ايڊيٽوريلنئون

ملڪي سياسي تاريخ جي روايت برقرار

            اسلام آباد جي احتساب عدالت اڊيالا جيل ۾ باني پي ٽي آءِ سابق وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ جنهن کي عرف عام ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس چيو وڃي ٿو، هڪ سال کان وڌيڪ عرصو ۽ 100 کان وڌيڪ شنوايون هلائڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ڪندي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. باني پي ٽي آءِ عمران خان کي 14 سال قيد بامشقت ۽ 10 لک رپيا جرمانو ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد بامشقت ۽ 5 لک جرماني جي سزا ٻڌائي آهي. جرمانو نه ڏيڻ جي صورت ۾ باني پي ٽي آءِ 6 مهينا ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي 3 مهينا وڌيڪ سزا جيل اندر ڪاٽيندا. پاڪستان جي تاريخ ۾ اها نئين ڳالهه نه آهي ته ڪنهن وزيراعظم کي سزا ملي هجي، ايستائين جو هڪ وزيراعظم ڦاسيءَ تي به چڙهي ويو آهي.

            بظاهر ته هنن کي عدالتن طرفان سزا ملندي آهي، پر ان جي پويان صرف ۽ صرف اسٽيبلشمينٽ جو هٿ هوندو آهي. هي پهريون مثال آهي جو ڪنهن سابق وزيراعظم کي سندس گهرواري سميت سزا ٻڌائي وئي هجي. 1971ع ۾ ملڪ ٽٽڻ کانپوءِ اولهه پاڪستان وارو حصو اسلامي جمهوريه پاڪستان بڻجي چڪو آهي، سندس تاريخ 53 سال جي آهي. انهيءَ تاريخ تي نظر ڦيرائجي ته ملڪ جا ٻه وزيراعظم اهڙا آهن جن کي انتهائي درجي جي عوامي مقبوليت ملي. انهن ۾ هڪ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻيو باني پي ٽي آءِ عمران خان آهي. جيستائين رياست جي طاقت انهن سان گڏ هئي ان وقت اهي پنهنجي مرضيءَ مطابق فيصلا ڪري رهيا هئا، پر جڏهن رياستي طاقت کانئن ڦرجي وئي ته ٻئي سزاوار ٿيا. هڪ ته ڦاسي تي چڙهي ويو ٻئي کي 14 سال سزا ملي آهي. يقينن عمران خان ان سزا خلاف اپيل ڪندو جيڪو سندس حق آهي ۽ پوءِ رياست جي طاقت جيڪو فيصلو ڪري ٿي اهو اسان سڀني جي سامهون ايندو، پر بدقسمتي سان اهو ضرور لکڻو پوي ٿو ته ملڪ ۾ سياست ۽ سياستدان ڪمزور آهن ۽ رياست جي طاقت پنهنجي مرضيءَ مطابق فيصلا ڪري به ٿي ۽ ڪرائي به ٿي. عدالتن مان انصاف ملڻ يا نه ملڻ انهن طاقتن جي رحم و ڪرم تي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي کي عدالت طرفان 1979ع ۾ سزاءِ موت ڏني وئي ۽ کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. 1985ع ۾ غير جماعتي بنيادن تي ٿيندڙ چونڊن ۾ محمد خان جوڻيجو وزيراعظم ٿيو، کيس 1988ع ۾ بنا ڪنهن ڏوهه جي لاهي گهر موڪليو ويو. بس ان سان مهرباني اها ڪئي وئي ته ان مٿان ڪو ڪيس داخل نه ٿيو. اهو به چيو ٿو وڃي ته جيڪڏهن 17 آگسٽ 1988ع ۾ ضياءُ الحق جو جهاز ڪريش ٿيڻ سبب موت نه ٿئي ها ته محمد خان جوڻيجو به جيل ياترا ڪري ها. ان کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو، نواز شريف وقت کان پهرين حڪومتون وڃائيندا رهيا. محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ جيل ۾ ته نه وئي، پر روزاني جي بنيادن تي عدالتن ۾ پيش ٿيندي رهي ۽ ڪيسن کي منهن ڏيندي رهي. نواز شريف پرويز مشرف جي مارشل لا ۾ جيل ويو. ان کانپوءِ ٽي وزيراعظم ملڪي تاريخ ۾ آيا، ظفرالله جمالي، چوڌري شجاعت ۽ شوڪت عزيز، جيڪي پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيا. 2008ع ۾ ٿيندڙ چونڊن جي ذريعي يوسف رضا گيلاني وزيراعظم چونڊجي آيو جيڪو پڻ پنهنجو مدو پورو ڪري نه سگهيو، عدالت ذريعي کيس گهر موڪليو ويو. نواز شريف هڪ دفعو ٻيهر رياستي ڏاڍ جو نشانو بڻيو، کيس 2017ع ۾ عدالت طرفان لاٿو ويو ۽ سندس ئي پارٽي جي دور حڪومت ۾ کيس جيل اندر موڪليو ويو.

