بلاگنئون

اڄ جي نوجوان جا تعليمي مسئلا ۽ انهن جو حل

نوجوان ڪنهن به معاشري ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جهڙي حيثيت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي نوجوان جديد دنيا جي جديد تقاضائن سان ڳنڍجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي اوسر ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا. تعليم جو ميدان هجي يا زندگيءَ جا ٻيا شعبا، نوجوان جيترو سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ڪو ٻيو شايد ئي اهڙو سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهي. اسان جي ملڪ ۾ به شرح جي لحاظ کان نوجوانن جو انگ اڌ کان گهڻي آباديءَ تي ٻڌل آهي. ايڪيهين صديءَ جي هن جديد تعليمي چئلينجن واري دنيا ۾ سنڌ جو نوجوان تعليم جي ميدان ۾ باقي دنيا سان ڪيترو ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل نظر اچي ٿو، اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو بهرحال حل طلب ۽ بحث جوڳو آهي. ٿلهي ليکي ڳالهه ڪجي ته سنڌ تعليم جي ميدان ۾ ملڪ جي باقي صوبن کان ڪافي پوئتي بيٺل نظر اچي ٿي. دنيا جتي تعليم جي ميدان ۾ نت نوان تجربا ڪري رهي آهي ۽ هڪٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي ڊوڙ ۾ تعليم جي ميدان ۾ انقلابي وکون کڻي رهي آهي، اُتي اسان اڃان تائين پنهنجي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ فرنيچر ۽ ڪتابن جي کوٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، استادن جي غير تربيت يافته هجڻ وارن مسئلن کان ويندي جديد ٽيڪنالاجي سان واڳيل نصاب جي ڏُڪر وارو سوال اسان جي اڳيان وڏو چئلينج بڻيل آهي. لکين ٻارن جو پرائمري جي سطح تي ئي اسڪولن مان ٻاهر ٿيڻ ۽ ڪاليج جي سطح تي سهولتن جي اڻهوند جا مسئلا مٿي ۾ لڳل آهن. ايتري قدر جو مسئلن جا ڏونگر سر ڪري جڏهن اسان جو نوجوان يونيورسٽي جي سطح تي پهچي به ٿو ته گهربل ڪريئر ڪائونسلنگ نه ٿيڻ سبب “بند گهٽيءَ” ۾ ڦاسي پوي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو نوجوان باقي دنيا سان ڪُلهو ملائڻ کان گهڻو پوئتي بيٺل رهجي وڃي ٿو، توڻي جو اسان وٽ قابليت ۽ مهارت جي ڪا ڪمي ڪونهي.

نوجوانن جي تعليمي مسئلن ۾ جيڪي سرفهرست مسئلا آهن، تن ۾ ڪجهه هيٺيان مسئلا ڳڻائي سگهجن ٿا:

* اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو جديد طرز جي تعليمي معيار ۽ سهولتن کان وانجهيل هجڻ.

* تعليمي ادارن ۾ تعليم جو روايتي ۽ پراڻو طريقيڪار مروج هجڻ.

* نصاب جو فرسوده ۽ قديم هجڻ.

* بورڊن جي سطح تي مارڪن ۽ ڊگرين جو وڪرو ٿيڻ.

* ڪاپي ڪلچر.

* نوڪرين جي سياسي رشوت ۽ مالي ڪرپشن ذريعي بندربانٽ.

* سفارشي ڪلچر.

* ڪريئر ڪائونسلنگ نه هجڻ.

* روزگار جا گهٽ موقعا هجڻ.

* واپار جي اهميت کان اڻواقف هجڻ.

مٿين سمورن مسئلن جو بغور جائزو وٺبو ته اهي سڀ گڏيل مسئلا آهن، جن جي ذميواري به شراڪتي بنيادن تي اسان سڀني مٿان لاڳو ٿئي ٿي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نظام مٿان ۽ نظام جي ضمانت دارن (اسٽيڪ هولڊرن) مٿان پڻ.

