بلاگنئون

شھيد الهه بخش سومرو سنڌ جو سچو سياسي سرواڻ

سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ الهه بخش سومرو پنهنجي ٻي وزارت عظميٰ جي خاتمي کانپوءِ شڪارپور ۾ سماجي خدمتن ذريعي عوام سان لهه وچڙ ڪري رهيو هو. ڪن ماڻهن وٽس اچي دانهيو هو ته هڪ واهه وٽ ڪو فقير اچي ويٺو آهي، سو عورتن ۽ مردن کي تعويذ ڏئي شرعي رستي تان ڦيرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سو ارادو ڪيائين ته پنهنجن دوستن کي ساڻ ڪري ڏانهس ويندو. مئي جي چوڏهين ۽ جمادي الاول جي يارهين تاريخ هئي. جمعي جي نماز پڙهڻ جو ارادو به هئس، مٿان وري گرميءَ جي موسم ۾ ڀينڊيون کائڻ جو شوق به هو. سو ساجهر ئي گهران نڪتو ۽ ڀينڊيون وٺي گهر آيو ۽ نيرن ڪري ٽانگي تي اڳيان ويٺو ۽ شڪارپور مان شايع ٿيندڙ هڪ اخبار وٺي پڙهڻ لڳو. ساڻس گڏ وڏيرو نبي بخش ڦلپوٽو ۽ غلام رسول جهلڻ به هئا، سي پٺيان ويٺا هئا. اُن فقير سان ملي کيس ڪجهه رپيا ڏئي اتان اٿي وڃڻ جو چوڻ لاءِ وڃي رهيو هو، ٽانگو نيو فوجداري وٽان جيئن ئي گذر ڪرڻ لڳو ته لڪل قاتل ظاهر ٿي پيا ۽ پستولن جا وار ڪري ڀڄي ويا. الهه بخش سومري کي سيني ۾ گوليون لڳيون هيون ۽ سندس واتان “الله اڪبر” جو آواز بلند ٿيو هو، سندس ساٿين مان نبي بخش ڦلپوٽي کي به ڄنگهه ۾ هڪ گولي لڳي هئي، پوليس جيترو جلد پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، اوتري دير ٿي چُڪي هئي، زخمين کي شڪارپور جي وڏي راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند اسپتال نيو ويو، جتي سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ الهه بخش سومرو شهيد ٿي ويو. شڪارپور ۾ سندس شهادت جي خبر تيزيءَ سان پکڙجي وئي، سمورو ڪاروبار بند ٿي ويو. سرڪاري آفيسن، اسڪولن توڙي ڪاليجن کي موڪل ڏني وئي. شڪارپور جو ناميارو صحافي مسٽر رامچند ويرو مل ڀوراڻي پيرين اگهاڙو روئيندو پاڻ پٽيندو شڪارپور جي گهٽي گهٽي ۾ ڊوڙندو نظر آيو. سندس وات تي اِها وائي هئي ته “سومرو نه ويو، سنڌ هٿن مان وئي.” الهه بخش سومري جي شهادت جي خبر ٻُڌي هر هنڌ روڄ راڙو شروع ٿي ويو، سوين ماڻهو سول اسپتال پهچي ويا. ريڊيو تان خبر نشر ٿي ته سَموري سنڌ ۾ غم جي لهر ڇانئجي وئي، سول اسپتال شڪارپور مان سندس جسد کي هاٿيدر پهچايو ويو. شهيد جا ٻارڙا، گهر جا ڀاتي، خاندان وارا ۽ دوست، ان کان علاوه بي پناهه محبت ڪندڙ هندو مسلم عوام جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، لاش شاهي باغ نيو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. سندس لاش مٿان شڪارپورين مولود پڙهيا، جنازي کي وري واپس هاٿيدر آڻي پنج پير مقام ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ خبرن ۽ مضمونن سان گڏ ايڊيٽوريل شايع ٿيا، وارثن سان تعزيت جو سلسلو شروع ٿيو.

