جڳ مشهور ڏاھي نارمن ونسنٽ پيل جو قول آهي ته “توهان جي زندگي اوهان جي سوچن جو عڪس آهي. جيڪڏهن اوهان پنهنجي سوچ بدلائيندئو ته اوهان پنهنجي دنيا به بدلائي سگهو ٿا.” هن قول جو مطلب اهو آهي ته اسان جون سوچون اسان جي زندگيءَ تي وڏو اثر وجهنديون آهن. جيڪڏھن اسان مثبت سوچيون ته زندگيءَ ۾ بھتري، اميد ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن ٿا، پر منفي سوچون مايوسي ۽ ناڪاميءَ طرف وٺي وڃن ٿيون. ان ڪري، سوچ بدلائڻ سان زندگيءَ جو رخ به بدلائي سگهجي ٿو. اسان جو ذهن زرخيز زمين جيان آهي، يقينن جيڪو خيال اسان ان ۾ پوکينداسين، اُهو ئي وڌندو. جيڪڏهن اسان پنهنجي ذهن ۾ اميد، سڪون ۽ محنت جا خيال رکنداسين ته زندگي به سُڪون، ترقي ۽ ڪاميابي ڏانهن وڌندي، پر جيڪڏهن اسان خوف، نااميدي يا پاڻ بابت خراب سوچون رکنداسين ته اهي ئي اسان کي پوئتي ڌڪينديون. نفسيات ۾ ان کي “سوچن ۽ عمل جو تعلق” چيو ويندو آهي. سنڌي ۾ هڪ عام چوڻي آهي ته “جيئن سوچيندي، تيئن ئي ٿيندو.” اڪثر وڏڙن جي واتان اهو ٻڌندا آيا آهيون ته “ھميشه واتان سولي وائي ڪڍجي.” ياد رهي ته واتان وائي به ھميشه اهائي نڪرندي آهي جيڪا سوچن ۾ پلبي آهي. سنڌي ۾ هڪ ٻي عام چوڻي آهي ته “اڻيندو اهو ئي جيڪو ڪوريءَ جي من ۾.”
ان مان خبر پوي ٿي ته انسان جي سوچ ئي سندس عمل ۽ تقدير جو بنياد هوندي آهي. جيڪڏهن سوچ مثبت هوندي ته عمل به اهڙا ئي هوندا ۽ نتيجو به سٺو نڪرندو. اسان جا خيال اسان جي جذبات تي اثر ڇڏيندا آهن، جيڪي پوءِ اسان جي عمل کي طئي ڪن ٿا ۽ اهي عمل اسان جي ڪردار مان ظاهر ٿيندا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ناڪام يا ڪمزور سمجهي ٿو ته هو موقعن کان ڀڄندو، سندس اندر ۾ سدائين ناڪامي جو خوف رهندو ۽ نتيجي طور انجام ۾ واقعي پوئتي رهجي ويندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ تي اعتماد يعني ڀروسو آهي ته هو هر مشڪل کي هڪ موقعو سمجهي مقابلو ڪندو ۽ ڪاميابي ۾ هميشه اڳرو رهندو. اسان جون سوچون صرف ڪردار نه، پر صحت تي به اثر وجهن ٿيون. ناڪاري سوچون دٻاءُ پيدا ڪن ٿيون، جيڪي جسماني بيمارين، ٿڪاوٽ ۽ ذهني بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون. جڏهن ته سُٺا ۽ مثبت خيال اندروني سڪون، بهترين ننڊ ۽ مجموعي صحتيابي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا آهن. معاشري جي سطح تي به سوچ جي طاقت تمام اهم آهي. جيڪڏهن ماڻهو نواڻ، بهتري ۽ ترقيءَ جو سوچين ٿا ته قوم اڳتي وڌي ٿي. نوجوانن لاءِ ضروري آهي ته هو پاڻ کي ٻين سان نه، پر پاڻ سان ڀيٽين ۽ سکڻ، سڌرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪن. مطلب ته ذهن توهان جو سڀ کان وڏو وسيلو آهي. ان کي ناڪاري خيالن کان بچايو، مثبت سوچن سان ڀريو ۽ ھميشه نواڻ، حوصلي ۽ اميد سان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش جاري رکو.
