مسلمانن جو ضمير جاڳي يا نه جاڳي، ڪا اهميت نٿو رکي، ان ڪري ته طاقت جو هٿ يا مرڪز مسلمان ملڪ ناهن. سموري دنيا ۾ هاڻي غلبو رڳو مغرب جو آهي، انهن جي ٻولي سڀ ملڪ ۽ ماڻهو سمجهن ٿا، هڪ آرٽيڪل يا وڊيو فلم جيڪڏهن انگريزي ۾ لکيل يا ٺهيل هجي ٿي ته اهو سموري دنيا کي سمجھه ۽ پڙهڻ ۾ اچي ٿو. ان ڪري ڳالھه اها ڪجي جيڪا ڪنهن جي سمجھه ۾ اچي ۽ اها ڳالھه به پٿر تي لکي ڇڏجي ته جيستائين مغربي دنيا کي جُھٻو نٿو اچي، جيستائين مغربي طاقتون اسان جي درد کي نه ٿيون سمجهن، تيستائين اها ڳالھه چوڻ مشڪل ۽ قبل از وقت آهي ته اسان جي دال به ڳرندي. پيش منظر ۾ هڪ ٻي ڳالهھ ته دنيا اندر طاقت جو توازن انتهائي بگڙيل آهي، دنيا جون طاقتور قومون مسلمان ناهن، اهو دور ويو جو گهوڙا ۽ هاٿي ڊوڙائي “رَيَڪي“ ڪري ملڪ فتح ڪري ويندا هيا، هاڻي اسرائيل “اي آءِ“ جي مدد سان دنيا جي سموري قومن تي ڪنٽرول ڪيو ويٺو آهي، انهن جو نشانو گُسي نٿو، اسرائيلي فوج ان ڪري هاڻي دنيا جي طاقتور ترين فوج آهي ۽ بعيد ناهي ته اسرائيل به ايٽمي طاقت جو اعلان ڪري، ان ڪري ته جتي سعودي ۽ ٻيا اسلامي ملڪ پنهنجن پاڙيسري ملڪن تي داٻي جو سوچي رهيا آهن، اتي اسرائيل ڪري ڏيکاريندو، ان ڪري ته طاقت انهن جي هٿ وس آهي.
رڳو احتجاج ڪري دنيا کي اها ڳالهھ بانور نٿي ڪرائي سگهجي ته اسان اسرائيل سان گڏ ناهيون، پر جيستائين مسلمان ملڪن جون فوجن اسرائيل جي آمهون سامهون نٿيون ٿين، تيستائين ممڪن ناهي. ان ڪري ته اسرائيل جو نه جاني نقصان ٿو ٿئي، نه انهن جو مالي نقصان. ان کان وڌيڪ مضحڪه خيز ڳالھه اها آهي ته اسرائيل جي پراڊڪٽس جو بائيڪاٽ ئي ممڪن ناهي، ڇو ته اسان جي شاپنگ جي “بڪيٽ“ ۾ 80 سيڪڙو شيون يوني ليور، پيپسي، نيسلي، ايم اين پي ۽ ٻين اسرائيلي، آمريڪي ۽ مغربي ڪمپنين جون هونديون آهن، جيڪي اسان جي لائيف لائين آهن، مثال کيرپياڪ ٻارن جو کير ۽ ٻيون شيون اچن ئي ڊينمارڪ کان ٿيون، ته اهي جيڪڏهن بند ڪجن ته ٻار ڇا پيئندا، ۽ سوال اهو به آهي ته رڳو اسان ”ڪنزيومر“ بائيڪاٽ ڇو ڪيون؟ جيڪي واپاري آهن، جيڪي اسٽاڪ مارڪيٽ وارا آهن، جيڪي هول سيلر آهن، جيڪي پيپسي، ڪوڪا ڪولا، نيسلي ۽ يوني ليور جا لوڪل ڪارخانا ٿا هلائين، جيڪي پيزاهٽ، سب وي، ڪي ايف سي ۽ آمريڪي پراڊڪٽ جا ڊلير آهن، اهي پنهنجا پنهنجا ڪاروبار ختم ڪن ۽ ٻيون شيون مارڪيٽ ۾ آڻين ته کپائيندڙ، کائيندڙ ۽ چَوڙيندڙ اهي شيون نه وٺندو، ان ڪري ته مارڪيٽ ۾ جيڪي شيون مهيا هونديون ڪنزيومر اهي شيون خريد ڪندو، ان ڪري ڳالهھ اها ڪجي جيڪا سمجھه ۾ به اچي.
