بلاگنئون

ريڊيو، صديون اڳ جو آواز، پر هميشه جي لاءِ زنده

وقت جو وهڪرو هر شيءِ کي بدلائي ٿو، پر ڪجھ شيون اهڙيون آهن، جيڪي فنا ٿيڻ بدران نوَن روپن ۾ سامهون اچن ٿيون. ريڊيو به اهڙن مظاهر مان هڪ آهي، جيڪو انساني سماج، ثقافت ۽ احساسن جو اهڙو حصو بڻجي چڪو آهي، جو ان جو وجود رڳو هڪ اوزار طور ختم نٿو ٿي سگهي. هر سال 13 فيبروري تي ريڊيو جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن صرف ريڊيو جي ايجاد جو جشن ناهي، بلڪه ان فڪري سفر جو به اعتراف آهي، جيڪو ريڊيو جي ذريعي هڪ صديءَ کان جاري آهي. يونيسڪو جي سرپرستيءَ هيٺ، هي ڏينهن ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ريڊيو جو وجود صرف ماضيءَ جو قصو ناهي، بلڪه مستقبل جي مواصلاتي، ثقافتي ۽ فڪري دنيا جو اهم ترين حصو آهي. اڄ جي ڊجيٽل، اسٽريمنگ ۽ مصنوعي ذهانت واري دنيا ۾، ريڊيو جو مقام بحثن جو هڪ اهم موضوع ٿي سگهي ٿو. ڇا ريڊيو جيڪو اسان جي نظرن کان گم ٿي رهيو آهي، حقيقت ۾ مٽجي رهيو آهي يا اهو ڪنهن ٻي شڪل ۾ پنهنجي بقا ثابت ڪري رهيو آهي؟

قديم يوناني فلسفي پارميڊيز جو چوڻ هو ته وجود جو عدم ۾ وڃڻ ناممڪن آهي ۽ جيڪو ڪجھ موجود آهي، اهو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ھميشه رهندو، پر هيراڪليٽس وري چوي ٿو ته هر شيءِ بدلجڻ جي عمل مان گذري ٿي ۽ وجود جي فطرت ئي مسلسل تبديليءَ ۾ آهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي نظرين کي ريڊيو تي لاڳو ڪجي ته اسان ڏسون ٿا ته: ريڊيو جو جسماني وجود، يعني وڏا ريڊيو سيٽ، ٽرانزسٽر ۽ ايف ايم اسٽيشنون آهستي آهستي گهٽجي رهيون آهن، پر ريڊيو جون لهرون، ان جو آواز ۽ ان جي بنيادي حيثيت نئين روپ ۾ ظاهر ٿي رهي آهي. ريڊيو فنا نه ٿيو آهي؛ ان جو مفهوم وسيع ٿي ويو آهي، ان جو وجود تبديل ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جو وجود ان جي اثر سان وابسته آهي ته پوءِ ريڊيو اڄ به موجود آهي. پوڊڪاسٽ، اسٽريمنگ سروسز ۽ وائرليس ڪميونيڪيشن، اهي سڀ ريڊيو جي نئين شڪلين جا مثال آهن. ريڊيو جون لهرون نظر نٿيون اچن، انهن کي هٿ سان محسوس نٿو ڪري سگهجي، پر انهن جو اثر آهي. اهو ساڳيو تصور صوفياڻه فلسفي، ڪوانٽم فزڪس ۽ مابعدالطبيعات ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. صوفياڻه فڪر ۾ “صوت” (آواز) کي روح جو حصو سمجهيو ويندو آهي. ڪوانٽم فزڪس ۾، روشنيءَ جون لهرون نظر نٿيون اچن، پر انهن جو وجود آهي. مابعدالطبيعي لحاظ کان حقيقت صرف اها ناهي، جيڪا ظاهري طور تي نظر اچي. ريڊيو به اهڙي ئي هڪ غير مرئي حقيقت آهي، جيڪا نظر نٿي اچي، پر هر هنڌ موجود آهي. وقت ۽ جڳھ انساني تجربي جا ٻه بنيادي جز آهن. عام طور تي اسان سمجهون ٿا ته هر شيءِ وقت جي پابند آهي، پر ريڊيو ان تصور کي چئلينج ڪري ٿو. ريڊيو جو آواز هڪ ماضيءَ جي صدا آهي، جيڪا حال ۾ گونجي سگهي ٿي ۽ مستقبل تائين محفوظ رهي سگهي ٿي. هڪ قديم ريڊيائي لهرون، نئين نسل جي ماڻهن تائين يوٽيوب يا پوڊڪاسٽ ذريعي پهچي رهيون آهن. ريڊيو جو آواز ڪنهن هڪ خاص جاءِ لاءِ محدود ناهي، جيڪو هوا ۾ پکڙجي ٿو ۽ سرحدن جي قيد کان آزاد آهي. اهڙيءَ ريت، ريڊيو رواجي وقتي ۽ مڪاني حدن کان آزاد ٿي وڃي ٿو. ڪجهه شيون جديديت جي باوجود قائم رهنديون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جو تسلسل انساني ضرورتن ۽ ثقافتي لاڳاپن سان جڙيل هوندو آهي.

ڳوٺن ۾ ريڊيو جو زنده هجڻ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته :جديديت باوجود، سادي، سستي ۽ عام فهم ٽيڪنالاجيءَ جي اهميت ختم نٿي ٿئي. لوڪ موسيقي، روايتي قصا ۽ مقامي ثقافت ريڊيو تي محفوظ آهي. ريڊيو بجلي ۽ انٽرنيٽ کان آزاد هجڻ ڪري، هڪ خود مختيار ميڊيا آهي. شهرن ۾ ريڊيو ڊجيٽل روپ اختيار ڪري ورتو، پر ڳوٺن ۾ اهو اڃان به پنهنجي اصل حالت ۾ موجود آهي. ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ريڊيو هاڻي ختم ٿي رهيو آهي، پر جيڪڏهن غور ڪجي ته: ڇا ريڊيو جي تبديلي، ان جي موت جي نشاني آهي يا ان جي واڌاري جي علامت آهي؟ ڇا ريڊيو جون لهرون، مختلف ميڊيا جي صورت ۾، مختلف شڪلين ۾ ظاهر ٿي رهيون آهن؟ جيڪڏهن فنا جو مطلب، ڪنهن شيءِ جو مڪمل ختم ٿي وڃڻ آهي ته پوءِ ريڊيو فنا نه ٿيو آهي. جيڪڏهن ارتقا جو مطلب، ڪنهن شيءِ جو نئون روپ اختيار ڪرڻ آهي ته پوءِ ريڊيو ارتقا ماڻي چڪو آهي. ريڊيو جو جسم فنا ٿي سگهي ٿو، پر ان جو آواز ھميشه لاءِ محفوظ آهي. ريڊيو جو فلسفو اسان کي اهو سمجهائي ٿو ته: وجود جي تعريف صرف ظاهري شڪل سان نٿي ٿي سگهي. هڪ شيءِ، جيڪا ماضيءَ ۾ هئي، اهو ضروري ناهي ته اها فنا ٿي وڃي، اهو ممڪن آهي ته ان نئون روپ اختيار ڪيو هجي. آواز، لهرون ۽ معلومات جا ذريعا، نئين دور جي تقاضائن مطابق، پنهنجي شڪل تبديل ڪن ٿا. ريڊيو فنا نه ٿيو آهي، بس ان جو نئون روپ سامهون آيو آهي. جتي به صدا آهي، اتي ريڊيو جو وجود آهي.