            ساڳي ريت برقرار رکندي باني پي ٽي آءِ جيڪو هن وقت بنا شڪ ملڪ جي عوام جو مقبول ليڊر آهي کيس احتساب عدالت سندس گهرواري سميت سزا ٻڌائي آهي. ايندڙ وقت ۾ انهيءَ ڪيس جو فيصلو پڻ ايئن ئي ٿيندو جيئن گذريل دور ۾ فيصلا ٿيندا رهيا آهن. جڏهن طاقت چاهيندي ان وقت عمران خان کي مليل سزا معاف ڪئي ويندي. اهو اسان جي ملڪ جو الميو آهي، اسان وٽ سياست طاقتور نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو وڏو سبب سياستدان آهن. جيڪي بجاءِ اصولي سياست ڪرڻ جي اقتداري ۽ اختياري واري سياست ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي صرف حڪومت گهرجي. باني پي ٽي آءِ پوري پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ هڪ نئين اميد بڻجي سياسي افق تي اڀريو ۽ کيس عوام جي محبت به ملي ته اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد به حاصل رهيو، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هو ڪرپشن جي خلاف جيڪو نعرو کڻي سياسي ميدان ۾ لٿو هو ان نعري کي پنهنجن ئي پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو ۽ هڪ اهڙي ٽيم ٺاهي جيڪا مختلف طريقن سان کلئي عام ڪرپشن ڪندي رهي، نه صرف ايترو پر سندس گهرواري تي به ڪرپشن جا الزام هئا جيڪي هاڻي ثابت ٿي چڪا آهن ۽ کيس سزا به ملي چڪي آهي. پاڪستاني تاريخ ۾ ٿيندو ته ائين رهيو آهي ته وزيراعظم کي اهڙي ڦرڻي ڪرسيءَ تي ويهاريو وڃي ٿو جنهن جي هڪ طرف جيل جو دروازو کلي ٿو طاقتور جڏهن به چاهين سندس ڪرسيءَ جو منهن جيل جي دروازي طرف ڪري کيس وزيراعظم جي ڪرسيءَ تان اٿاري جيل اندر موڪلي سگهن ٿا، پر اسان جي سياستدانن کي به وقت سان گڏ طاقت جي انهن داءُ پيچن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن کي هاڻي روايتي سياست کان هٽي ترقي پسند سوچ سان سياست ڪرڻي پوندي ته جيئن ملڪ جو مستقبل ۽ جمهوريت محفوظ رهي. هن ڪيس جي فيصلي کانپوءِ سڀني سياستدانن کي سوچڻو پوندو ته کين ڪهڙي قسم جي سياست ڪرڻي آهي ۽ ڪنهن سان گڏ بيهڻو آهي. جيڪڏهن باني پي ٽي آءِ پنهنجي هوڏ تان ٿورو هيٺ لهي ها ته شايد کيس سياسي فائدو ملي سگهي ها.