مارڪيٽ بند ڪرائي دنيا کي ڏيکاري سگهجي ٿو ته اسان فلسطين سان گڏ آهيون، پر جيستائين زميني جنگ نه ٿيندي تيستائين اها ڳالھه ممڪن ئي ناهي ته اسرائيل جي ڏاڍ کي ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو، ان ڪري ته اسرائيل کي ڪنهن جو ڊپ ناهي، اهي رڳو ان کان ڊڄن ٿا جن جي هٿ ۾ خطرناڪ هٿيار آهن، جيڪي اسرائيلي فوجن جي سامهون اچي انهن کي ختم ڪري سگهن ٿا، يا اهڙا ٽيڪنيڪل اوزار ۽ ”اي آءِ“ جون مشينون جيڪي اسرائيل جي فوجن کي ڳولهي ڳولهي ماري سگهن، باقي نه ته ڀتين تي چاڪنگ ڪرڻ، ڀتين تي بدشد لکڻ، احتجاج ڪري ڪري پنهنجا معاشي نقصان ڪرڻ سان اسرائيل جي جونءَ به چرندي، مثال دنيا جي آبادي جو 60 سيڪڙو رڳو ايشيائي ملڪن ۾ رهي ٿو ۽ دنيا جي وڏا ڪنزيومر جيڪي سڄو ڏينهن پيسا خرچ ڪري اسرائيل پراڊڪٽ خريد ڪرڻ جا شوقين آهن، اهي اسرائيل کي همٿ ڏيارين ٿا ته ”اسان توهان جي پراڊڪٽ خريد ڪيون ٿا ۽ توهان انهن پئسن سان هٿيار خريد ڪري فلسطين کان غزا خالي ڪرايو، باقي ڪجھه ٿيڻو ئي ناهي، ان ڪري ته مسلمان ملڪن ۾ لڳايل اسرائيلي پراڊڪٽ جا ڪارخانا ۽ انهن جي شين جو چَلتو اسرائيل جا کيسا ڀري ٿو ڇڏي.
اسان دنيا جي واحد قوم (مسلمان) آهيون، جيڪي اسرائيل کي دُعا سان مارڻ چاهيون ٿا، باقي ٻيا جيڪي به غيرفرقي وار مسلمان آهن، انهن جي خلاف گولي هلائي انهن کي ماري سگهڻ جي طاقت ۽ ايماني جلوو رکون ٿا. مثال سُني، شيعا، اهل حديث، قادياني، يا جيڪي به منحرف آهن، اهي گولي سان ماريا ويندا باقي اسرائيل جي لاءِ 25 لک مسلمان حج دوران ڪعبي ۾ ويهي دُعا گهرندا ته ”اي الله اسرائيل کي نيست ۽ نابود ڪر“ ڀلا جي ائين هجي ها ته نبي پاڪ (صلعم) پاڻ دُعا ڪري جنگيون کٽي وڃي ها، پر هو پاڻ به جنگين ۾ حصو وٺي، اها ڳالھه ثابت ڪري ويا ته ڳالھه جنگ ذريعي ئي نبيري سگهجي ٿي، باقي ڪُل ڪوڙ آهي، ۽ ڀتين تي نعرا لکي ڪجهھ ٿيڻو ناهي. اها ڳالھه ائين به آهي ته لت پڄي چڪر سان، جيڪو جيئن ڪري ان سان تيئن ڪجي ته ڳالهھ نبيري به سگهجي ٿي، باقي هڙ حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، ۽ نه ئي احتجاج ڪجھه ڪري سگهن ٿا. ان ڪري ته ڳالھه اسان جي هٿ ۾ ناهي ۽ دنيا جي وڏيرائپ آمريڪا ۽ اسرائيل جي هٿ وس آهي هاڻي مسلمانن کي رڳو اهو چوڻ ته 16 ميهنا جيڪو اسان جو ڪعبو قبلو رهيو جيڪو قبل اول جي نالي مشهور آهي هاڻي هو وري صلاح الدين ايوبي وانگي فتح ڪيو، پر ڳالهين سان ڪجھه ٿيڻو ناهي.