ياد رکو جيڪڏهن توهان پنهنجي سوچن کي بدلايو ته زندگي پاڻمرادو بدلجي ويندي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته سوچن کي ڪيئن ضابطي ۾ آڻجي؟ يا ناڪاري منفي سوچن بجاءِ مثبت خيال ڪيئن آڻجن؟ ان لاءِ پهريان ته اها ڳالھه پختي يقين جي علامت آهي ته “مثبت سوچ زندگي کي روشن رخ ڏيکاري ٿي، جتي هر ڏکيائيءَ ۾ به اميد جو شعاع نظر اچي ٿو. اسان کي ناڪارا يا منفي خيالن کي مثبت سوچ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ، سڀ کان پهريان پنهنجين سوچن تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. جڏهن ڪو منفي خيال ذهن ۾ اچي ته ان کي سڃاڻو ۽ پاڻ کي ياد ڏياريو ته هيءَ رڳو هڪ سوچ آهي، جيڪا حقيقت تي مبني ناهي. اهڙي سوچ کي اهميت ڏيڻ بجاءِ نظر انداز ڪرڻ بهتر آهي. ڪڏهن به پاڻ کي اهو نه چئو ته “مان ناڪام ٿيس”، پر ان بدران چئو “مون هن تجربي مان گهڻو ڪجھه سکيو.” روزانو شڪرگذاري جي مشق ڪريو، حڪيم لقمان به پنهنجي پٽ کي نصيحتن مان هڪ اها به نصيحت ڪئي هئي ته ھميشه شڪرگذار رهجان. قرآن مجيد ۾ به باري تعاليٰ جو فرمان آهي ته “جيڪڏهن توهان شڪر ڪندئو ته مان توهان کي ضرور وڌائي ڏيندس. هن آيت مان اسان کي زندگيءَ جي هر پهلو ۾ شڪر ڪرڻ جي ترغيب ملي ٿي. جيڪڏهن اسين الله جي نعمتن تي راضي ۽ شڪرگذار رهنداسين ته الله تعاليٰ اسان کي وڌيڪ نوازيندو ۽ اسان جي زندگيءَ ۾ برڪت پيدا ٿيندي، يقينن هن دور ۾ هر ماڻهو اهوئي چاهي ٿو، شڪر جي مشق ڪرڻ لاءِ بهترين طريقو اهو آهي ته اسان کي هميشه اهڙيون شيون لکڻ يا ياد ڪرڻ گهرجن، جيڪي پهرين اسان وٽ نه هيون، انهن نعمتن کي ھميشه شڪرگذاري جو ذريعو بنائڻ گهرجي، ان سان توجھه مسئلن بدران نعمتن تي ٿيندي. اهڙن مثبت ماڻهن سان گڏ رهو، جيڪي اوهان کي حوصلو ڏين. روزمره مثبت جملا ورجايو، جيئن ته “مان قابل آهيان” يا “مان هر ڏينهن بهتر ٿيندو پيو وڃان.” جسماني مشق يا هلڻ منفي توانائي کي گهٽائيندي آهي ۽ موڊ بهتر ڪندي آهي. منفي خبرن يا سوشل ميڊيا کان پاسو ڪريو، ڇو ته اهي ذهني توانائي کي ختم ڪن ٿا. ڪتابن کي پنهنجو دوست بڻايو. روزانو ننڍا هدف مقرر ڪري انهن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. ڇاڪاڻ ته ننڍين ڪاميابين سان اعتماد وڌندو آهي. ننڍين ننڍين خوشين مان خوب لطف وٺڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ زندگيءَ جي مثبت رخ ڏانهن توجھه ڏئي پنهنجي زندگيءَ کي خوبصورت بڻايو.