هاڻي ڪال سينٽر تي ماڻهو نه پر گوگل جو سافٽ ويئر ڪم ڪندو
گوگل پاران هڪ اهڙو سافٽ ويئر ايجاد ڪيو ويو آهي جيڪو انسانن جيان فون ڪري سگهي ٿو. مطلب ته توهان جي سيڪريٽري طور هو فون ڪري انساني آواز ۾ ڳالهائي توهان پاران ماڻهن کي پيغام ڏيئي سگهي ٿو. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ان سافٽ ويئر جي ڳالهائڻ ۽ انسان جي ڳالهائڻ ۾ ٿورو ئي فرق آهي. ٻئي طرف سڄي دنيا ۾ ڪال سينٽرن جي اندر وڏي تعداد ۾ انسان ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ انهن جي جاءِ تي هن روبوٽ کي ڪم آڻي سگهڻ به ممڪن آهي. ان ڪري گوگل اهڙين پرڏيهي خابرو ادارن جي مطابق هڪ انشورنس ڪمپني پاران هن سافٽ ويئر ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي جيڪا هن کي ٽيسٽ ڪرڻ چاهي ٿي. هن سافٽ ويئر تي ماهرن ناڪاري رد عمل ڏنو آهي سندن چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهو ڪال سينٽرن سان لاڳاپيل آهن اها هڪ ٿڪائيندڙ نوڪري آهي پر وري به اها هڪ نوڪري آهي ۽ اهي ماڻهو ان نوڪري تي پنهنجو گهر هلائين ٿا. واضح رهي ته فلپائن جو 8 سيڪڙو GDP به ڪال سينٽر جي آمدني مان اچي ٿو ۽ هن قسم جي سافٽ ويئر جي عملي طور ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا.

