بلاگنئون

اسان جا ڀائر ڪيڏانهن ويا

جڳ مشهور ڪتاب:

Sapiens: A Brief History of Humankind by Yuval Noah Harari

اها ڏيڍ لک سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن انسان صرف هڪ معمولي مخلوق هئا، باوجود ان جي جو هو باهه ٻارڻ به سکي ويا هئا. هو شينهن کي باهه الاري ڊيڄاري سگھندا هئا، ٿڌين راتين ۾ پاڻ کي گرم رکي سگھندا هئا ۽ ضرورت جي وقت ٻيلو به ساڙي ڇڏيندا هئا، پر تڏهن به انڊونيشائي گھڻٻيٽ کان وٺي آئبيريائي ٻيٽ تائين رهندڙ يڪمشت سڀني انساني جنسن جي فردن جو تعداد ڏهه لک کان وڌيڪ ڪونه هو، جيڪو جيو ماحوليات جي ريڊار تي محض هڪ سنهي ضرب آهي. اسان جي پنهنجي جنس عاقلمان ان وقت دنيا جي ميدان ۾ لهي چڪا هئا، پر في الوقت هو آفريڪا جي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجي ڪم سان ڪم رکي رهيا هئا. اسان کي اها خبر ڪونهي ته اهي جانور جن کي اسين عاقلمان چئون ٿا، پهريون ڀيرو ڪڏهن ۽ ڪٿي پراڻي انساني جنس مان نمودار ٿيا، پر گھڻا سائنسدان سهمت آهن ته اٽڪل ڏيڍ لک سال اڳ اوڀر آفريڪا اهڙن عاقلمانن سان ڀريل هئي، جيڪي بلڪل اسان جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا هئا. جيڪڏهن انهن انسانن مان ڪنهن به هڪ جو جسم اڄوڪي مرده خاني ۾ آندو وڃي ته اتي جو پيٿالاجسٽ ڪابه غير معروف شيءِ پروڙي نه سگھندو. ڇو ته ان دور جي انسان جون ڄاڙيون ۽ ڏند اڄوڪي انسان جيترا ننڍا ٿي چڪا هئا، جڏهن ته دماغ وڏو ٿي چڪو هو. اهو رڌل کاڌو کائڻ جو نتيجو هو. جڏهن ته انسان کاڌي رڌڻ جو هنر باهه ٻارڻ جي هنر کان جلد ئي پوءِ سکي ورتو هو. لحاظه اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اسان جي موجودہ جسماني گھڙت، سڌو سنئون باهه ٻارڻ جي هنر سکڻ جو نتيجو آهي. سائنسدان ان ڳالهه تي به سهمت آهن ته اٽڪل 70 هزار سال اڳ عاقلمان اوڀر آفريڪا کان عربي جزيري ۾ پکڙجي ويا، جتان کانپوءِ جلد ئي سڄي يوريشائي کنڊ کي لتاڙي ڇڏيائون.

جڏهن عاقلمان عربستان ۾ لٿا، تڏهن يوريشيا جو وڏو حصو ٻيون انساني جنسون اڳئي والاريو ويٺيون هيون. اهي سڀ انسان ڪيڏانهن ويا؟ ان باري ۾ ٻه متضاد نظريا آهن. انهن مان هڪ آهي باهمي افزائش جو نظريو. اهو نظريو ڪشش، قربت ۽ ميل جول جي آکاڻي ٻڌائي ٿو. ان نظريي مطابق آفريڪي مهاجر سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا. هنن انسانن جي ٻين جنسن سان لڳ ڪيو ۽ اڄوڪو انسان ان باهمي افزائش جو نتيجو آهي.

مثال طور: عاقلمان وچ اوڀر ۽ يورپ پهتا، جتي سندن ملاقات نئينڊرٿال سان ٿي. نئينڊرٿال جا پٺا عاقلمانن کان وڌيڪ مضبوط هئا. انهن جا ميڄالا به نسبتن وڏا هئا. سندن طبعي ساخت به ٿڌي موسم سان وڌيڪ مطاقبت رکندڙ هئي. هو اوزارن ۽ باهه جو استعمال به ڪندا هئا. هو سٺا شڪاري هئا. هو بيمارن ۽ لاچارن جي سارسنڀال پڻ لهندا هئا. (آثار قديمه جي ماهرن اهڙن نئينڊرٿال جا هڏا هٿ ڪيا آهن جيڪي معزور هجڻ جي باوجود ڪيترائي سال جيئرا رهيا. ان مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هنن جي سار سندن مٽن پاران لڌي پئي وئي.) نيئينڊرٿال کي نقش ڪارين ۾ اڪثر هڪ جھنگلي جانور يا غار ۾ رهندڙ احمق طور پيش ڪيو ويندو آهي، پر تازين مليل شاهدين سندن متعلق ان تصور ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي.

