ديو مالائي اهميت جي مالڪ سنڌو درياءَ جي ڊيگهه اٽڪل3,180 ڪلو ميٽر آهي، جيڪو تبت ۾ مانسره نديءَ کان 30 ڪلو ميٽر ڏور ڪيلاش جي برفاني پهاڙين کان شروع ٿئي ٿو. ڪيلاش کان شروع ٿيندڙ اهو عظيم درياءَ هڪڙي ننڍڙي جڳهه “دم چڪ” کان “لداخ” ۾ داخل ٿئي ٿو. لداخ ۾ هن کي “سنگي کپ” جي نانءُ سان سڏيو وڃي ٿو، سنگهي جو مطلب آهي“شينهن” ۽ “کپ” جو مطلب آهي وات. نه صرف اهو بلڪه پاڪستان ۾ هن محبوب درياءَ جا مختلف نانءُ آهن ۽ اهو جن جن وسندين کي ريج ڏيندو ۽ انهن جي جهولين ۾ خوشخالي اوتيندو گذري ٿو. اتان جا رهاڪو هن کي محبت ۽ شڪر وچان مختلف نانءُ ڏين ٿا. مثال طور: پشتو ۾ هن کي “اباسين” يعني دريائن جو پيءُ، سنڌ جا رهواسي هن کي وري محبت ۽ لاڏ وچان “مهراڻ” ۽ “سنڌو ندي” به ڪوٺين ٿا. لفظ سنڌو جيئن ته سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جو بنياد “سند” تي آهي ۽ جنهن جي معنيٰ “وهڻ” آهي، ليڪن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گجگوڙ ڪري وهندڙ اهوئي درياءَ هن وقت هڪ واھ جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. سنڌو درياءَ سان وفاق جو ايترو وير ته هتي سال ۾ صرف چار مهينا پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو ۽ باقي اٺ مهينا واري ئي واري اڏرندي رهي ٿي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دنيا جي وڏن دريائن منجهان نيل ۽ سنڌو درياءَ ۽ اهي درياءَ آهن ته جيڪي پنهنجي پاڻي سان گڏ وڏي مقدار ۾ زرخيز مٽي يا واري آڻين ٿا، ليڪن سنڌو درياءَ جي پاڻي ۾ واري ۽ مٽي جو مقدار نيل درياءَ کان ٽيڻ تي آهي. برطانوي گزٽ جي مطابق 1873 تائين درياءَ جي واريءَ سان گڏ اچڻ واري مٽي اٽڪل 97 ميل ڊيلٽا جي نئين زمين ٺاهي هئي.