گذريل ڪجھھ ڏھاڪن کان اسان وٽ ھڪ اھڙي روايت جنم ورتو آھي جنھن جي ان فيلڊ جي ماڻھوءَ کي پاڻ کي ئي خبر ناھي تھ آخر کيس ڪرڻو ڇا آھي؟ ڪارڊيولاجسٽ کي جيڪڏھن چئجي تھ اکين جو علاج ڪر تھ اھو جيڪو جواب ڏيندو ان کان اسين سڀ واقف آھيون ساڳي حالت علم جي ميدان ۾ بھ نظر اچي ٿي. ڪمپيوٽر سائنس جو ماڻھو تصوف تي ليڪچر ڏيندي نظر اچي ٿو وڪالت جي ڊگري حاصل ڪندڙ ماڻھو ڊجيٽل معاشيت تي ڳالھائي ٿو: سنڌي ادب ۾ گريجوئيشن ڪندڙ شخص علم نباتات تي طبع آزمائي ويٺا ڪن. ھڪڙو دفعو سليبرٽي ٿي وڃڻ کانپوءِ اھي سڀئي ماڻھو جيڪو ڳالھائين ٿا ۽ چون ٿا عوام بنا ڪجھھ سوچي سمجھي ۽ پرکي لبيڪ چئي ٿي، جنھن جو خراب اثر اھو ٿئي ٿو جو نااھل ماڻھو پاڻ کي سليبرٽي سمجھڻ سان گڏوگڏ خدا سمجھڻ به شروع ڪري ٿو.
کين ايئن لڳي ٿو تھ ھنن جو زبان مان نڪتل ھر لفظ ڪا بشارت ھجي يا عقلِ ڪُل ھجن. مثال طور؛ جيترن بھ سي ايس ايس آفيسرن جا انٽرويو ٻڌو تھ توھان حيران ٿي ويندا؛ ھڪڙي خاتون جو چوڻ ھو تھ جڏھن ھو ايم بي بي ايس پاس ڪري سِي ايس ايس ڪرڻ اڪيڊمي وئي تھ کيس سي پيڪ لکڻ نٿي آيو. ٻڌڻ وارن کيس ان تي وڏي داد ڏني ۽ سڄو ھال تاڙين سان گونجي اٿيو تاڙيون وڄائيندڙ سڀ اھل ۽ قابل ھئا جن مان ڪنھن بھ اٿي ايترو سوال ڪرڻ جي جرئت نھ ڪئي تھ خاتون کي سي پيڪ لکڻ نٿو اچي تھ ان نااھلي جو ڪريڊٽ لمس يونيورسٽي لاھور کي ڏجي يا کيس سندس ان احمقاڻي ڳالھھ ڪرڻ تي؟ پر جيئن تھ اھو ڪلچر رائج ٿي چڪو آھي تھ ھڪ دفعو ڪير بھ سليبرٽي ٿي وڃي ان کانپوءِ ھو جيڪو چوندو اھو سچ ھوندو.
پھرين سليبرٽي ماڻھو پنھنجي سنجيده ڪم جي بنياد تي ٿيندا ھئا ڏينھن رات ھڪ ڪري محنتن سان اھو مقام حاصل ڪرڻو پوندو ھو. طاقتور قوتن جو نمائندو ٿي ڳالھائڻو نھ پوندو ھو، بلڪھ انھن کي آئينو ڏيکارڻو ھوندو ھو جنھن ڪارڻ صعوبتن ۽ عقوبتن کي منھن تھ ڏيڻو پوندو ھو، پر پنھنجي اصولن ۽ ڪردار تي سوديبازي ڪڏھن بھ قابلِ قبول ڪو نھ ھوندي ھئي. ھاڻ سوشل ميڊيا ان ڪم کي ڏاڍو آسان ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي ڪنھن کي بھ ھيرو ٺاھڻ لاءِ ان جي ايتري پروپيگنڊا ڪئي ٿي وڃي جو خود اھو شخص پنھنجي شرم ۾ ٻڏي وڃي ٿو تھ کيس ايتري واکاڻ ڪھڙي ڪنٽريبيوشن تي ملي رهي آھي؟ ھي جيڪي بھ آقا ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا وڏا ليڪچر ڏين ٿا انھن کان سوال ڪجي تھ اھي اوھان لاءِ ڪھڙو مثبت ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا؟ ھي فقط پنھنجي فين فالوئنگ وڌائڻ لاءِ اھڙيون چٽ پٽيون ڳالھيون ڪري مارڪس ۽ لينن کي ڪوٽ ڪندا آهن، جن جو اسان جھڙين ڪيپٽلسٽ رياستن ۾ پري پري تائين نھ ڪجھھ اچي نھ وڃي. ڳالھھ مزدورن جي حقن جي ڪجي ۽ جڏھن اليڪشن جي ريلي ڪڍي سوزورڪي تي لائوڊ اسپيڪر ھلائي نعرا ھڻڻ جو وقت اچي، جڏھن سوزوڪي واري کي ڀاڙي ڏيڻ جو وقت اچي تھ ان سان مقرر ٿيل اجورو ڏيڻ بدران کيس ڊوڙائجي ۽ پوءِ چئون تھ ماڻھن ۾ شعور ناھي ماڻھو اھڙن استحصال ڪندڙ پارٽين لائق ئي آھن. پنھنجي گريبان ۾ جھاتي نھ پائينداسين تھ جيڪو استحصال پاڻ ڪيوسين ان جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ ساڳيا ليڊر ايل ايل بي جي آخري سال جي شاگرد کي امتحان ۾ ان ڪري نٿا ويھڻ ڏين تھ سندن في جمع ناھي ٿيل، ان شاگرد جا پويان چار سال تباھھ تنھن جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ توھان فقط ماڻھن کي گفتار ذريعي ئي بيوقوف بڻايو آھي ڪردار ۽ عمل ۾ اوھين مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آھيو. اھوئي ڪارڻ آھي تي ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي واڳ ھڪ اھڙي شخص جي ھٿ ۾ هلي وئي ھئي، جنھن نھ ڪڏھن وڏا ليڪچر ڏنا هئا ۽ نھ ڪڏھن سنڌ پرستي جو ڍونگ رچايو هو، بس ھڪڙو عزم ڪري ڌرتي ڌڻين سان بيھجي ويو ۽ ان بيھڻ ڪارڻ ماڻھن جيڪا سندس موٽ ۾ خدمت ۽ عزت ڪئي تنھن جو ڪو مثال نٿو ملي سگھي.
توھان جون کوکليون ڳالھيون، ٺلھا نعرا ۽ عوام کي بيوقوف ڪرڻ جا سڀ حيلا وقت سان مليا ميٽ ضرور ٿيندا، ڇو تھ اوھان سڀني جو بنياد ڪوڙن ڪردارن تي آھي ۽ ذاتي مفادن جي ڪمزور پُل تي بيٺل آھي جنھن ۾ قوم ۽ عوام فقط ڪمينٽ ۽ لائيڪ جي حد تائين اوھان کي عزيز آھي. اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ماڻھو پنھنجي ان قوت کي سمجھندا تھ ھڪڙو ماڻھو لک لھي ٿو، ڇو جو ھو سچ چئي ٿو تڏھن اوھان سڀني جي قابليت، علميت، اھليت ۽ ڪردار تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيندا، جنھن جو جواب اوھان تي منحصر هوندو تھ آيا وري بھ گفتار جو سھارو وٺو ٿا يا عملي طرح پاڻ کي ثابت ڪيو ٿا؟