باهمي افزائش جي نظريي موجب، جڏهن عاقلمان نئينڊرٿال جي علائقن ۾ اچي آباد ٿيو، ٻنهي نسلن هڪٻئي سان جنسي ميلاپ ڪيو، تان جو ٻئي نسل ملي هڪ ٿي ويا. جيڪڏهن اهو نظريو صحيح آهي ته پوءِ اڄ جا يورشيائي خالص عاقلمان ڪونهن. هو عاقلمان ۽ نئينڊرٿال جو ميلاپ آهن. ساڳي طرح سان جڏهن سيپين اوڀر ايشيا پهتا ته هو مقامي اُڀوان سان جنسي ميلاپ ڪيو لحاظه چينا ۽ ڪوريائي عاقلمان ۽ اُڀوان جو ميلاپ آهن.

باهمي افزائش نظريي جو هڪ مخالف نظريو به آهي، جنهن کي اسين جاءِ والار نظريو چئون ٿا. اهو نظريو عدم مطابقت، بغاوت ۽ نسل ڪشيءَ طرف پڻ اشارو ڪري ٿو. ان نظرئي موجب عاقلمان ۽ ٻين انسانن جون مختلف ساختون ۽ گھڻو ڪري ميلاپ جون مختلف عادتون هيون ۽ ويندي سندن جسماني بوءِ ۾ به فرق هو. لحاظه هو هڪٻئي سان ڪابه جنسي دلچسپي نه رکندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو نئينڊرٿال راڻو ۽ عاقلمان مومل هڪٻئي سان پيچ پئجي به ويا هوندا ته پوءِ به هو ڪو زرخيز اولاد ڄڻڻ ۾ ناڪام ويا هوندا، ڇاڪاڻ سندن وچ ۾ بڻيادي فرق ناقابل تسخير ٿي چڪو هوندو. لحاظه ٻئي آباديون جداگانا رهيون ۽ جڏهن سڀ نئينڊرٿال مري ويا يا ماريا ويا، سندن بڻ به ساڻن گڏ ئي ختم ٿي ويو. ان نظرئي موجب عاقلمانن اڳوڻين سڀني انساني آبادين سان لڳ ڪرڻ بنا  سندن جاءِ والاري. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اسان سڀني موجوده انسانن جو نسب مڪمل طور تي اوڀر آفريڪا جي 70000 سال اڳ واري عاقلمان آباديءَ سان وڃي ملندو ۽ ان حساب سان اسان سڀ خالص عاقلمان آهيون.

ان مباحثي جي حل جا انساني مستقبل لاءِ ڪيترائي ناگزير نتيجا نڪري سگھن ٿا. انساني اوسر جي لحاظ کان 70000 سال نسبتن ٿورو وقفو آهي. جيڪڏهن جاءِ والار نظريو صحيح آهي ته پوءِ موجوده سڀني انسانن جي بڻيادي جوڙجڪ ٿلهي ليکي ساڳي هجڻ گھرجي ۽ منجھن نسلي فرق نالي ماتر هجڻ گھرجي، پر جيڪڏهن باهمي افزائش جو نظريو صحيح آهي ته پوءِ آفريڪي، ايشيائي ۽ يورپي ماڻهن وچ ۾ هزارين سال پراڻو بڻيادي فرق موجود هوندو. اهو هڪ سياسي ڊائنامائيٽ آهي جيڪو تباهه ڪن نسلي نظرين لاءِ مواد فراهم ڪري سگھي ٿو.

گذريل ڪجھ ڏهاڪن ۾ جاءِ والار نظريو عام فهم نظرئي طور اڀريو آهي. ان کي مضبوط آثارِ قديمائي پٺ آهي ۽ سياسي لحاظ کان به بهتر آهي. ان کانسواءِ سائنسدانن کي به نسل پرستي جي بند مٺ کولڻ جو ڪو شوق ڪونهي. جو ايئن ٿيڻ عين ممڪن آهي جيڪڏهن هو موجوده انساني آباديءَ ۾ وسيع بڻيادي فرق هجڻ جي  دعويٰ ڪندا، پر جاءِ والار نظرئي کي ان وقت ڌڪ لڳو، جڏهن 2010 ۾ چئن سالن جي محنت جي نتيجي ۾ نئينڊرٿال جي بڻ جي ماپڪاري ڇپجي سامهون آئي. بڻياتدان نئينڊرٿال جي فضلن مان ايترو برقرار ڊي. اين. اي. گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا هئا، جو هو ان کي موجوده انسان جي ڊي. اين. اي. سان ٿلهي ليکي ڀيٽي سگھن. ان ڀيٽ جي نتيجن سائنسدانن کي حيران ڪري ڇڏيو.

