ادبَ جي خاص ڀاڱَي شاعريءَ ۾ منظر نگاري جي هڪَ وڏي اهميت رهي آھي. منظر نگاري جا شاعريءَ ساهه وجهي ٿي، بحر وزن، رديف، قافيي سميت سڀئي عنصرَ منظر نگاريءَ کانسواءِ شاعريءَ کي زنده رکي نٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته اُن بابت ڪيترائي مثال اسان جي سامهون آھن، روايتي انداز واري شاعري (جيڪا گذريل وقت ۾ ٿي) اُن ۾ بحر وزنَ سميت ٻيون فني گهرجون ته پوريون هيون، پر منظر نگاري جي اڻاٺ جي ڪري اُها شاعري اڄ اسان وٽ موجود هجڻ باوجود ائين سمجهو موجود ناهي. ماحول ۾ جُڙندڙ مختلف منظرن کي شاعراڻي اکَ سان انهيءَ جا سڀئي پاسا جاچَي، جيئن جو تيئن چٽَي عڪسِي انداز ۾ ظاهر ڪري شاعريءَ ۾ سمائڻَ کانپوءِ ئي شاعري، شاعري بڻجَي ٿي. منظر نگاري سان شاعريءَ ۾ تخليقي رنگت نکرڻ سان گڏ هڪ ٻئي شيءِ جيڪا سامهون اچي ٿي، اُها مشاهدي جي پرک آھي. هڪ شاعر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪڏهن منظر نگاري برقرار رکڻي آھي ته اُن لاءِ مشاهدي جو وسيع هجڻ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. مثال: “جيئن هڪ وڻ تي هڪ پکي ويٺو آھي، هي نظر جو ڪمال چئجو، پر مشاهدي جو ڪمال هي چئبو جو وڻ تي ويٺل پکيءَ جي اندرين ڪيفيت سان گڏ ٻاهرين ماحول کي به منظر نگاريءَ سان شاعريءَ ۾ اظهار ڪري”، پر جيڪڏهن مشاهدو نه هوندو ته هو صرف، اُن پکيءَ جو ئي ذڪر ڪندو جنهن کي هُن وڻ تي ڏٺو هو. تنهنڪري منظر نگاريءَ لاءِ مشاهدي جو هجڻ گهرج سان گڏ لازمي پڻ آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ منظر نگاري يا عڪس چٽڻَ جو فن پارو شاعرِ سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽان ملي ٿو. لطيف سائين پنهنجي سڀئي سرن ۾ منظر نگاري جي فن کي ڏاڍي باڪمال انداز سان پيش ڪري ٿو، جيڪو لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جو حسِين ڳُڻ آھي. منظر نگاري کي نروار ڪندي لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو ته، “ساٿين ڪريو سڏڙا، لڪ چڙهيو رڻ روءِ” جڏهن هن سٽ تي پهچون ٿا ته تڏهن اکين اڳيان هڪ منظر چٽو ٿي وڃي ٿو يا جڏهن، “ويڄ ورائي ٻانهن، چوري چاڪ نهاريا” پڙهون ٿا تڏهن به هڪ منظر اکين اڳيان چٽو وڃي ٿو. هيءَ منظر نگاري بيتن ۾ اڄ به نظارن کي زنده ڪيو بيٺي آهي. لطيف سائينءَ هر ڪردار کي منظر نگاريءَ سان پيش ڪيو آھي. منظر نگاريءَ جي فن جي ڳالهه جڏهن به جديد شاعريءَ تي آئي آھي ته، اُها ڳالهه ڀروسي ۽ پڪ سان چئبي ته منظر نگاريءَ جي فن کي جديد شاعريءَ ۾ تمام گهڻي هٿي ملي آھي. شيخ اياز کان وٺي سنڌ جي سڀني جديد شاعرن جهڙي نموني پنهنجي شاعريءَ ۾ منظر نگاري سهيڙي اُها ڳالهه يقينن سنڌي شاعريءَ لاءِ ڀاڳ جيان آھي. منظر نگاري جي فن کي هاڻوڪي دور ۾ جيڪي جيڪي شاعرَ زنده رکيو اچن ٿا اُنهن ۾ وسيم سومري جو نانءُ به اهم ۽ مٿانهون آھي. وسيم سومرو جديد ٽهي جو اُهو شاعر آھي، جنهن جي شاعريءَ ۾ منظر نگاريءَ جي سونهن ڏاڍي نرالي ۽ نواڻ سان ڀرپور ملي ٿي. مون جيڪو محسوس ڪيو آھي ته وسيم سومري جي شاعريءَ خاص ڪري ڊگهو پنڌ منظر نگاري جي ڪري ئي ڪيو آھي، ڇو جو منظر نگاري ۾ هر گذري ويل وقت سان گڏ، ايندڙ وقت جي خوبصورتي سمايل هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته شاعري ۾ جيڪڏهن پنهنجي دور سان گڏ ايندڙ دور جي عڪاسي ٿيل آھي ته اُها شاعري، شاعريءَ جي سفر ۾ ڊگهو پنڌ ڪري سگهي ٿي.