گذريل ڏينهن اسرائيلي جهازن موساد جي تعاون سان ايران مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ اسرائيلي جهازن بغداد کان ميزائل فائر ڪيا، جنهن بعد نيتن ياهو چيو ته هن ايران جي مکيه يورينيم افزودگي واري سائيٽ ۽ انقلابي پاسداران جي ايٽمي ۽ فوجي عملدارن کي نشانو بڻايو آهي. جڏهن ته ايران چيو آهي ته هوائي دفاعي نظام مڪمل طور تي فعال آهي ۽ لورستان ۾ دشمن جي جڳهين تي مداخلت ۽ اثر ڪيا ويا آهن، اسرائيل ايران جي شهر نطنز ۾ ايراني ايٽمي پلانٽ کي نشانو بڻايو آهي. اسرائيل موجب، ايراني سربراهه ۽ ايٽمي پروگرام جي اعليٰ عملدارن کي نشانو بڻايو ويو آهي. اراڪ جي پاڻي جي سهولت کي به نشانو بڻايو ويو آهي. دمشق تي اسرائيلي جنگي جهازن جي حملي جي ٻي لهر جي رپورٽن کي ايراني ميڊيا پاران ايراني انقلابي پاسداران جي هيڊڪوارٽر تي حملي طور رپورٽ ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل محمد باقري کي به حملي ۾ ماريو ويو آهي. اسرائيل ايران جي جن جڳهين تي حملو ڪيو آهي تن ۾ قيطريه، نياوران، اولهه تهران ۽ چيتگر، اوڀر تهران مهرآباد، شهرڪ محلاتي، شهرڪ شهيد چمران نوبنياد، ڪامرانيه، نارمڪ، سعادت آباد، اندرزگو، ارڪيده ڪمپليڪس، ستارخان، شهرڪ شهيد دقايقي، فرحزادي، فوجي سربراهه جي ڪمانڊ هيڊڪوارٽر، ازگل، علي شمخاني جي رهائشگاهه، شهر آرا، استادن جي رهائشي ڪمپليڪس، ميدان ڪتاب، سعادت آباد، گرم دره، مرزداران شامل آهن، جن ۾ سردار سلامي، سردار غلام علي رشيد، ڊاڪٽر فريدون عباسي، ڊاڪٽر محمد مهدي طهرانچي، عبدالحميد مينوچهر ٽارگيٽ ٿي شهيد ٿي ويا. ان کانسواءِ جن حساس مقامات کي نشانو بڻايو ويو انهن ۾ نطنز جي جوهري سائيٽ تي ڪيترائي حملا، پارچين جي تنصيبات، تهران ۾ ڪيترائي فوجي اڏا، خرم آباد، همدان، پارچين، قصر شيرين، تبريز، پيرانشهر، مغربي آذر بائيجان، ڪرمانشاهه، ايلام، اراڪ شامل آهن. اسرائيل جي حملي بعد ايراني صدر مسعود پزشڪيان واضح چيو ته ايران پنهنجي ايٽمي پاليسيءَ تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪندو ۽ نه ئي جوهري تحقيق بند ڪئي ويندي. ايران جي صوبي ايلام ۾ هڪ هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايران سائنس، صنعت، طب ۽ زراعت جي ترقي لاءِ جوهري توانائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ اولهه جي منظوري جي ضرورت نه آهي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن به طاقت کي ايران کي سائنسي تحقيق کان روڪڻ جو حق حاصل ناهي. ايراني صدر چيو ته اولهه کي اهو اختيار نه آهي ته هو ايران تي جوهري پروگرام رول بيڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪري، جڏهن ته ايران جي سپريم ليڊر جي حڪم موجب ملڪ ايٽمي هٿيار ٺاهي ئي نه رهيو آهي.