ان بُڻ ڀيٽ مان اها خبر پئي ته يورپ ۽ وچ اوڀر جي موجوده آباديءَ جو 1-4 سيڪڙو منفرد ڊي. اين. اي، اصل ۾ نئينڊرٿال جو ڊي. اين. اي. آهي. اهو ڪو گھڻو سيڪڙو ناهي، پر وري به ڌيان ڇڪائيندڙ ضرور آهي. ڪجھ ئي مهينن کانپوءِ ان وقت هڪ ٻيو جھٽڪو لڳو، جڏهن ڊينيسووا جي فضليل آڱر مان ڪڍيل ڊي. اين. اي. جي ماپڪاري سامهون آئي. ان ماپڪاريءَ مان خبر پئي ته موجوده ميلينيشائي (اوڀر انڊونيشيا جا ماڻهو) ۽ ابوريجيني آسٽريليائي ماڻهن جو منفرد ڊي. اين. اي تقريبن 6 سيڪڙو تائين ڊينيسووائي ڊي. اين. اي آهي.

ان ڏس ۾ وڌيڪ کوجنا جاري آهي، جيڪا انهن نتيجن کي يا ته وڌيڪ تقويت رسائيندي يا وري انهن ۾ ڪجھ ڦيرڦار ڪندي. جيڪڏهن اهي نتيجا درست آهن، ته پوءِ اهي باهمي افزائش جي حمايتين جي دليلن کي ٽيڪ رسائين ٿام پر ان جو اهو مطلب ناهي ته جاءِ والار نظريو سراسر غلط آهي. جيئن ته نئينڊرٿال ۽ ڊينيسووان جو تمام ٿورڙو ڊي. اين. اي اسان جي موجوده آباديءَ ۾ شامل آهي، لحاظه اهو عاقلمانن ۽ ٻين انساني جنسن وچ ۾ وڏي پيماني تي ميلاپ جي دعويٰ لاءِ ڪافي ناهي. جيتوڻيڪ سندن وچ ۾ بڻيادي فرق ايترو نه هو جو زرخيز ميلاپ کي مڪمل طور روڪي سگھي، پر وري به اهڙن رابطن کي محدود رکڻ لاءِ ڪافي هو.

پوءِ اسين عاقلمان، نئينڊرٿال ۽ ڊينيسووان جي بڻيادي هڪ جهڙائيءَ کي ڪيئن پسون ٿا؟ ظاهري طور تي، اِهي گھوڙن ۽ گڏهن وانگر بلڪل مختلف جنسون ڪونه هيون. جڏهن ته ٻئي پاسي بل- ڊاگ ۽ اسپانيئل (ڪُتي جا ٻه قسم) وانگر ساڳي جنس جون مختلف شاخون به ڪونه هيون. جيوياتي حقيقت اڇي يا ڪاري هجڻ جي معيار تي پرکي نٿي سگھجي. ان ۾ ڪجھ اهم سرمائي رنگ پڻ موجود آهن. مشترڪه اَبي مان اسريل ڪي به ٻه جنسون مثال طور: گھوڙو ۽ گڏهه، ڪنهن وقت هڪ ئي جنس جا ٻه مختلف قسم هئا، جيئن بل- ڊاگ ۽ اسپانيئل ڪتي جا ٻه قسم آهن. ڪو اهڙو دور به ضرور هوندو، جڏهن گھوڙا ۽ گڏهه هڪ ٻئي کان ڪافي مختلف هجڻ جي باوجود ڪجھ موقعن تي ميلاپ ڪندا هوندا ۽ زرخيز اولاد به ڄڻيندا هوندا، پر پوءِ هڪ ٻي بڻيادي تبديليءَ سندن ميلاپ جي ان آخري ڌاڳي کي به ڇڄي ڇڏيو هوندو، جنهن کانپوءِ هو پنهنجي اوسر جو بلڪل الڳ رستو اختيار ڪري چڪا آهن. اندازو اهو آهي ته اٽڪل 50 هزار سال اڳ عاقلمان، نئينڊرٿال ۽ ڊينيسووان اوسر جي ان سرحدي ليڪ تي هئا. هو مڪمل طور تي نه پر تقريبن الڳ جنس هئا. نئينڊرٿال ۽ ڊينيسووان کان عاقلمان تمام گھڻو مختلف هئا. نه صرف سندن بڻ، پر جسماني خصلتون ۽ شناسائي ۽ سماجي لياقتون پڻ الڳ هيون، پر ان هوندي به اهو ممڪن هو ته ڪجھ موقعن تي عاقلمان ۽ نئينڊرٿال زرخيز اولاد ڄڻي سگھندا هئا. سو ٻن جنسن جو وڏي پيماني تي ميلاپ ٿي نه سگھيو، پر ڪجھ خوشقسمت نئينڊرٿال جا بڻ عاقلمان ريل گاڏيءَ تي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اها ڳالھ سوچڻ به شايد هيجان انگيز پڻ آهي ته اسان ڪنهن دور ۾ ڪنهن ٻي جنس جي جانور سان لڳ ڪري اولاد پيدا ڪيو.

