لنڊن ڏانهن اڏام
ھئي برسات جي موسم، وسيو پي مينھن به وڏ ڦڙو،
جيتوڻيڪ فلائيٽ ته منھنجي 8 مئي تي ھُئي، پر ٻنھي ملڪن جي چپقلش (تُو تُو مئن مئن) جي ڪري آئون احتياط طور 7 مئي تي حيدرآباد کان ڪراچي نڪري آيس ته جيئن ڪنھن اوچتي پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ پريشاني نه ٿئي ۽ پنھنجو آستانو به ايئرپورٽ کي ويجھو پوندڙ بحريا ٽائون کي بڻايو، پر ٿيو اُھو ئي جنھن جي توقع ھُئي. ايمريٽ ايئر لائين جي فلائيٽ ته 12.15 جي ھئي ۽ آئون احتياط طور صبح جو 9 وڳي يعني بورڊنگ ٽائيم کان به اڳ ۾ ئي ڪراچي ايئرپورٽ پھچي چڪو ھئس، ڏٺم ته بورڊنگ سڀني پروازن جي بند لڳي پئي ھُئي. نيٺ ساڍي ٻارھين وڳي جنگي صورتحال سبب سڀني فلائيٽن جي آمد توڙي روانگي جي پروازن جو في الحال ٻن ڏينھن تائين معطلي جو باضابطا اعلان ڪيو ويو. ايئرپورٽ تي عجيب پريشاني ۽ بي وسي جو عالم ھو. ملڪ جي مختلف علائقن کان ڪھي آيل عوام، جن مان ڪن کي پنھنجي نوڪري واري آفيس ڊيوٽي لاءِ پنھنجي ڏيھه جي ڪنھن شھر يا پرڏيھه پھچڻو ھو ته ڪن جو تفريحي يا بزنس ٽوئر ھو ته ڪن کي وري پنھنجن پيارن سان ملڻ لاءِ وڃڻو ھو. ساڳي صورتحال ۽ بي چيني جي ڪيفيت پنھنجي وطن واپس ايندڙن ۽ اُنھن جي آجيان لاءِ پھتل ماڻھن لاءِ به پيدا ٿي چڪي ھُئي ايئرپورٽ تي پھتل ساري مخلوق دربدر ٿي چڪي ھئي. ھاڻي نه اتو نه پتو ته وري پروازن جو جھان ڪڏھن جڙندو!؟ تڏھن ته مان چوندو آھيان ته جنگ ڀلي ڪھڙي به سبب ٿئي، جنگ ھارائڻ واري لاءِ ته ھونئن ئي، پر کٽڻ واري لاءِ به اُن جا نتيجا پريشاني، انساني نسل ڪشي، نفرت، تباھي ۽ بربادي جي ڀيانڪ شڪل ۾ ئي ظاھر ٿيندا آھن. جنگين جا ڀلي ڪھڙا به ڪارڻ ھُجن، پر اُھي انساني قدرن، آدرشن، ڀائيچاري، امن، خوشحالي ۽ ترقي جون ازلي دشمن آھن ۽ عالم انسانيت تي ڪارنھن جي ٽِڪي جيان آھن.
ايمريٽ ايئر لائين جا جھاز پاڪستاني ايئر لائينن، تان جو متحده عرب امارات جي باقي ايئر لائينن جي جھازن کان به سيِٽنگ ارينجمينٽ جي حساب سان ڪافي بھتر آھن. انھن ۾ ويھڻ واري سيِٽ خلاصي ھجي ٿي ۽ اڳين سيِٽن ۽ پوئين سيِٽن جي وچ ۾ به ڪافي وٿي ھجي ٿي، جنھن ڪري اُٿڻ ويھڻ ۽ چرڻ ڦرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. جن ماڻھن ڪڏھن به جھاز ۾ سفر ناھي ڪيو، اُنھن لاءِ جھاز ۾ سفر ڪرڻ ڀلي وڏي عياشي ھجي، باقي سچ پڇو ته پنھنجي نظر ۾ جھاز جي سفر کان بس يا ٽرين جو سفر سئو ڀيرا وڌيڪ آرام ڏيندڙ ۽ بھتر آھي. آئون جھاز جي بزنس ڪلاس جي ڳالھه ڪونه ٿو ڪريان، جنھن ۾ لگزري جا سڀ سانگ ميسر آھن، باقي اسان پارا جيڪي جھازن جي ايڪا نامي ڪلاس ۾ سفر ڪن ٿا، اُھي جھازن جو سيٽون سوڙھيون ھئڻ سبب ڄڻ ڪڪڙ بڻيا ويٺا ھجن ٿا. سنڌي ۾ چوڻي آھي ته نالو وڏو شهر سڃون. سو سائين منھنجا! جھاز جي سفر جو نالو ۽ دٻدٻو ته وڏو آھي، باقي جھاز جي سيٽ تي ماڻھو جو ويھي سفر ڪرڻ ايئن آھي ڄڻ ڪُتي جي وات ۾ ھُئڻ نه ھيڏانھن چُري سگھي نه ھوڏانھن.