ڊيم ٺاهڻ عدالت جو ڪم نه آهي: بلاول
بلاول چيو آهي ته ڊيمون ٺاهڻ عدالت جو ڪم نه آهي اها ته حڪومت جي ذميواري هوندي آهي. ڪالهه زرداري هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ عدالت ڊيمون نه ٺاهيون آهن. بلاول پاران هن قسم جي بيان جو مقصد اهو هو ته چيف جسٽس ثاقب نثار پاران مختلف موقعن تي ڊيمون ٺاهڻ جي گهر ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽن صوبن کي اسيمبلين پاران ڊيم جي اڏاوت کي نقصانڪار ڄاڻائيندي رد ڪيو ويو آهي ان ڪري ان تي عمل نٿو ٿي سگهي . اها پ پ ئي هئي جنهن سنڌ ۾ ڊيم ٺاهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جو بحران بينظير ڀٽو جي وقت کان هلي رهيو آهي ۽ بي بي پاڻ ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي هئي. فيڊرل حڪومت به ان معاملي تي خاموش رهي آهي ۽ ڪنهن ٻي حڪومت به ان بابت ڪو ڪم نه ڪيو هو. بلاول چيو ته خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب حڪومت پاران پاڻي لاءِ ڪوبه پلانٽ ڪونه جوڙيو ويو آهي جڏهن ته پ پ حڪومت ان مسئلي تي ڪم ڪندي رهي آهي ۽ 1800 ڪلو ميٽر ڊگهي ڪئنالن جي لائين به وڇائي وئي آهي، جنهن ذريعي پاڻي جي بچت ڪئي ويندي. ان سان گڏ ئي 2000 رورز آسموس (RO) پلانٽ به لڳايا ويا اهن. جنهن سان پاڻي کي صاف ۽ پيئڻ لائق بڻايو ويو آهي. ان کان علاوه ايشيا جو وڏي ۾ وڏو واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ نوابشاهه ۾ لڳايو ويو آهي.