پر جيڪڏهن نئينڊرٿال، ڊينيسووان ۽ ٻيون انساني جنسون عاقلمان ۾ ضم نه ٿيون، ته پوءِ اُهي ڇو ختم ٿي ويون. ڇا عاقلمان کين ناپيديت ڏانهن ڌڪي ڇڏيو؟ تصور ڪريو ته عاقلمانن جو جٿو بالڪن واديءَ ۾ پهچي ٿو، جتي نئينڊرٿال سوَن هزارن سالن کان رهندڙ هئا. نوان آيل نه صرف هرڻيءَ جو شڪار شروع ڪن ٿا بلڪِه کاڄا ۽ ٻير به سانڍڻ شروع ڪن ٿا. جڏهن ته اهي کاڌا نئينڊرٿال جي روايتي خوراڪ هوندا هئا. عاقلمان بهتر شڪاري ۽ سانڍيندڙ هئا. ڇو ته ان ڏس ۾ وٽن بهتر هنر موجود هو ۽ ان لاءِ گھربل سماجي لياقتون به موجود هيون. ان ڪري هو وڌندا ۽ ويجھندا ويا. نتيجي ۾ نئينڊرٿال لاءِ وسيلا گھٽجندا ويا ۽ سندن لاءِ پنهنجو پاڻ کي نپائڻ ڏکيو ٿيندو ويو. لحاظه سندن آبادي گھٽجندي وئي ۽ آهستي آهستي هو مري ويا. جڏهن ته سندن آباديءَ جا صرف ڪجھ رڪن پنهنجي عاقلمان پاڙيسرين سان لڳ ڪري منجھن ضم ٿي ويا.

ٻيو امڪان اهو آهي ته وسيلن جي حاصلات لاءِ چٽاڀيٽي وڌي ڪري وڳوڙ ۽ نسل- ڪشيءَ جي صورت اختيار ڪئي. ٻين کي برداشت ڪرڻ عاقلمان جو شيوو نه رهيو آهي. دورِ حاضر ۾ به رنگ، نسل، ٻولي ۽ مذهب ۾ ٿورڙو فرق، عاقلمان جي هڪڙي گروھ لاءِ عاقلمان جي ٻئي گروھ جو قتلِ-عام ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ڇا آڳاٽا عاقلمان بلڪل مختلف انساني نسل لاءِ برداشت جو مادو رکي سگھن ٿا؟ ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي ته عاقلمان ۽ نئينڊرٿال جي هڪٻئي جي سامهون ٿيڻ جي نتيجي ۾ تاريخ جي پهرين ۽ تمام وڏي پيماني تي نسل ڪُشيءَ جي مهم جو آغاز ٿيو.

نئينڊرٿال ۽ ٻين انساني نسلن جي ناپيديت ڪيئن عمل ۾ آئي؟ اهو تاريخ جي ڪجھ عظيم معمن مان هڪ آهي. تصور ڪريو ته هيءَ دنيا اڄ ڪيئن لڳي ها جيڪڏهن نئينڊرٿال ۽ ڊنيسووان به عاقلمان سان گڏوگڏ سلامت هجن ها. جيڪڏهن اڄوڪي دنيا ۾ ڪيتريون ئي انساني جنسون آباد هجن ها ته پوءِ هتي ڪهڙي قسم جون تهذيبون، سماج ۽ سياسي ڍانچا نمودار ٿين ها؟ اسان جا مذهبي عقيدا ڪهڙي صورت اختيار ڪن ها؟ ڇا جينسز جو ڪتاب ايئن چوي ها ته نئينڊرٿال آدم ۽ حوا مان پيدا ٿيا آهن؟ ڇا حضرت عيسيٰ ڊينيسوان جا گناهه بخشائڻ لاءِ قرباني ڏئي ها؟ ڇا صالح فردن لاءِ بلا تفريق سندن جنس جي بهشت ۾ ڪا جاءِ هجي ها؟ ڇا نئينڊرٿال روماني لشڪر يا وري چيني بادشاهت جي وسيع افسر شاهيءَ ۾ ڀرتي ٿي سگھن ها؟ ڇا آمريڪي آزاديءَ جو اعلانيو هڪ پاڻ پڌري حقيقت جي صورت ۾ اهو چئي سگھي ها ته انساني (هومو) جنس جا سڀئي رڪن برابر پيدا ٿيا آهن. ڇا ڪارل مارڪس سڀني جنسن جي پورهيتن کي متحد ٿيڻ جو سڏ ڏئي ها؟

گذريل ڏھ هزار سالن کان وٺي، عاقلمان اڪيلي انساني جنس هجڻ جي روايت سان ايترو ته هري مري ويا آهن، جو ٻئي ڪنهن امڪان متعلق سوچڻ به اسان لاءِ تمام ڏکيو ٿي پيو آهي. اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي کوٽ، اسان لاءِ اهو تصور ڪرڻ آسان ڪري ڇڏيو آهي ته اسين تخليق جو نقطئه عروج آهيون ۽ اسان جي انفراديت اسان کي باقي جانورن جي دنيا کان جداگانا حيثيت عطا ڪري ٿي. جڏهن چارلس ڊارون ان ڳالھ جي نشاندهي ڪئي ته عاقلمان به ٻين جانورن وانگر هڪ جانور ئي آهي، تڏهن ماڻهو ڪاوڙجي پيا. ويندي اڄ به ڪيترائي ماڻهو ان حقيقت کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا. جيڪڏهن نئينڊرٿال اڄ زنده هجن ها ته پوءِ به اسين پاڻ کي ٻين کان الڳ مخلوق تصور ڪريون ها؟ اصل ۾ اهائي ڳالھ آهي جنهن ڪري اسان جي پُرکن نئينڊرٿال کي نيست و نابوت ڪري ڇڏيو. هو ايترا آشنا هئا جو کين نظر انداز ڪرڻ ڏکيو هو، پر هو ايترا مختلف به هئا جو کين برداشت ڪرڻ به ڏکيو هو.

عاقلمان ڏوهاري آهن يا نه؟ ان سوال جي جواب جي قطع نظر، اها هڪ حقيقت آهي ته عاقلمان جيئن ئي نيون آباديون وسايون، ان جي ڪجھ عرصي کانپوءِ انهن علائقن جا اصلوڪا رهاڪو ناپيد ٿي ويا. هومو سولوئينسز جي آخري مڙھ کي 50 هزار سال اڳ جي تاريخ ڏني وئي آهي. ان جي ٿوري ئي عرصي کان پوءِ هومو ڊينيسووا به سطحِ زمين تان غائب ٿي ويا. نئينڊرٿال به اٽڪل 30 هزار سال اڳ رحلت ڪري ويا. آخري ڄامڙا ماڻهو 12 هزار سال اڳ فلورس ٻيٽ ۾ سپرد خاڪ ٿي ويا. اُهي پنهنجي پٺيان ڪجھ هڏا، ڪجھ اوزار، اسانجي ڊي اين اي ۾ ڪجھ بُڻ ۽ ڪافي سارا سوال ڇڏي ويا آهن. انهيءَ سان گڏوگڏ هو آخري انساني نسل، عاقلمان کي به اڪيلو ڇڏي ويا آهن. عاقلمان جي ڪاميابيءَ جو راز ڇا هو؟ اسان ڪيترن ئي ڏوراهن ۽ ماحولياتي لحاظ کان مختلف علائقن ۾ ايترو تڪڙو ڪيئن رهائش پذير ٿي وياسين. اسان ٻيا سڀ انساني نسل موت جي منهن ۾ ڪيئن ڌڪي ڇڏيا؟ اسان کان وڌيڪ طاقتور، وڏي دماغ وارا ۽ ٿڌ کان محفوظ نئينڊرٿال به پنهنجو پاڻ کي اسان جي حملن کان ڇو نه بچائي سگھيا؟ اهو بحث مسلسل ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل آهي. ان جو بهترين جواب جيڪو هن سوال تي مباحثي کي ممڪن بنائي ٿو، اهو ٿي سگھي ٿو ته عاقلمان جي دنيا فتح ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب سندس منفرد ٻولي آهي.

***