراڻين سان گڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه آھي جيڪو اوهان کي وسيم سومري جي شاعري پڙهندي محسوس ٿيندو، جيڪا شاعري اوهان سان ڳالهائيندي.

تنهنجي نالي ۾

گهاٽي گهاٽي ڇانو هئي

سانوڻ رت جي شام جي

جيئن جهڙالي ۾

گهاٽي گهاٽي ڇانو هئي

واديءَ جي هڪ خوبرو

ننڍڙي پيالي ۾

گهاٽي گهاٽي ڇانو هئي.

يا وري!

پنهنجا ڳوٺ، ڳليون

ايندڙ دور سڃاڻندو؟

لهندڙ ڳاڙهي شام ۾

رستو، مال، ٽليون

ايندڙ دور سڃاڻندو؟

ڪچا ڇپر ڇانورا

ساوا وڻ، وليون

ايندڙ دور سڃاڻندو؟.

نتيجو: انفرادي طور تي وسيم سومري جن جن صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آھي اُنهن ۾ هُن منظر نگاريءَ جو خاص خيال رکيو آھي. جنهن منظر نگاريءَ کي هُن اپنايو آھي اُن ۾ فطري منظر نگاري جيڪا قدرتي طور ٿئي ته اُن کي وڌيڪ بيان ڪيو آھي. اُها پوءِ ڪهڙي به صنف ۾ ڇو نه هجي، پر اُن جي سونهن منظر نگاري سان وسيم سومري ڏاڍي نرالي خوبصورت بڻائي آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ منظر نگاريءَ جي فن ۾ وسيم سومري به سٺي ۽ لاڀائتي انداز سان خوبصورتي آندي آھي جيڪا خوشي جهڙي ڳالهه آھي.