حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ کان پهرين آدمشماري جا نتيجا پڌرا ٿيڻ جو امڪان
وفاقي حڪومت پاران حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کان پهرين آدمشماري جا نتيجا پڌرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. حڪومت جي ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن قسم جي اعلان جي منظوري سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڏني ويندي. ترجمان ٻڌايو ته گذريل سال ظاهر ڪيل عبوري نتيجن مطابق ملڪ جي آبادي 20 ڪروڙ 7 لک 77 هزار آهي. جڏهن ته اضافي شرح 2.4 مقرر ڪئي وئي آهي. آدمشماري جي عمل کي هڪ سال گذرڻ بعد وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته هاڻي نتيجن کي عوام آڏو رکيو وڃي. جنهن تائين لاڳاپيل ادارن ۽ انگن اکرن جي ماهرن جي رسائي ممڪن بڻجي سگهبي. وزيراعظم هن معاملي کي وڌيڪ غور لاءِ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته عبوري نتيجن مطابق 1998ع کانپوءِ هن وقت تائين آبادي ۾ 57 سيڪڙو اضافو اچي چڪو آهي.

