بلاگنئون

ايران، اسرائيل جنگ ۾ نوان انڪشاف

ايران، اسرائيل سيز فائر کان پھرين ايئن ٿي لڳو ته اھا جنگ ڪٿي دنگ ڪندي اڃان ايران ۽ اسرائيل جا ھڪٻئي تي حملا جاري هئا ته رهيل ڪسر وري آمريڪا پوري ڪئي، جنهن وري جنگ کي نئون موڙ ڏنو، وري وچ ۾ ٽپي ٻنھي ملڪن کي سيز فائر تي پڻ راضي ڪيو. خير جنگ جا ڪڪر ڪجھه هلڪا ٿيا ۽ ٽري ويا. ھن جنگ بابت ڪجھه ڳالھيون اڃان واضح ناھن ٿي سگهيون، انهن ڳالھين کي پرکڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.

آمريڪي فوجي قيادت پاران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايران جي وڏي جوهري تنصيب “اصفهان” تي بنڪر بسٽر بم استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ان جي گهري زميني کوٽائي سبب ڪيو ويو. اصفهان نيو ڪليئر پلانٽ ايران جي يورينيم جي افزودگي جي وڏن ذخيرن مان هڪ آهي، جتي 60 سيڪڙو تائين افزوده يورينيم موجود آهي. ان مرڪز تي آمريڪا رڳو ٽوماهاڪ ميزائيلن سان حملو ڪيو، ڇاڪاڻ جو ايتري کوٽائي تائين فقط مخصوص بم ئي اثرائتا ٿي سگهن ٿا. فردو ۽ نطنز تي ته درجنين بنڪر بسٽر بم ڪيرايا ويا، پر اصفهان کي محفوظ سمجھي صرف ميزائيلن سان نشانو بڻايو ويو.

ان صورتحال مان واضح ٿئي ٿو ته آمريڪا جي جديد هٿيارن جي باوجود به ڪجهه حدون اڃان اڻڄاتل آهن، خاص طور تي جڏهن معاملو زير زمين ايٽمي تنصيبن جو هجي. آمريڪي سينيٽرن جي خفيه بريفنگ ۾ پڻ اقرار ڪيو ويو ته موجوده هٿيارن جي رينج ايتري ناهي جو اصفهان جهڙيون تنصيبون مڪمل طور تباهه ڪري سگهجن. رپورٽ موجب، ايران جي افزوده يورينيم جو ڪجهه مقدار اڳ ئي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو ھو، جنهن ڪري ان تي حملا صرف عارضي اثر ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

اهڙي پسمنظر ۾، ايران طرفان اسرائيل تي زبردست ميزائيل حملا ڪيا ويا، جن ۾ غدير، عماد، خيبر شڪن ۽ فتح-1 جهڙا بيليسٽڪ ميزائيل شامل هئا، جيڪي آواز جي رفتار کان 15 ڀيرا تيز هئا. اهڙا ميزائيل جديد اينٽي ميزائيل سسٽمن لاءِ به روڪڻ مشڪل بڻجي وڃن ٿا. آمريڪا، اسرائيل جي بچاءُ لاءِ پنهنجي THAAD دفاعي نظام مان 60 کان 80 انٽر سيپٽرز استعمال ڪيا، جن جي مجموعي قيمت هڪ ارب ڊالر کان به مٿي ٿي وئي. ياد رهي ته آمريڪا سال ۾ صرف 50-60 اهڙا انٽر سيپٽر تيار ڪري ٿو، تنهنڪري استعمال ٿيل ذخيري جي بحالي ۾ سال لڳي سگهن ٿا.

ساڳئي وقت ايران جي پاسداران انقلاب جي هڪ اهم ڪمانڊر جنرل محمد رضا نقدي اهو به ظاهر ڪيو ته ايران صرف 5 سيڪڙو کان گهٽ فوجي طاقت استعمال ڪئي آهي. سندس بيان هڪ قسم جي ڌمڪي پڻ آهي ته جيڪڏهن ضروري ٿيو ته باقي 95 سيڪڙو صلاحيت به ظاهر ڪري سگهن ٿا. ان مان نه رڳو ايران جي اعتماد جو اندازو ٿئي ٿو، پر خطي ۾ طاقت جي نئين توازن جا امڪان پڻ وڌي وڃن ٿا.

ان کان وڌيڪ اھم ڳالهه اها آهي ته سٽلائيٽ تصويرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران حملن کان صرف ڪجهه ڏينهن اندر اصفهان جي زير زمين سرنگهن تائين ٻيهر رسائي حاصل ڪري ورتي ۽ ان مرڪز جو داخلي رستو صاف ڪيو ويو. ان مان صاف پڌرو ٿئي ٿو ته يورينيم يا ته منتقل ٿي چڪو آهي يا محفوظ رکيل آهي ۽ ايران جو ايٽمي پروگرام مڪمل طور متاثر نه ٿيو آھي. ساڳئي وقت آمريڪا جي اندر به سياسي تضاد سامهون اچي رهيا آهن. صدر ٽرمپ اها دعويٰ ڪري ٿو ته يورينيم منتقل نه ٿيو، جڏهن ته ريپبلڪن رڪن مائيڪل ميڪ ڪول جو چوڻ آهي ته آپريشن جو مقصد ئي يورينيم جي تباهي نه هو. سينيٽر لنڊسي گراهم به تسليم ڪري ٿو ته 900 پائونڊ يورينيم جي خبر ئي نٿي پوي.

هيءَ سڄي صورتحال ايران جي سياسي ۽ فوجي اعتماد، آمريڪا جي محدود حملا آور صلاحيت ۽ اسرائيل جي دفاعي لاچارين جي وچ ۾ هڪ نئون فوجي منظر نامو پيدا ڪري رهي آهي، جتي طاقت جي روايتي معنيٰ ۽ اثر تي نوان سوال اٿيا آهن. دنيا جي نون فوجي اتحادن، ٽيڪنالاجي جي جنگ ۽ زير زمين حڪمت عملين جي نئين راند جي شروعات ٿي چُڪي آهي، اها راند جنهن جو نتيجو صرف جنگ جي ميدانن ۾ نه، پر سفارتي ميزن تي به نروار ٿيندو.