اسرائيل ڊجيٽل نسل پرستي ۽ مشيني قتل جي ڪجھه جديد ترين نظامن کي هٿي ڏئي رهيو آهي. مثال طور اميزون ويب سروسز ۽ گوگل گڏيل طور تي نمبس نالي پروجيڪٽ ۾ شامل آهن، انهن اسرائيلي حڪومت سان 1.2 بلين ڊالرن جو ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ معاهدو ڪيو آهي، جيڪو ڊيٽا پروسيسنگ ۽ اي آءِ آپريشنز لاءِ ڪرنگهي جي هڏي ثابت ٿيندو. اهي ڪمپنيون دعويٰ ڪن ٿيون ته اهو پروجيڪٽ پراڻن فوجي حملن جي طريقن کي رد ڪري ٿو، ان ڪري انهن جي لاءِ غزه جنگي ڊيزائن جي لحاظ کان هڪ بهترين ٽيسٽ ليبارٽري بڻجي چڪو آهي. جيڪو هڪ ڳتيل آبادي، زمين جي گهيري واري پٽي جتي ٻارن سميت ٻه ملين فلسطيني مستقل نگراني ۽ بار بار بمباري هيٺ رهن ٿا، ۽ انهن جي حرڪت ۽ گفتگو هڪ ڪلڪ ذريعي حاصل ڪيا ويندا آهن، جيڪي پوءِ ڊيٽا پوائنٽس ۾ تبديل ڪيا ويندا آهن. اي آءِ تي ٻڌل جنگ وارو اسرائيل جو تجربو اتفاق کان وڌيڪ ساختي آهي. قبضو ڪيل، بند ٿيل علائقو ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ منظم ماحول پيش ڪري ٿو، جيڪو دنيا ۾ ڪٿي به عام ماڻهن تي آزمائي سگهجي ٿو، جيڪو هڪ جيئرو دوزخ پيدا ڪري سگهي ٿو. غزه ۾ هي تعصب پرست اي آءِ سسٽم فعال طور تي خودڪار ٿيل نظر اچي ٿو. جڏهن ”اي آءِ“ هڪ نشاني جي سفارش ڪري ٿي اهي مشينون انهن کي نشانو بڻائين ٿيون. موجوده قانوني خلا ۾ ڪنهن کي به جوابده نه سمجهيو ويندو، ۽ بين الاقوامي قانون بلڪل تيار ناهي، شايد متروڪ به ٿي چڪو آهي. جنگ جي قانونن کي سنڀاليندڙ جنيوا ڪنوينشن ۽ ٻيا فريم ورڪ انساني فيصلن، تناسب ۽ احتساب جي چوڌاري ٺاهيا ويا هئا. پر ڇا ٿيندو جڏهن جنگ جا ممڪن اندازا لڳائڻ وارين مشينن ذريعي ڪيا ويندا؟ موتمار خودمختيار هٿيارن جي نظام تي ڪو به پابند بين الاقوامي معاهدو ناهي، جنهن کي طنزيه طور تي قانون جي نالي سان مختصر ڪيو وڃي. بهرحال، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل 2026 تائين هڪ قانوني طور تي پابند اوزار جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد اهڙن قانونن کي منع ڪرڻ آهي، جيڪي بامعنيٰ انساني نگراني کانسواءِ ڪم ڪن ٿا، پر تيستائين اسرائيل کي تقريبن استثنيٰ حاصل آهي، جڏهن ته آمريڪا اسرائيل کي اربين ڊالر جا فوجي هٿيار ۽ امداد فراهم ڪري ٿو.
بگ ٽيڪ پليئرز جهڙوڪ ايميزون، گوگل ۽ مائڪرو سوفٽ خاموشي سان دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ ”اي آءِ“ اوزارن جي ترقي ۽ تعيناتي جي حمايت ڪن ٿا. انهن ڪمپنين کي پنهنجي ڪردار لاءِ عملي طور تي ڪو به نتيجو نٿو ملي. جڏهن ته آمريڪا ترقي يافته ڪمپيوٽنگ چپس ۽ ڪجھه ”اي آءِ“ ماڊلز تي برآمد ڪنٽرول متعارف ڪرايا آهن، انهن ڪمپنين لاءِ ڪا به اثرائتي سزا ناهي جيڪي بعد ۾ ٽارگيٽ ڪيل الگورٿمڪ جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ انفرااسٽرڪچر فراهم ڪن ٿيون. ريگيوليٽري ادارا نظرياتي طور تي ”اي آءِ“ فريم ورڪ کي فروغ ڏين ٿا، پر جڏهن لاڳو ڪرڻ جي ڳالهھ ٿي اچي ته اهي خاموش ٿا رهن، خاص طور تي جڏهن خلاف ورزيون قومي سلامتي يا پرڏيهي پاليسي جي مفادن ۾ لڪيل هجن، پر حيرت انگيز طور تي هي خاموشي مغربي ڌرين لاءِ فائديمند آهي. جيئن اسرائيلي ڪمپنيون پنهنجن ”اي آءِ“ اوزارن کي جنگ جي آزمائشي طور مارڪيٽ ۾ آڻين ٿيون، اهي ٻين حڪومتن کان هڪ ڪشش به حاصل ڪن ٿيون، جيڪي ساڳيا طريقا اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن. نتيجي طور اسان ڏسي رهيا آهيون ته الگورٿمڪ جنگ جي عالمگيريت ڇا ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ فلسطيني غريب عوام پهريون موضوع آهي، تنهن ڪري سوال هاڻي صرف اخلاقي ناهي رهيو، پر انسانيت جي مستقبل جو به سوال آهي، جڏهن مشينن کي مارڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي ۽ الگورٿمڪ پيشنگوئي تباهي لاءِ هڪ جائز ڪيس بڻجي وڃي ٿي؟ ان ڪري هاڻي ”اي آءِ“ جي استعمال سان صرف فلسطينين کي خطرو ناهي، پر اسان سڀني کي خطرو آهي، ڇو ته هڪ ڀيرو وري مشينن کي اهو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته ڪير جيئرو رهندو يا ڪير مرندو، باقي دنيا ايندڙ جنگ جو ميدان بڻجڻ کان رڳو ڪجهھ پري آهي، جو انهن مشينن کي صرف ”ڊيٽاسيٽ“ ملي ۽ ماڻهو مارڻ شروع ڪن.