بلاگنئون سنڌ جو شعور جاڳي ٿو June 18, 2025 Zahida Abro چار جون جي آرھڙ واري موسم ۾ جنم وٺندڙ ادي خالده منير سان منهنجو تعلق دوستي جو ۽ وڏي ڀيڻ وارو رھيو آھي. منهنجي ساڻس ويجھڙائپ جو مکيه سبب بابا سائين آھي. بابا سائين جمن دربدر ادي خالده کي پنهنجي ڌيءَ ڪري ڪوٺيندو ھو ۽ جيئن وقت گذرندو ويو تيئن سندس طبعي لاڙن سبب مون کي ادي خالده منير اڃان وڌيڪ متاثر ڪيو ھو. ڇاڪاڻ جو ھو ڊريس ۽ فيشن تي ڳالھائڻ بجاءِ انهن ڪردارن ۽ شخصيتن تي ڳالھائڻ پسند ڪندي آھي، جن ماڻھن اسان جي آسپاس سماج ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي، انهن جاکوِڙي ۽ اڻ ٿڪ ڪردارن تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ سندس پسنديده مشغلو رھيو آھي، سندس زبان ۽ قلم سدائين سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هوءَ جڏهن سچائي سان ڳالهائيندي آھي ته مون کي لڳندو آھي ته اها به کيس قدرت واري جي طرف کان مليل هڪڙو تحفو آهي. ڇو ته سچ ڳالهائڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي. جڏهن ادي خالده ڳالهائيندي آھي ته مون کي هڪڙي قسم جي خوشي محسوس ٿيندي آهي ته هوءَ سچ ڳالهائڻ جي صلاحيت ۽ همت رکي ٿي. پنهنجي ذات ۾ گھٽ ڳالهائو ۽ سنجيده طبيعت رکندڙ ادي خالده جو وجود ڏيکاءُ، غرور ۽ تڪبر کان آجو آهي ۽ اندر ۾ پنهنجن سان بي پناھ پيار رکي ٿي. جيڪو شاعري جي روپ ۾ سامهون اچي ٿو جيئن سندس نظم “اي سنڌ امان” ۾ سندس احساس ڪجھه هن ريت بيان ڪري ٿي؛“تو ۾ ٿي دفن تو مان وٺندس جنم،اي سنڌ امان.ڪڏهن ٿي تنهنجي ٻاگھي اينديس،ڪڏهن ٿي تنهنجي لاءِ جي مومل اينديس”يا سندس نظم “ناپاڪ” ۾ عورت سان ٿيندڙ ظلم ۽ نا انصافي کي جيڪو لفظن جو روپ ڏنو آهي، اهو ساراھ جوڳو آهي. آئون سمجھان ٿي ته ادي ظلم ۽ ناانصافي جي خلاف آواز اٿارڻ کي پنهنجو فرض سمجھي نڀائي رهي آھي. جيڪي به ڪم ادب ۾ يا سماجي توڙي معاشي حوالي سان سرانجام ڏئي رهي آهي انهن تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ لفظ تمام ننڍا آهن، ڇو ته هڪ ئي وقت ۾ جتي هوءَ هڪ ماءُ جا فرض به نڀائي ٿي ته اتي پنهنجي گھر ۽ ڪٽنب کي به ٽائيم ڏئي ٿي ۽ اتي ئي ادبي سرگرمين يا سماجي خوشي توڙي غمي ۾ به شريڪ ٿي پنهنجو فرض نڀائي ٿي. جڏهن جڏهن به منهنجو سندس گھر وڃڻ ٿيندو آهي ته مون کي ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ اسان جو هڪٻئي سان صدين جو رشتو آهي، سدائين چهري تي مسڪراهٽ، محبت ۽ قرب نظر ايندا آھن ۽ دل اھو مڃڻ لڳندي آھي ته رت جي رشتن کان وڌيڪ روح جا رشتا مضبوط هوندا آهن. منهنجي بابا سائين (جمن دربدر) جي جسماني وڇوڙي کي ٻه سال گذري وڃڻ جي باوجود به هو اڃان تائين به اسان جي خوشين توڙي غمين ۽ سک ڏک ۾ شريڪ ٿي ڌيءَ جا فرض نڀائي ٿي. منهنجي دل ۾ سندس لاءِ جيڪي به جذبا آهن منهنجي دل ۽ دماغ ۾ تري ٿا اچن انهن کي لفظن جو روپ نٿي ڏئي سگھان بس منهنجي دل ۾ سندس لاءِ اها دعا سدا ٿي اچي “تون خوش هجين، تنهنجو قلم سدا سچ جو ساٿ ڏيندو رهي، سدائين گلن جيئن ٽڙندي، مسڪرائيندي رهين شال جڳ جڳ جيئندي رهين.رفعتين اور بلندي ڀي تجهه پر ناز ڪرينتيري يي عمر خدا اور ڀي دراز ڪري. Post Views: 289