قرباني محض هڪ مذهبي رسم يا عقيدو ناهي، بلڪه انساني تهذيب جي گڏيل لاشعور، نفسياتي سببن ۽ سماجي ارتقا جو عڪاسي ڪندڙ مظھر آهي. ان تصور جون پاڙون ايتريون ئي ڳوڙهيون آهن، جيتريون پاڻ انسان جون اولين شعوري ڪوششون پنهنجي بقا، معاشرتي تنظيم ۽ مافوق الفطرت قوتن سان گڏ تعلق جي حوالي کان رهيون آهن. چاهي اهي آسماني مذهب هجن يا پراڻيون مشرڪياڻيون تهذيبون، قرباني جا اصول ۽ ان جون شڪليون انساني تاريخ ۾ مختلف انداز ۾ ظاهر ٿينديون رهيون آهن. هن مضمون ۾ قرباني جي تصور جو تاريخي، سماجي، تهذيبي ۽ انسان شناسي جائزو سائنسي ۽ غير جانبدار نقطهءِ نظر سان پيش ڪيو وڃي ٿو.
(1) قرباني جو شروعاتي تصور- بقا، خوف ۽ فطرت سان راضپو رکڻ:
پراڻو انسان فطرت جي طاقتن کان تنگ هو، برساتون، زلزلا، خشڪ سالي، بيماري، فصلن جي تباهي، اهي سڀ سندس جي لاءِ فطرت کان مٿانهين قوتن جي ناراضپي جون نشانيون هيون. انساني قرباني، جانورن جي قرباني، اناج يا هيرن جواهرن جو نذرانو. علم انسانيات (Anthropology) جي مطابق شروعاتي انسانن جڏهن قبيلي ۽ ديوي ديوتائن جو نظام جوڙيو ته ان سان گڏ “قرباني” جو نظريو مذهبي ۽ سماجي سطح تي ڳنڍجي ويو، جيڪو نه صرف روحاني نه بلڪه سياسي ۽ معاشي نظام جي نشاني به بڻجي ويو، جيڪو قرباني ڏئي سگهي ٿو سو طاقتور آهي.
(2) پراڻين تهذيبن ۾ قرباني جا مظهر:
(الف) سميري، بابلي ۽ آشوري تهذيبن (Mesopotamia): ميسوپوٽيميا (عراق) جي پراڻين تهذيبن ۾ قرباني هڪ باقاعده رسم هئي. هتي نه صرف جانور، بلڪه انسان به ديوتائن جي لاءِ قربان ڪيا ويندا هئا. “اينانا” ۽ “مردوڪ” جهڙن ديوتائن جي مندرن ۾ خاص موقعن تي خوبصورت نوجوان ڇوڪرين يا ڇوڪرن کي قربان ڪيو ٿي ويو ٿه جيئن فصلن ۾ برڪت پوي ۽ جنگ ۾ فتح ملي يا بيماري ٽري پوي.
(ب) پراڻو مصر (Ancient Egypt): مصر ۾ نيل درياءَ جي پاڻي جو وڌڻ گهٽجڻ زندگي جو مرڪز هو. جڏهن نيل سڪندو هو ته فرعون جي درٻار ۾ مشورا ٿيندا هئا ته”ديوتا ناراض آهن“ان ڪري هڪ پاڪ ڇوڪريءَ کي ڪنوار بڻائي ڪري نيل ۾ لوڙهيو ويندو هو ۽ اها قرباني فطرت کي مڃائڻ ۽ تهذيبي بقا جو وسيلو سمجهي ويندي هئي.
(ج) مايا، ازٽيڪ ۽ انڪا تهذيبون (Pre-Columbian America): موجوده ميڪسيڪو ۽ پيرو جون پراڻيون قومون، جيئن ازٽيڪ۔مايا ۽ انڪا انساني قرباني کي ديوتائن سان رابطي جو وسيلو سمجهنديون هيون. سج ديوتا کي خوش ڪرڻ جي لاءِ سوين نوجوانن کي مندرن جي ڏاڪڻين تي ڪٺو ويندو هو.”دل“ڪڍڻ جي رسم انهن تهذيبن جي سفاڪ مذهبيت جي نشاني هئي.
(د) هندومت ۽ برهمڻيت: هندومت ۾ به ويدڪ دور ۾ “يجيهه” (yajna) يعني قرباني جي مرڪزي حيثيت هئي. جيتوڻيڪ اڪثر قربانين ۾ جانور پيش ڪيا ويندا هئا، مگر قديم برهمڻن ۾ انساني قرباني جون شاهديون به مليون آهن. رگويد ۾”يورش سڪت“ ۾ هڪ ڪائناتي انسان جي قرباني جو ذڪر آهي، جيڪا سموري ڪائنات جو وسيلو بڻجي ٿي.
(3) سماجي ڍانچي ۾ قرباني جي نفسيات:
قرباني جي رسم محض مذهبي معني ئي نٿي رکي، بلڪه اها سماج ۾ طاقت، اختيار ۽ نظرياتي بالادستي جي نشاني به رهي آهي، جيڪو فرد يا قبيلو وڌيڪ قيمتي قرباني ڏئي سگهندو هو، انهيءَ کي وڌيڪ روحاني يا سياسي حيثيت حاصل هوندي هئي، اها رسم اڪثر نظام کي مضبوط ڪندي، طبقاتي فرق کي قائم رکندي ۽ بادشاهه يا مذهبي پنڊت جي طاقت کي ديوتا جي حيثيت ڏيندي هئي.
(4) ابراهيمي روايتن ۾ قرباني جو تصور:
اهو واقعو حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ سندس فرزند (يهوديت و عيسائيت ۾ اسحاق، اسلام ۾ اسماعيل) جي قرباني سان لاڳاپيل آهي، جتي انساني جان جي قرباني ڏني ٿي وئي، پر خدا ان کي روڪي ڇڏيو ۽ هڪ گهيٽو ان جاءِ تي موڪلي ڇڏيو، اهو پهريون موقعو آهي ته جتي “جانور” کي انساني قرباني جو “متبادل” بڻايو ويو، جيڪا اخلاقي ارتقا جي نشاني آهي. اسلام ۾ اهوئي واقعو “عيدالاضحيٰ” ۽ “سنت ابراهيمي” جو بنياد آهي، جنهن ۾ مسلمان سڄي دنيا ۾ جانور قربان ڪن ٿا، پر ان جي پٺيان جذبو “الله جي رضا ۽ فرمانبرداري” جو هوندو آهي نه ڪي ڪنهن ديوتا کي خوش ڪرڻ جو خوف.
(5) قرباني جي ارتقا ۽ سماجي جائزو:
تهذيبي ارتقا ۾ ڪردار: قرباني معاشرتي ضمير جي جوڙجڪ ۾ مدد ڏني، فرد کي “ٻين جي لاءِ دولت ڇڏڻ” جي تربيت ڏني وئي، بعد ۾ اهوئي تصور اخلاقي ايثار ۽ صدقي جي صورت ۾ چٽو ٿيو. قرباني ۽ معيشت: پراڻن معاشرن ۾ جانور يا انسان قربان ڪرڻ جو مطلب قيمتي وسيلن کي نذر يا حوالي ڪرڻ هوندو هو، جنهن جو مطلب اهو هوندو هو ته قبيلو يا فرد خدا جي لاءِ سڀ ڪجهه ڇڏي سگهي ٿو، اڄ به اهو ڪارڻ موجود آهي، قرباني ۾ مال، وقت ۽ محنت جي قرباني ڏني وڃي ٿي. نفسياتي سبب: ڪال يونگ جهڙن نفسيات جي ماهرن مطابق قرباني انساني لاشعور ۾ “ڪفاري” ۽ “گناهه جي احساس” کان ڇوٽڪاري جي هڪ نشاني آهي، انسان پنهنجين خامين، خوف يا بغاوت کي ڪنهن شيءِ جي قرباني سان مٽائي ٿو.
(6) جديد دور ۾ قرباني جي وضاحت:
اڄ جي سائنسي، شهري ۽ دنياوي طور تي گڏيل معاشري ۾ قرباني جي رسم تي ڪيترن خيالن کان بحث ڪيو وڃي ٿو. جانورن جا حق: ڪجھه ماڻهو قرباني کي جانورن تي ظلم قرار ڏين ٿا. ماحولياتي نقطهءِ نظر: جانورن جي صنعتي پالنا ۽ گڏيل قرباني جي ماحولياتي اثرن تي ڳالھه ٿئي ٿي. معاشرتي برابري؛ قرباني هڪ موقعو آهي ته معاشري جي محروم طبقن کي گوشت ۽ خوراڪ ڏني وڃي، باوجود ان جي سوشيالاجي جي مطابق قرباني به “گڏيل ياداشت” “ثقافتي سڃاڻپ” ۽ “گڏيل عبادت” جو هڪ خاص مظهر آهي، جيڪو ڪنهن به مذهبي يا نظرياتي فريم ورڪ ۾ سماج جي نئين سر تنظيم ڪاري ڪري ٿو.
نتيجو: قرباني صرف مذهبي رسم ناهي بلڪه انساني تاريخ، تهذيب، نفسيات ۽ سماجي ڍانچن جي جوڙجڪ جو هڪ بنيادي سبب پڻ رهي آهي. پراڻين تهذيبن ۾ ان جو وحشياڻو روپ ابراهيمي مذهب ۾ هن جي اخلاقي تعمير ۽ جديد دنيا ۾ هن جا محولياتي، سماجي ۽ معاشي ڪارڻ جيڪي سڀ هن ڳالھه جون نشانيون آهن ته قرباني هڪ ڏکيو ۽ اڙانگو مظهر آهي. جنهن کي نه صرف مذهب جي پاڇي ۾ بلڪه انساني سڃاڻپ، سماجيات، تاريخ، نفسيات ۽ تهذيب جي آئيني ۾ به سمجهڻ جي ضرورت آهي. مقصد ته اهو عمل انساني ضمير جي نشاني به آهي ۽ ان جي سماجي تنظيم جو اوزار پڻ.