نئون

سياستدان پنهنجي سيڪيورٽي جو پاڻ ئي بندوبست ڪن

سپريم ڪورٽ پاران سياستدانن کي چيو ويو آهي ته اهي پنهنجي سيڪيورٽي جو پاڻ ئي بندوبست ڪن. جميعت علماءِ اسلام جي مولانا فضل الرحمان کي خاص هدايت ڪندي چيف جسٽس چيو ته سياستدانن کي ان ڳالهه جي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي ته اهي پنهنجي چونڊن جو ڪم ڪار سرڪاري خرچ تي ڪن. واضح رهي ته وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن پاران سرڪاري لگزري گاڏين جي استعمال جي پاڻ مرادي نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس ثاقب نثار اهي هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته قانون مطابق وزير ۽ سرڪاري عهديدار صرف 1800 سي سي جون گاڏيون نٿا رکي سگهن. ان موقعي تي وڪيل ڪامران مرتضيٰ پاران چيف جسٽس کي ٻڌايو ويو ته مولانا فضل الرحمان تي ٽي قاتلانه حملا ٿيا آهن، جنهن جي جواب ۾ چيف جسٽس چيو ته مولانا فضل الرحمان کي پنهنجي سيڪيورٽي جو بندوبست پاڻ ئي ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه هن اهو به چيو ته مولانا کي اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته هن مهل تائين هن جي سيڪيورٽي تي ڪيترو خرچ اچي چڪو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس پاران آصف علي زرداري ۽ بلاول زرداري جي استعمال هيٺ گاڏين جا تفصيل پڇيا جنهن جي جواب ۾ وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته هو پنهنجون گاڏيون استعمال ڪندا آهن. بعد ۾ چيف جسٽس پاران لا آفيسر کي هدايت ڪئي ته ماڊل ٽائون ۾ موجود شهباز شريف جي سيڪيورٽي جي وڊيو ٺاهي آڻڻ جو چيو ۽ چيو ته ڪهڙي قانون تحت اڳوڻي وزير اعليٰ کي بلٽ پروف گاڏي ڏني وئي آهي ۽ هن جي گهر ٻاهران چپي چپي تي پوليس چوڪيون لڳل آهن. جڏهن ته گاڏيون پارڪن ۾ بيهاريون وڃن ٿيون، جنهن تي عدالت حڪم جاري ڪيو ته تمام چوڪيون هٽايون وڃن، جنهن سان گڏ عدالت بلوچستان جي اڳوڻي وزير اعليٰ کي حڪم ڏنو ته بلوچستان جا اڳوڻا سڀئي وزير اڄ رات تائين پنهنجون گاڏيون واپس ڪن يا هر ڏينهن هڪ لک رپيا ڏنڊ ادا ڪن جيڪو هڪ هفتي کانپوءِ ٻه لک ٿي ويندو. ان موقعي تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته عدالت جي حڪم تي عمل ڪندي 105 اڳوڻن وزيرن ۽ سرڪاري عهديدارن کان گاڏيون واپس ورتيون ويون آهن، جنهن کان علاوه بلوچستان جي ايڊيشنل اٽارني جنرل نيئر رضوي ٻڌايو ته بلوچستان حڪومت پاران به 56 مان 49 گاڏيون واپس ڪيون ويون آهن.