بلاگنئون

ماھواريءَ دوران صفائيءَ جو ڏينھن

ايڪيهين صديءَ جي پنجويھين سال سن ۲۰۲۵ع ۾ ڪوڙين سالن جي ماڻھوءَ کي جي اھو ٻڌائڻو پوي ته ماھواري ھڪ عورت جي توليدي صلاحيت جي پھرين نشاني آھي جيڪا فطرت جو ھڪ شاندار تحفو آھي ۽ ماھواريءَ دوران صفائي رکڻ جو سندس حق به فطري آھي ته ماڻهو اهو ئي سوچيندا ته ڪهڙي نه شرم جي ڳالهه آهي جو ان موضوع تي ڳالهايو پيو وڃي. پر اسان کي اھڙين ڳالھين تي شرم صفا ڪونھي ٿيندو مورڳو نرڄائيءَ سان پنھنجي جھالت جو دفاع ڪندا آھيون.  ماھواريءَ دوران صفائي جو ڏينهن هر سال ۲۸ مئي تي ملهايو ويندو آهي. اهو ماھواريءَ دوران پنھنجي شخصي، ذاتي سارسنڀال جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ ۽ انهن مسئلن بابت شعور اجاڳر ڪرڻ جو موقعو آهي جيڪي انهن نارين کي درپيش آهن جن کي ماھواريءَ جي ڏينھن ۾ صفائي سٿرائي رکڻ لاءِ گهربل شين تائين رسائي به ناهي.

اھي شيون جيڪي ھڪ دنيا جي ھٽن جي زينت آھن، پر اسان جھڙن سماجن ۾ گھڻن لاءِ اڃان اوپريون آهن جيڪا هڪ حقيقت  آهي.

ھن سال سن ۲۰۲۵ع جي ماھواريءَ  جي ڏينھن ۾ صفائي سٿرائي واري ڏينهن جو سڏ آھي. ماھواريءَ وارين نارين لاءِ دوستاڻي دنيا هڪ خواب  آھي، جيڪو الائي ڪڏھن ساڀيان ٿيندو.

ماھواريءَ دوران دوستاڻي دنيا ۾ ھڪ ناريءَ لاءِ ماھواري معمول ھجي ڪا لڱائي، بدنامي يا ناپاڪي نه ھجي. هڪ اهڙي دنيا جتي هر ناريءَ کي انهن شين تائين رسائي ھجي، ماھواريءَ بابت بنيادي  ڄاڻ ھجي، گهربل تعليم ھجي ۽ سامان کان ويندي لٽي ڪپڙي ۽ صاف سٿري ليٽرين تائين رسائي حاصل ڪري سگهي جن جي کيس ضرورت آهي. اھڙي هڪ عزم سان، ارادي سان، پيغام سان، اسان ھن سماجي گيپ مان ڦٽي بلند ٿيندا آهيون!

ماھواريءَ جي صحت بنيادي حقن، وقار ۽ گڏيل صحت جنھن کي پبلڪ ھيلٿ ٿا چئون، ان جو هڪ بنيادي انگ آهي. ماھواريءَ دوران صفائي سٿريءَ جو ڏينهن، جيڪو هر سال ۲۸  مئي تي ملهايو ويندو آهي، اھو ماھواريءَ سان جوڙيل ممنوعات واري ڪوڙ جي ڪوٽن ڪيرائڻ ۽ ھر ڌيءَ ٻار کان ويندي توليدي عمر، ۱۵ کان ۴۹ سالن جي ناريءَ لاءِ ماھواريءَ دوران صفائي سٿرائيءَ جي انتظامن جي اهميت بابت شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ وقف آهي.

هن سال، جٽادار ترقيءَ جي ھن جُڳَ جي اڌ پنڌ تي ماھواريءَ دوران صحت جي ضرورت تي گفتگو جي تعليم ڏيڻ، نارين کي پنھنجي ان فطري ڪيفيت جي مٿان بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي رويا تبديل ڪرڻ جي ڀلا پنھنجي سندي گهر، اسڪول، اداري کان شروعات ته ڪريون. اھو اعلان ته ڪريون ته ٻيلي: اسان به آھيون.