اسان جي تعليم جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته پرائمري کان وٺي سيڪنڊري تائين، ڪاليج کان وٺي يونيورسٽي تائين هڪ اهڙي تعليم روايتي انداز سان ڏني وڃي ٿي، جيڪا حقيقت ۾ هاڻي مدي خارج ٿي چڪي آهي. اسان جي ٻار کي پڙهايو ته وڃي ٿو، پر دنيا سان هلڻ لاءِ تيار نٿو ڪيو وڃي. نظريو (ٿيوري) ته پڙهايو وڃي ٿو، پر عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي علم کي ٻار ڪيئن ترقي ۽ ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪري، اهو نٿو سيکاريو وڃي. ان ڪري اسان جي پرائمري اسڪول کان ويندي يونيورسٽي تائين تجربيگاهه قائم ڪري عملي تعليم ڏني وڃي، نه ڪي تصوراتي.

اسان وٽ ٽيڪنيڪل مهارتون سيکارڻ لاءِ اسان جون يونيورسٽيون ئي تيار ناهن، اسڪول ۽ ڪاليج ته اڃان پري آهي. اسان جي نوجوان جي سموري تعليمي مرحلن دوران ڪٿي به ڪابه ڪريئر ڪائونسلنگ نه ٿي رهي آهي، جنهن ڪري اسان جو نوجوان يونيورسٽي تائين پهچي ٿو، پر هو فيصلو ڪري نٿو سگهي ته هو ڪاڏي وڃي؟ ڪهڙي سبجيڪٽ ۾ کيس پڙهڻ گهرجي؟ ڪهڙي سبجيڪٽ جي گهڻي ڊمانڊ آهي؟ يونيورسٽي تائين پهچندڙ ٻار جڏهن اهو سمجهي ئي نٿو سگهي ته کيس ڇا ڪرڻو آهي؟ ته پوءِ توهان ان مان اندازو لڳايو ته اسان جي اسڪول جو ٻار يا ڪاليج جو ٻار پنهنجي ڪريئر جي حوالي سان ڪيترو باخبر يا ادراڪ رکندڙ هوندو؟ اسان جي هاءِ اسڪول جي سطح تي ڪريئر ڪائونسلنگ جو مضمون پڙهايو وڃي. ڪريئر ڪائونسلنگ جا سيشن هلايا وڃن. دنيا اندر پنجين ڪلاس جا ٻار به اي مارڪيٽنگ ۽ ڊجيٽل ڪامرس ذريعي واپار ڪن ٿا ۽ ادارا هلائين ٿا، اسان جي پرائمري اسڪول جي ٻار کي به ان ڏس ۾ تيار ڪرڻو پوندو.

نئين نسل جي تعليمي مسئلن جي حل لاءِ ڪجهه مکيه تجويزون:

* پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين نصاب ۾ جوڳيون تبديليون آنديون وڃن. نصاب مان مدي خارج سبق ۽ تصور ختم ڪيا وڃن.

* پرائمري جي سطح تي هُنري تعليم جو موضوع عملي تجربن سان شامل ڪيو وڃي. هي دور عام ڊگرين جو ناهي، ان ڪري نوجوانن ۾ هُنري تعليم جي افاديت جو شعور بيدار ڪرڻ لاءِ سبق شامل ڪيا وڃن ۽ باقاعدي سرڪاري سطح تي مهم هلائي وڃي.

* هُنري تعليم جي مضمونن جا استاد خاص طور تي پنجين کان ڏهين ڪلاس تائين مقرر ڪيا وڃن.

* نوجوانن کي آرٽيفشل انٽيليجنس، اِي مارڪيٽنگ، ڊجيٽل مارڪيٽنگ جي ميدان ۾ نه رڳو تعليم مهيا ڪئي وڃي، پر انهن لاءِ جوڳا روزگار جا موقعا پڻ پيدا ڪيا وڃن.

* استادن جي سکيا جي طريقن کي ماڊرن دنيا سان ڳنڍيو وڃي.

* اسڪولن ۽ ڪاليجن کي خصوصي طور تي ملٽي ميڊيا سان ڳنڍيو وڃي، هر ڪلاس روم کي جديد طرز جي بنياد تي سکيا لائق بڻايو وڃي، ان لاءِ ضروري آهي ته استاد به تربيت يافته مقرر ڪيا وڃن.

* ڪاليج سطح تي “اي مارڪيٽنگ” ۽ “ڊجيٽل مارڪيٽنگ” جا باقاعدي مضمون شامل ڪري ڪلاس هلايا وڃن.

