لفظي جنگ جي باھ ٻاري ڏني اٿن، ڪن ڪجھ نٿا، رڳو ڪانوَ وارو لڙ ڪيو ويٺا آهن. هڪڙي ڪورٽ عمران خان جي حق ۾ فيصلو ٿي ڏئي يا معافي تلافي زباني ڪلامي هلائي مڙئي عزت بچائي پٽڪو ڌوڙ ڪري، وري ٻئي ڏينهن ساڳي ڪورٽ وري اهو ٿي چئي ته 62 ون اي صحيح ناهي، اهو ڪارو قانون آهي. جڏهن نواز شريف جي لاءِ پاناما ليڪس واري ڳالھ ڪري هنن کيس ڪوڙو ۽ فاصد ثابت ڪري ڪورٽ مان نااهل ڪرائي اڊيالا مان لنڊن روانو ڪيو هئنس، تڏهن قانون صحيح هو هاڻي وري جڏهن عمران خان جو وارو آيو ته اهي قانون ڪارا ٿي ويا. مثال طور: توشا خانا ۽ فارين فنڊنگ جي ڪيس جا فيصلا محفوظ پيا آهن، جيڪي ڪنهن مهل به ملڪي سياست جي ڪايا ڦيرائي سگهن ٿا. ملڪي سياست بدلي واري سياست کانسواءِ ڪجھ به ناهي. جيئن پي ٽي آءِ وارا وقت ڪڍي ويا ائين هاڻي به شهباز سرڪار وقت ٽپائي ويندي. خان جي اڳ ۾ به اها ئي ڳالھ هئي ته رڳو نون ليگ ۽ پ پ کي نه ڇڏيندو، پر هاڻي وري نون ليگ جي به ساڳي ڳالھ لڳي پئي آهي ته اهي هاڻي فرح گوگي کان وٺي جهانگير خان ترين جي ڪرپشن جا ڪيس اٿلائيندا ۽ ٻيهر انهن جي جاچ ڪرائيندا ۽ عمران خان جي سڄي ٽولي کي نه ڇڏيندا، ان ڪري رڳو ڪورٽن ۾ پيش ٿيڻ شرط نه هو، پر توشا خانا، فارين فنڊنگ ۽ القادر يونيورسٽي جا محفوظ ڪيس جڏهن رڳو ٻڌائڻ جي حد تائين رڪيل آهن، جن جي ٻڌائڻ جي دير آهي. فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جڏهن محفوظ پيو آهي، جڏهن ايف آءِ اي پي ٽي آءِ جي پويان ورَ کڻي پئي آهي تڏهن عمران خان جي سياست ڄڻ داوَ تي لڳي پئي آهي. ان ڪري عمران جي سياست ۾ هاڻي ٿوري استقامت ۽ سچائي جو هجڻ به لازمي آهي، ڇو ته سياست جي پائيداري رڳو رياست ۽ سياسي پارٽين سان ويڙھ جو نالو ناهي. ساڳي تناظر ۾ ڏسون ته پ پ ڀلي ڪيتري به لچڪدار سياست ڪندي هجي، پر نون ليگ وري ان بدلي جي سياست ۾ زبردست يقين رکڻ واري به آهي، جيڪا ڳالھ عمران خان کي وسارڻ نه گهربي هئي، پر پي ٽي آءِ ته پرائي جنگ وڙهي ۽ پنهنجي روايتي سياست به ٻوڙي هلي وئي، ان ڪري راند ۽ سياست ۾ ڪجھ فرق ڪجي ته ڀلو آهي نه ته ٻي صورت ۾ سياست ڪوڙي ٿي ٿي پئي.