ڪنھن به ناريءَ لاءِ ماھواريءَ جي ڏينھن ۾ صحت جون، سارسنڀال جون ۽ پنھنجي پاڻ کي باقي ڏينھن جيان خوش رکڻ جون حالتون پيدا ڪرڻ سان اسان کين ڪيترن ئي نفسياتي مونجهارن مان آجو ٿيڻ ۾ مدد فراھم ڪري سگهون ٿا، جڏھن ھو پنھنجي ان فطري ڪيفيت کان بي نياز حياتي معمول سان گذارين. کين اھو خوف به نه ھجي ته ھن شيءِ کي ھٿ ناھي لاهڻو، ھي کاڌو ناھي کائڻو، ھن جي اڳيان ناھي اچڻو، اسڪول ناھي وڃڻو، نوڪريءَ تان موڪل ڪرڻي آهي وغيره وغيره.

ماھواريءَ جي فطري عمل تان اھا تھمت ھٽائي ان کي جيستائين گهريلو روز مره حياتيءَ جو معمول وارو موضوع نه بڻائبو ھي مسئلو اسان جي لاءِ عذاب بڻيل رھندو.

ڀلا ڇوڪرين جي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، ڪنھن فيڪٽري، رونبي، لاباري تي آيل مائين مان ڪا ھڪ اڌ پنھنجي ماھواري به سنڀاليندي ته ان ۾ لڄا ڇا جي؟

جٽادار ترقيءَ جي سترھن سٽائن مان ٽن سٽائن. ٽئين، چوٿين ۽ پنجين جا طئي ٿيل ھدف ڏسون ته اسان کي انھن ۾ به ماھواريءَ دوران صفائي سٿرائي، چڱ ڀلائي، علم، تعليم، سجاڳي، صنفي حق سڀ ڏسڻ ۾ ايندا.

ماھواري ھڪ ناريءَ جي توليدي عمر جو اھو سلسلو آھي جيڪو نه ڏسي رات، نه ڏينھن، نه گهر، نه سفر، نه مھل، نه موسم ۽ نه وري ڪو ھنڌ. سدائين ھر مھيني هڪ عورت سان جڙيل هڪ فطري عمل آھي، جنھن جي چوڌاري ھڪ خاموشي ڇانيل آھي.

اھا سانت ٽوڙڻي آھي، سرٻاٽ ۾ نه، ڀرپور آواز سان پنھنجي گهرج جو اظھار ڪرڻو آھي. ماھواري، ماھواريءَ جون اضافي گهرجون، ماھواريءَ دوران صحت، صفائي، سارسنڀال، اٿڻ ويھڻ، خوراڪ سڀني کي بنيادي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻو ۽ ڪرائڻو آھي. ھن سڏ کي وراڪو ڏئي ھي بلاگ پنھنجي پنھنجي سليٽ تي ورجايو ته جيئن ھر ڪن تائين اھو آواز پھچي. ھر اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، ڪارخاني، دفتر، بس، اسٽاپ، ريلوي اسٽيشن ۽ مارڪيٽ ۾ ماھواريءَ وارين نارين لاءِ مخصوص ليٽرين، جتي پاڻي، صابڻ، پيڊ، ڪڇا ۽ گند ھڪ ھنڌ رکڻ جو دٻو. پاڻي ۽ صفائيءَ جو بندوبست ھجڻ گهرجي. ھڪ ناريءَ کي ماھواريءَ دوران گهربل گهٽ ۾ گهٽ شين ۾ پيڊ يا صاف سوٽي ڪپڙو جيڪو وھندڙ رت جذب ڪري سگهي، ڪپڙي يا پيڊ کي ھڪ جاءِ سنڀالي رکڻ لاءِ ڪڇو، ڪڇو ڌوئڻ لاءِ پائوڊر، ھٿن ڌوئڻ لاءِ صابڻ، ڌوتل ڪڇو سڪائڻ لاءِ ٽنگڻيون ۽ عوامي ٽوائليٽ ۾ ماھواريءَ جي آگاھيءَ جو پمفليٽ.

***