سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سنڌو درياءَ جو تحفو آهي ۽ صدين کان سنڌ جي معاشي ترقيءَ ۽ زرخيزيءَ جو اھڃاڻ سنڌو درياءَ آھي، پر اڄ سنڌ پاڻيءَ جي شديد بحران جي ور چڙهيل آهي. سڄي سنڌ خاص ڪري لاڙ وارن ضلعن تائين، ماڻهو توڙي چوپايو مال پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ سڪي رھيا آهن. مٿان وري سنڌو درياءَ تي پنجاب جي چولستان واري علاقي ۾ ٺھندڙ نوان ڪئنال منصوبا سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي پلجندڙ سنڌ جي ماڻھن، آبي جيوت، ماحوليات سميت انڊس ڊيلٽا کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. جتي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ عوام، سياسي پارٽيون، وڪيل، شاگرد، ۽ سول سوسائٽيءَ جا ميمبر انهن منصوبن خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا. اهڙين حالتن ۾، جتي سنڌ جو هر باشعور فرد سراپا احتجاج هو، اتي اسان جا اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن جي خاموشي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي.
سنڌ جي مختلف برادرين پنهنجي ڌرتيءَ سان ايڪتا جو اظهار ڪيو. انهن روڊن ۽ رستن تي نڪري پنهنجا احتجاج رڪارڊ ڪرايا، پر اسان جا اردو ڳالهائيندڙ ڀائر، جن جو هڪ وڏو انگ سنڌ جي وڏن وڏن شهرن ۾ آباد آهي ۽ اهي سياسي طور تي متحرڪ به آهن انهن جو ان پاڻيءَ واري مسئلي تي خاموش رهڻ حيرت ۾ وجهي ٿو. ڇا سبب آهي جو اهي سنڌ جي پاڻيءَ جي حق ۾ ٻين سان گڏ آواز نه ملائي سگهيا؟ اهي سوال فطري طور تي ذهن ۾ اچن ٿا ته اهي ڀائر جيڪي گذريل 78 سالن کان سنڌ ۾ رھائش پذير آهن، ڇو اڃان تائين سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي کليل موقف اختيار نه ڪري سگهيا آهن؟
ان جو جواب تاريخ، سماجيات، ۽ سياست جي روشني ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. ان خاموشيءَ جا ڪجهه تاريخي ۽ سماجي ڪارڻ آهن. 1947ع ۾ جڏهن مهاجر برادري هجرت ڪري سنڌ ۾ آباد ٿي، تڏهن انهن کي پنهنجي نئين سڃاڻپ ٺاهڻ ۽ شهري زندگيءَ سان مطابقت پيدا ڪرڻ ۾ ڪافي جدوجهد ڪرڻي پئي. سندن اڪثريت ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙن شهري علائقن ۾ آباد ٿي، جتي زندگي جو محور زراعت بدران نوڪري، واپار ۽ صنعت هو. ان ڪري، زرعي پاڻيءَ جو مسئلو سندن روز مره جي ايجنڊا جو حصو نه رهيو، تنھنڪري سنڌ جي مجموعي زرعي يا پاڻيءَ جي ورڇ جهڙن مسئلن تي انهن جو رويو اڪثر لاتعلقي وارو رهيو آھي.
ان کانسواءِ، اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن جو سياسي تحريڪن خاص ڪري ايم ڪيو ايم ۽ ان سان لاڳاپيل ڌرين پنهنجي جدوجهد کي شهري حقن ۽ وسيلن جي برابر ڀاڱي ڀائيواري، ڪوٽا سسٽم جي مخالفت تائين محدود رکيو. سنڌ جي مجموعي زرعي سرشتي يا پاڻيءَ جي نياءُ تي ٻڌل ورڇ جهڙن مسئلن تي سندن موقف ايڏو چٽو ناھي رهيو.
پر اها حقيقت آهي ته سنڌ جو پاڻي رُڳو سنڌي قوميت سان لاڳاپو نٿو رکي، پر سنڌ جي ڌرتي تي رهندڙ هر فرد جو به ان تي اوترو ئي حق آهي. جيڪڏهن مهاجر برادري پاڻ کي سنڌ جو حصو سمجهي ٿي، ته پوءِ سنڌ جي وسيلن، خاص ڪري پاڻيءَ جي حق لاءِ آواز اٿارڻ سندن اخلاقي ذميواري آهي.
اڄ جتي سڄي سنڌ جو عوام سنڌوءَ درياءَ تي ڌاڙي خلاف سراپا احتجاج آھي، اتي اسان جا اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي پڻ سنڌ جي مجموعي حقن لاءِ اهڙي ئي ساڳئي جوش ۽ جذبي سان آواز بلند ڪرڻ گھرجي. شهري طبقي کي اهو سمجهڻ گهرجي ته پاڻيءَ جو بحران رُڳو هڪ زرعي مسئلو ناهي، پر اهو ھر ھڪ جيو جي زندگيءَ جي بقا جو سوال آهي.
سنڌ ۾ رهندڙ هر برادريءَ کي هاڻي پاڻ ۾ ايڪو ڪري هر مسئلي تي گڏيل جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي هي ڌرتي سنڌ ۾ مستقل رھندڙ سڀني ماڻھن جي ماءُ آهي. پاڻيءَ لاءِ هي جدوجهد سنڌ جي سڀني رهاڪن جي گڏيل جنگ آهي ۽ ان ۾ مهاجر برادريءَ جو مڪمل ۽ سرگرم حصو وٺڻ سنڌ جي ايڪتا ۽ ڀائپيءَ لاءِ ڏاڍو ضروري آهي. مھاجر برادري جيڪڏهن پاڻ کي سنڌ جو حصو سمجهي ٿي، جيئن گهڻا چون ٿا ته اهي هاڻ سنڌي آهن ته پوءِ سنڌ جي وسيلن، خاص ڪري پاڻيءَ جي حق ۾ آواز اٿارڻ انهن جي اخلاقي ذميواري آهي. سنڌ جي پاڻيءَ جي جنگ، رڳو هڪ صوبائي مسئلو نه، پر هڪ قومي مسئلو آهي. تنھنڪري سنڌ ۾ رھندڙ هر برادريءَ ۽ هر فرد جو ڪردار اهم آهي. مھاجر برادريءَ کي به گهرجي ته هو پنهنجي سڃاڻپ کي سنڌ سان ڳنڍيندي، سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارين. ڇو ته سنڌ جي بقا، اسان سڀني جي بقا آهي. سنڌ ۾ رھندڙ هر فرد کي گڏجي نون ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف گڏجي احتجاج ڪرڻ گهرجي.