آدمشماري جي نتيجن جو اعلان ڪرڻ کان اڳ اختلاف راءِ جو شڪار
سي سي آءِ ۾ آدمشماري 2017 جا نتيجا اعلان ڪرڻ کان اڳ اختلاف راءِ جو شڪار ٿي ويا. پ پ پاران مسلم ليگ (ن) طرفان آدمشماري جا نتيجا بغير آڊٽ جي ظاهر ڪرڻ سبب اختلاف راءِ جو اظهار ڪيو آهي. پ پ هن طريقي کي معاهدي جي خلاف ورزي قرار ڏيندي مخالفت ڪري ڇڏي. آدمشماري بابت عالمي قانون مطابق نتيجن کي 30 ڏينهن اندر آڊٽ ڪرائڻو هوندو آهي. واضح رهي ته حڪمران جماعت پاران آدمشماري جي متنازع نتيجن تي آپوزيشن سان معاهدو ڪيو هو ته انهن نتيجن جي 5 سيڪڙو جو آڊٽ ڪنهن آزاد فريق کان ڪرايو ويندو پر وفاقي حڪومت اهڙو ڪوبه قدم نه کنيو آهي. ياد رهي ته پارليامينٽ پاران چونڊن جي سلسلي ۾ اليڪشن جي قانون ۾ تبديلي جي بنياد تي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ آدمشماري جي صوبائي نتيجن جي تصديق ڪئي هئي. جڏهن ته صوبائي نتيجن کي آخري شڪل نه ڏني وئي هئي. جڏهن ته عام تاثر اهو به آهي ته سي سي آءِ کي هن معاملي کان پري رهڻ گهرجي ته جيئن اهو معاملو چونڊن جي نتيجن تي اثر انداز نه ٿئي. واضح رهي ته شماريات جي شعبي پاران به وزير اعظم کي چيو ويو هو ته آدمشماري کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، ان ڪري ان جي نتيجن کي آڊٽ نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن وقت ان مان ڪوبه فائدو حاصل نه ٿيندو. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم ۽ پ پ هنن نتيجن کي فراڊ قرار ڏيندي احتجاج ڪيو هو. ياد رهي ته 2017 ۾ ٿيل ڇهين آدمشماري ۾ ملڪ جي آبادي 20,77,74520 هئي.

