نوجوان ڪنهن به معاشري ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جهڙي حيثيت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي نوجوان جديد دنيا جي جديد تقاضائن سان ڳنڍجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي اوسر ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا. تعليم جو ميدان هجي يا زندگيءَ جا ٻيا شعبا، نوجوان جيترو سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ڪو ٻيو شايد ئي اهڙو سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهي. اسان جي ملڪ ۾ به شرح جي لحاظ کان نوجوانن جو انگ اڌ کان گهڻي آباديءَ تي ٻڌل آهي. ايڪيهين صديءَ جي هن جديد تعليمي چئلينجن واري دنيا ۾ سنڌ جو نوجوان تعليم جي ميدان ۾ باقي دنيا سان ڪيترو ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل نظر اچي ٿو، اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو بهرحال حل طلب ۽ بحث جوڳو آهي. ٿلهي ليکي ڳالهه ڪجي ته سنڌ تعليم جي ميدان ۾ ملڪ جي باقي صوبن کان ڪافي پوئتي بيٺل نظر اچي ٿي. دنيا جتي تعليم جي ميدان ۾ نت نوان تجربا ڪري رهي آهي ۽ هڪٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي ڊوڙ ۾ تعليم جي ميدان ۾ انقلابي وکون کڻي رهي آهي، اُتي اسان اڃان تائين پنهنجي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ فرنيچر ۽ ڪتابن جي کوٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، استادن جي غير تربيت يافته هجڻ وارن مسئلن کان ويندي جديد ٽيڪنالاجي سان واڳيل نصاب جي ڏُڪر وارو سوال اسان جي اڳيان وڏو چئلينج بڻيل آهي. لکين ٻارن جو پرائمري جي سطح تي ئي اسڪولن مان ٻاهر ٿيڻ ۽ ڪاليج جي سطح تي سهولتن جي اڻهوند جا مسئلا مٿي ۾ لڳل آهن. ايتري قدر جو مسئلن جا ڏونگر سر ڪري جڏهن اسان جو نوجوان يونيورسٽي جي سطح تي پهچي به ٿو ته گهربل ڪريئر ڪائونسلنگ نه ٿيڻ سبب “بند گهٽيءَ” ۾ ڦاسي پوي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو نوجوان باقي دنيا سان ڪُلهو ملائڻ کان گهڻو پوئتي بيٺل رهجي وڃي ٿو، توڻي جو اسان وٽ قابليت ۽ مهارت جي ڪا ڪمي ڪونهي.