ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان هڪ عسڪري طاقت هجڻ سان گڏوگڏ متوازن پرڏيهي پاليسي طرف گامزن

ڏکڻ ايشيا هن وقت دنيا جي لاءِ تمام گهڻو اهم ترين خطو بڻجي چڪو آهي. پاڪستان ان خطي ۾ هڪ ائٽمي طاقت جي طور تي انتهائي اهم رياست ۽ اهم پارٽنر جي طور تي به سامهون آيو آهي. هن وقت پاڪستان جو عوام پنهنجي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۽ عسڪري ڪاميابين جي ڪري مطمئن نظر اچي ٿو. پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت جو پاڪستان جي مٿان وار ڪرڻ ۽ پوءِ پاڪستان جو ڪاميابيءَ سان ان جو جواب ڏيڻ پاڪستان جي عسڪري طاقت ۽ پروفيشنل ڦڙتيءَ جو اظهار هو، جنهن پاڪستان جي عوام کي خود اعتمادي بخشي آهي.

چين جي دوست جي حيثيت سان ۽ خطي ۾ ايران، ڀارت ۽ چين جي پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان پاڪستان کي هينئر هڪ نئون مقام حاصل ٿيو آهي، ان جو سبب اسان جون ٻه ڪاميابيون چئي سگهجن ٿيون، هڪ ته پاڪستان معاشي طور تي پنهنجو پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ مهانگائيءَ مٿان ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي ۾ تمام بهتري نظر اچي رهي آهي. ان کان علاوه بين الاقوامي طور تي پاڪستان مان اها اميد رکي پئي وڃي ته پاڪستان دهشتگرد عنصرن کي جڳهه نه ڏيندو ۽ ان جو خاتمو ڪندو، جنهن جي لاءِ پاڪستان ڀرپور قدم کڻي دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم نظر اچي رهيو آهي.

تازو ئي اسرائيل ايران جي خود مختياريءَ مٿان حملو ڪري سڄي دنيا کي خوفزده ڪري ڇڏيو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان هميشه کان آمريڪا جو ساٿي رهيو آهي ۽ آمريڪا به اسرائيل جو ساٿي آهي، پر ان هوندي به پاڪستان ايران جي مٿان اسرائيل جي حملي جي کليل مذمت ڪئي آهي. ڇو ته اسرائيل بنا ڪنهن سبب جي ايران تي حملو ڪري ايران جي خود مختياريءَ مٿان حملو ڪيو آهي.

اهڙي وقت ۾ پاڪستان بنا ڪنهن وقت ضايع ڪرڻ جي ايران سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته ايران 2024ع ۾ پاڪستان جي خود مختياريءَ جو لحاظ نه ڪندي پاڪستان مٿان هڪ حملو ڪيو هو، پر پاڪستان هن وقت ايران سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪري دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته اهو ڪنهن به ملڪ جي خود مختياريءَ کي چئلينج ڪرڻ واري ڪارروائي جي مذمت ڪندو. جڏهن ته ايران ۽ ڀارت جي وچ ۾ تمام گهرا تعلقات رهيا آهن، پر جڏهن اسرائيل ايران جي مٿان حملو ڪيو ته ڀارت اڃان تائين ان جي مذمت نه ڪئي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارت پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ هڪ دوست ملڪ کي به سندس بري وقت ۾ ساٿ نه ڏنو آهي يا شايد ايران سان سندس دوستي حقيقي دوستيءَ جي بجاءِ منافقاڻه دوستي هئي، جو ايران جي اندر ڪيترائي ماڻهو اسرائيلي ايجنٽ مختلف جاين تي پڪڙيا ويا آهن، ممڪن آهي ته ڀارت ايران کي دوست جي روپ ۾ هڪ منافق طور دوکو ڏنو هجي.

اسرائيل نٿو چاهي ته ايران ائٽمي قوت بڻجي سندس لاءِ خطرو بڻجي. نه صرف ايترو، پر اسرائيل پاڪستان جي ائٽمي قوت هجڻ کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پر پاڪستان ايران ۽ اسرائيل جنگ جي وچ ۾ ڪٿي به اهڙو ڪوبه اظهار نه ڪيو آهي، جنهن سان هن اسرائيل جي لاءِ ڪا ڌمڪي آميز زبان استعمال ڪئي هجي يا ڀارت سان جنگ جي جوابي حملي ۾ پاڪستان پنهنجي نيو ڪليئر هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪيءَ جو ڪو اظهار يا اشارو ڪيو هجي. پاڪستان هميشه ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته سندس نيو ڪليئر هٿيار سندس ڊفينس جي لاءِ آهن، نه ڪي تباهيءَ جي لاءِ. هن وقت بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي وفد سان گڏ گڏيل قومن جي ادارن جي مختلف پليٽ فارمن ۽ برطانيه جي دوري تي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جا مقصد بلڪل صاف ۽ واضح آهن ته هو خطي ۾ امن ۽ سلامتي چاهي ٿو ۽ ان کان علاوه ان وفد جي دوري ۾ پاڪستان سڄي دنيا کي اهو به ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ڀارت پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدي کي يڪطرفو ڪيئن معطل ڪري پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪيو آهي ۽ 22 اپريل 2025 جي پهلگام واقعي کي بهانو بڻائي بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان جي مٿان جنگ مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

پاڪستاني وفد پنهنجو بيانيو سڄي دنيا کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان ڳالهه ٻولهه چاهي ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اڃان تائين ان وفد ڪابه حتمي ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي، پر هن وفد جي ڪاميابي اها آهي ته هن سڄي دنيا جو ڌيان پاڪستان جي پرامن پاليسيءَ ڏانهن ضرور ڇڪرايو آهي. پاڪستان نه صرف خطي ۾، پر پوري دنيا ۾ سڀني ملڪن سان دوستاڻه تعلقات قائم ڪري انهن سان معاشي لاڳاپا ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو پروگرام تسلسل سان ملي رهيو آهي. انڊيا جي ڪوششن جي باوجود پاڪستان ايف. اي. ٽي. ايف ۾ ٻيهر شامل نه ڪيو ويو، اها به پاڪستان جي هڪ ڪاميابي آهي.

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ چين سان ۽ پنهنجي پراڻي دوست آمريڪا سان هڪ متوازن تعلق ڳنڍي ٻنهي سان گڏ هلڻ چاهي ٿو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان چين جو سي پيڪ پروجيڪٽ ۾ اهم پارٽنر آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان کي ان ڳالهه تي هميشه نظر رکڻي ٿي پوي ته پاڪستان جا پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڪنهن به قسم جا تعلقات خراب نه ٿيڻ گهرجن، جنهن جي نتيجي ۾ چين جي سي پيڪ پروگرام کي ڪو نقصان رسي. پاڪستان جي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هن وقت ڀرپور ڪوشش ڪري رهيون آهن ته پاڪستان کي هڪ متوازن پرڏيهي پاليسيءَ جي تحت هلايو وڃي ته جيئن پاڪستان معاشي مسئلن مان نڪري هڪ مضبوط معيشت بڻجي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي.