ھي ڌرتيءَ جا حلالي پٽ سنڌ ڌرتيءَ جا لاڏلا، ڏاهپ، بهادري، شعور ۽ قرباني جي جذبن سان مالا مال آهن. سنڌو درياءَ، جيڪو ان ڌرتي جي ساهه رڳ آهي، ان تي ٿيندڙ ظلم خلاف جڏهن قانون جا محافظ، سنڌ جا باهمت وڪيل، ميدان ۾ نڪتا آهن ته اها جدوجهد تاريخي اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. هن تحريڪ ۾ صرف قانوني احتجاج ناهي، پر اهو قومي شعور، ڌرتي سان محبت، ايندڙ نسلن جي فڪر ۽ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿارڻ جو عظيم مثال آهي. سنڌو درياءَ جي حيثيت رڳو پاڻيءَ جي ندي تائين محدود ناهي. هي درياءَ سنڌ جي وجود، زراعت، ماحوليات، تاريخ، ثقافت ۽ روزگار سان واڳيل آهي. جڏهن به ان درياءَ تي بند، ڊيم يا ڪئنال ٺاهڻ جون سازشون ٿيون آهن. تڏهن سنڌ جي ماڻهن جي زندگين تي سڌو اثر پيو آهي. 1991ع پاڻيءَ جي ورڇ واري معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان ان تي عملدرآمد نٿو ٿئي. سنڌ جي وڪيلن جي احتجاج، لانگ مارچ ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ھن ڪئنالن جي تحريڪ ۾ جان وجھي ڇڏي آھي. وڪيلن جي عملي جدوجهد هڪ اهڙو باب آهي، جيڪو نه وسارڻ جهڙو آهي نه نظرانداز ڪرڻ جوڳو. انهن وڪيلن پاران ڪراچي کان خيرپور تائين ٿيندڙ لانگ مارچ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي مسلسل ٻاھتر ڪلاڪن کان لڳاتار ڌرڻو اھو ڏيکاري ٿو ته سنڌ جا شعور رکندڙ ماڻهو اڃان زنده آهن. اهي وڪيل عدالتن ۾ قانون جي بنيادن تي جدوجهد کان ويندي پنھنجي اڃ بک گرمي سردي ڏک سک ذاتي مجبوري کي پاسي تي رکي ڌرتيءَ جي سينڌ سجائڻ ۾ ڌرتي جا لڙڪ اگھڻ ۾ اڳڀرا آھن. ان سموري تحريڪ ۾ جتي سياسي سماجي شاگرد استاد ھاري ناري مزدور سنڌ جو ھر شعور رکندڙ ماڻھو ان تحريڪ ۾ سر فھرست نظر اچي رھيو آھي.