شڪارپور مان شايع ٿيندڙ هڪ اخبار ٻئي ڏينهن ۱۵ مئي ۱۹۴۳ع تي هِن ريت خبر شايع ڪئي: “اڄ صبح جو ساڍي اٺين وڳي ڌاري جيئن ئي فخر سنڌ مسٽر الهه بخش ٽانگي ۾ چڙهي بيگاري واهه طرف وڏيري نبي بخش ۽ مسٽر غلام رسول جهلڻ ساڻ وٺي وڃي رهيو هو، ٽانگو جڏهن نئين فوجداري وٽان اڳتي وڌيو ته پاسي ۾ لڪي بيٺل پنجن بدمعاشن پستولن سان مٿس خوني حملو ڪيو، کيس ۳ گوليون لڳيون، جن مان هڪ ڇاتيءَ ۾ لڳس ۽ جوان ڪري پيو، هاءِ گهوڙا شروع ٿي وئي ۽ بدمعاش پنهنجو ڪم پورو ڪري هڪدم رفو چڪر ٿي ويا، بر وقت مسٽر الهه بخش کي سول اسپتال ڏانهن کڻايو ويو، جتي پهچڻ سان سندس پروان پکيئڙو پرواز ڪري ويو، بر وقت سٽي مئجسٽريٽ اسپتال ۾ اچي پهتو، جنهن سول سرجن کان اچي اظهار ورتو، عام ماڻهو، هندو ۽ مسلمان هزارن جي انداز ۾ خان بهادر جي خون جي خبر ٻڌي اسپتال ۾ اچي حاضر ٿيا آهن، ايتري رش لڳي پئي آهي جو پير پائڻ جي جاءِ ڪانهي. خان بهادر جا ٻار ۽ عزيز اهڙي شير ۽ دلبر جي جدائي ۾ زارو قطار روئي رهيا آهن. سڄي شهر ۾ حيراني، پريشاني ۽ بي آرامي ڦهليل آهي، سلامتي سنڌ اندر ختم ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن ڏينهن ڏٺي جو فوجداري جي سامهون سنڌ جي اڳوڻي وزيراعظم جو خون ٿي سگهي ٿو ته باقي ڪير پاڻ کي سلامت سمجهندو؟ اڄ سَڄي شهر ۾ مسٽر الهه بخش جي خون تي روڊن تي ماتم متل آهي. سڀ اسڪول، ميونسپل ۽ ٻيون آفيسون بند ڪيون ويون آهن، مرحوم جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش سندس مائٽن حوالي ڪيو ويندو. مسٽر الهه بخش جي قاتلن تي هندو ۽ مسلمان ملامت ڪري رهيا آهن.” شهيد الهه بخش سومري جي شخصيت تي انگريزي ۾ پهريون ڪتاب لکندڙ مسٽر جڳت سنگهه برائيٽ پنهنجي ڪتاب “انڊياز نيشنلسٽ نمبر ون مسٽر الهه بخش” ۾ لکي ٿو ته “فائر ٿيڻ کانپوءِ الهه بخش جو ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو، ٻيو حملي آور به فائر ڪرڻ وارو هو، پر الهه بخش جي ساٿين مان هڪ ٽپو ڏئي لٿو ۽ کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائين، قاتل هڪ اوچي ديوار ٽپي ڀڄي ويا ۽ گم ٿي ويا، ڄڻ ته اُهي هوا ۾ تحليل ٿي ويا. پوليس ڀرسان موجود هئي، پر اها ڪجهه به نه ڪري سگهي، صرف انهن جا پيرا کنيا، جيڪي رُڪ جي ڳوٺ ڏانهن ويا ۽ اهڙي ريت هڪ عظيم انسان جي زندگيءَ جي پڄاڻي ٿي.

اهڙي هيبتناڪ خبر جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي، سڄو ملڪ حيرت زده ٿي ويو، کيس سول اسپتال نيو ويو، پر ڪنهن به قسم جي ڊاڪٽري مدد پهچڻ کان اڳ هو فوت ٿي چڪو هو. هن ڪوبه آخري بيان نه ڏنو، ڪو ڏوهاري نه پڪڙيو ويو، ڪابه گرفتاري نه ٿي. سڄي دنيا حيران هئي، مائرن جي جهولين ۾ ستل ٻار به ڇرڪي پيا، هڪ عظيم قومپرست هڪ ڀاڙي جي بگيءَ اڳيان ڊهي پيو.” مولانا ظفر علي جي اخبار ۾ سادن لفظن سان تمام وڏي ڳالهه ڇپي وئي، لکيل هو ته “هي هڪ ويڙهه هئي، دليل ۽ گولي جي وچ ۾.” ٽربيون لاهور جي ايڊيٽوريل ۾ لکيل آهي ته “هي حادثو هڪ وڏي ذهن جو خاتمو هو، الهه بخش جو قتل هڪ قومي حادثو آهي، اُهو سنڌ لاءِ ڪو سٺو شگن ناهي.” شهيد الهه بخش جي سياسي مخالف ۽ اُن وقت جي وزيراعليٰ سنڌ سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته “مون کي پنهنجي دوست ۽ ساٿي جناب الهه بخش جي اوچتي ۽ دکدائڪ موت جو ٻڌي صدمو رسيو آهي. جڏهن هو پهريون دفعو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ چونڊجي آيو ته مون تڏهن ئي سمجهي ورتو هو ته هي سنڌ جي ذهين ترين ماڻهن منجهان هڪ آهي ۽ مون ڏٺو پئي ته مستقبل ۾ هي شخص هِن صوبي جي قسمت بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. مون کي هن جي مستقبل سان گهري دلچسپي هئي، ٿي سگهي ٿو اسان ۾ ڪي اختلاف هجن، پر مون وٽ هِن لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام هو. مون کي پڪ آهي ته هر ماڻهو مون وانگر هِن انتهائي ظالماڻي عمل جي مذمت ڪندو.” هندستان جي هڪ سياسي اڳواڻ راج گوپال آچاريه پنهنجي بيان ۾ چيو ته “اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن عوامي خدمت جو سلو اهڙي صورت ۾ به ملندو آهي.” الهه بخش سومري جي شهادت کانپوءِ سندس سياسي مخالف محمد ايوب کهڙو پنهنجي ڀاءُ سميت اول گرفتار پوءِ آزاد ٿيو، لڳ ڀڳ ٻه سال ڪيس هليو، ستن ڄڻن کي سزا ملي، پر شهيد الهه بخش سومري کانپوءِ سنڌ جن مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، تن جو ازالو ڪڏهن به نه ٿي سگهيو. ستمگر وقت سنڌ کان هڪ اهڙو انمول هيرو کسي ورتو، جيڪو سراپا سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌين جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو ھو.

***