شريف خاندان پاران ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو
خبرن موجب شريف خاندان پاران ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي اپيل سومر ڏينهن جمع ڪرائي ويندي. ان ڏس ۾ نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث پاران اپيل به تيار ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف قانوني ماهرن چيو آهي ته نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جيڪڏهن 10 ڏينهن اندر ملڪ واپس نه آيا ته انهن کي ڪنهن به قسم جو رليف نه ملندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي مجرم قرار ڏنو هو. جنهن بعد فيصلي ۾ عدالت نواز شريف کي 10 سال قيد ۽ 80 لک پائونڊ جرمانو، مريم نواز کي 7 سال قيد ۽ 20 لک پائونڊ جرمانو ۽ ڪئپٽن صفدر کي هڪ سال سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. جنهن کان علاوه لنڊن ۾ موجود نواز شريف جي ملڪيت وارا ايون فيلڊ فليٽ به سرڪار پاران ضبط ڪيا ويندا.