* ڪاليج سطح جي نوجوانن کان ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪرايا وڃن ۽ ان لاءِ حڪومت خصوصي سطح تي پئڪيج مهيا ڪري.

* نوجوانن کي مختلف ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا قرض جاري ڪري انهن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ هلائڻ سان مشروط ڪيو وڃي.

* ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي سرڪاري سطح تي صنعتن سان لنڪ ڪرڻ گهرجي (ڏيهي توڙي پرڏيهي).

* آءِ ٽي، آرٽيفيشل انٽيليجنس، روبوٽڪ ورلڊ ۽ ڊيٽا سائنس جي شعبن کي باقاعدي ڪورس جو حصو بڻايو وڃي.

* ڪاليج سطح تي ڪريئر ڪائونسلنگ شعبا قائم ٿيڻ گهرجن.

* نوجوانن جي يوٿ پارليامينٽ جوڙي وڃي.

* نوجوانن جو تعليم جو وزير الڳ هجي.

* سنڌ جي يونيورسٽين کي باقي دنيا جي يونيوسٽين سان ڳنڍيو وڃي.

جيستائين حڪومتي سطح تي سسٽم کي تبديل ڪرڻ ۽ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي اثرائتا قدم کڄن، تيستائين ڪجهه صلاحون نوجوانن کي پيش ڪجن ٿيون، جن جو سهارو وٺي اڄ جو نئون نسل پنهنجا ڪافي مسئلا پنهنجي سطح تي پاڻ ئي حل ڪرڻ جي قابل بڻجي سگهي ٿو.

اهي اصلاحي نقطا ڪجهه هن ريت آهن:

* جيستائين اسان جو نوجوان تعليم کي ڊگري حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهندو رهندو، تيستائين اهو تعليم يافته بڻجي نه سگهندو.

* اسان جي نوجوان کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته تعليم حاصل ڪرڻ جو بنيادي مقصد روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ نه، پر هڪ مڪمل انسان بڻجڻ آهي، جيڪو سماج جي هر چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ قابل هجي.

* تعليم حاصل ڪرڻ جو بنيادي مقصد قابل بڻجڻ هجڻ گهرجي، نه ڪي نوڪري حاصل ڪرڻ. اسان جو نوجوان قابل بڻجندو ته نوڪريون کيس پاڻ ڳولينديون، جڏهن ته اڄ هو ڊگريون هٿن ۾ کڻي روزگار ۽ نوڪريون ڳوليندو ٿو وتي. اهو ان ڪري به آهي جو اسان جي نوجوان وٽ ڊگريون ته آهن، پر اهليت ۽ صلاحيت ناهي.

* جيڪڏهن اسان جو نوجوان پاڪستان کي بدلجندڙ دنيا سان مقابلي لاءِ تيار ڪري وجهي ته کيس نه نوڪري پنڻ جي ضرورت پوندي، نه گهرڻ جي نه روئڻ جي نه پٽڻ جي.

* هو بدلجندڙ دنيا سان مقابلي لاءِ اهليت پيدا ڪري وٺندو ته ننڍي عمر ۾ ئي ان قابل بڻجي پوندو ته هو پنهنجو ۽ پنهنجي گهرڀاتين جو ته ڀرجهلو بڻجي سگهندو، پر پوري سماج لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهندو. بلڪه هو نوڪريون وٺندڙ نه، پر خود نوڪريون ڏيندڙ بڻجي سگهي ٿو.

هن مقالي ذريعي مان خاص طور تي اڄ جي نئين نسل کي اهو پيغام ڏيڻ ٿو چاهيان ته:

اسان جي نوجوان کي سمارٽ ورڪ ڪرڻو پوندو. عقل ۽ فهم کان ڪم وٺڻو پوندو. دنيا جي تيز طوفاني تبديل ٿيندڙ دنيا سان گڏ هلڻ جهڙو بڻجي پوندو. اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان جو نوجوان سوچ تبديل ڪندو. تعليم حاصل ڪرڻ جو انداز تبديل ڪندو. پڙهڻ ۽ ڊگريون حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ بدران اهليت ۽ قابليت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ پاڻ کي متحرڪ رکندو. ياد رکو ته جيڪڏهن اسان جو نوجوان ائين ڪري ويو ته هڪ نئين تاريخ رقم ڪري سگهندو.

***