سفر ناموسفرنامو

(سفر نامو-قسط پهرين) برطانيه جي ڀونءِ ۾…

لنڊن ڏانهن اڏام

تاريخ پڙھجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته پنھنجي وطن تي مختلف دورن ۾ ڌاريا سدائين ڪاھيندا ۽ پنھنجي ڌرتي کي تھس نھس ڪندا ڦريندا ۽ لٽيندا رھيا آھن. پنھنجي ڌرتي کي ڌارين طرفان مختلف وقتن ۾ فتح ڪندڙن جي ته ڊگھي لسٽ موجود آھي، پر تاريخ ۾ پنھنجي سنڌ جي ڪنھن به اھڙي حڪمران جو ذڪر ڪونه ٿو ملي، جيڪو ڪنھن ٻئي ملڪ تي حملي آور ٿيو ھجي، سواءِ سنڌ جي راجا جئدرٿ جي، سو به ڪنھن ملڪ تي اڪيلي سر ڪاھي نه ويو، پر فقط مھا ڀارت جي ڪوروَ پانڊوَ جنگ ۾، ڪورون جو سھڪاري رھيو. سنڌ جي حڪمرانن طرفان ٻين ملڪن تي نه ڪاھڻ جو منھنجي خيال ۾ ھڪ ته اھو ڪارڻ ھو ته ھي خطو سدائين پُرامن، سرسبز، خوشحال ۽ وسيلن سان مالا مال رھيو آھي، جِتي اسانجي ڌرتي جي حڪمرانن کي انھن سببن جي ڪري ڌارين ملڪن تي ڪڏھن به حملي آور ٿيڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ته اُتي وري ھِن ڌرتي جي اھا خوشحالي ئي ڌارين جي يلغار جو سبب بڻي آھي ۽ اسان کي تاريخ جي مختلف دورن ۾ غلامي جي عذاب کي ڀوڳڻو پيو آھي. ان کان علاوه اسان جي غلامي واري زندگي جي ٻين ڪارڻن ۾ اسان جي پنھنجي روايتي ڪاھلي ۽ غفلت، قبيلائي جھيڙن ۽ انا پرستين، ذاتين ۽ نسلن جي ڀيد ڀاوَن ۽ عقيدن ۽ ڌرمن جي تضادن جو به جوڳو ڪردار رھيو آھي. اِنھن ڪڙين حقيقتن ۽ سچائين کان ڪوبه ساڃاۡهوند چاھي ته به انڪار نٿو ڪري سگھي!

تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪئين ڌاريا ھِن ڌرتي تي ڪاھي آيا جِن ھِن ڌرتي کي بيدردي سان لُٽيو، ڦُريو ۽ ان بي رحم ۽ ظالمانه تسلسل جا آخري حڪمران انگريز ھُئا. ھاڻ پاڻ وٺون ٿا تياري اُنھن جي ڏيھه ڏسڻ جي جن جي غلامي ۾ پاڻ ھڪ صدي کان به مٿي جو عرصو گھاريو. اچو ته مون سان گڏ اُن ملڪ کي پسون. اچو ته منھنجي اک جي مشاھدي ۽ من اندر جي سوچ سان اُنھن حقيقتن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪريون ته آخر انگريزن ۾ اھڙو ڇا ھو، جو اُھي نه صرف اسان جي ملڪ، بلڪه دنيا جي ڪافي ملڪن جا حڪمران بڻجي ويا. تڏھن ئي اھا چوڻي مشھور ٿي ته انگريزن جي حڪمراني جو سج دنيا تان لھندو ئي ڪونه ھو؟ اچو ته معلوم ڪريون ته انگريزن جي ملڪ کي آخر گريٽ برٽين ڇو ٿو سڏيو وڃي؟ اچو ته يو ڪي (UK)  جي فطرتي سونھن، اُتي جي ماڻھن جي مزاج، من اندر جي سچاين ڪچاين، تاريخي، تھذيبي ۽ ثقافتي قدرن ۽ ورثن، سماجي بيھڪ، اُٿلن پٿلن، قدامت کان جدت تائين جي سوچ، سائنس ۽ ترقي جي سفر ۽ ان کان علاوہ برطانيه جي ھِن ڀُونءِ جي مٽي ۾ سمايل سونھن، سرھاڻ، سماجي ۽ ثقافتي قدرن، فنونِ لطيفه ۽ ٻين انيڪ رازن رمزن کي ڦلهورڻ لاءِ سر سامونڊي جي وڻجارن جيان اڻ ڏٺل منزل کي ڏسڻ لاءِ سفر جي سامگري ساڻ ڪري نڪري پئون. سو سائين منھنجا! پاڻ ته تياري ڪري بالم (گُڏا) بڻجي حيدرآباد کان نڪري به پياسين، پر چوندا آھن ته بندي جي من ۾ ھڪڙي ۽ صاحب جي من ۾ ٻيِ، سو ڀلا پنھنجي مرضي سان ڇا ٿو ٿئي؟ ڀلا ڪو پنھنجي مرضي سان جھاز به ھلندو ڇا؟ جڏھن واڳ پنھنجي وس ۾ نه ھُجي ته بس صبر ۽ انتظار ئي ڪري سگھجي ٿو.

ھئي برسات جي موسم، وسيو پي مينھن به وڏ ڦڙو،

ڪڏھن اندر ڪڏھن ٻاھر، اسين ٻئي پاڻ ۾ ڄاڻون.

ھن شاعري پڙھندي ئي توھان سوچيندا ته هن شاعري جو منھنجي سفر سان ڪھڙو تعلق؟ ۽ ساڳئي وقت توھان جو ذھن جنسي خواھشن جي تڪميل لاءِ ڀٽڪڻ لڳندو ۽ اوسي پاسي نڪري ويندو. ھڪ گھٽ ٻوسٽ جو سماج جنھن ۾ جنسي تسڪين گناھ ڪبيرا سمجھيو وڃي، اُتي اھڙي ڪيفيت يا خواھش جو پيدا ٿيڻ عين ممڪن بلڪه فطري آھي، پر ھِن شعر جي اصل حقيقت اِھا آھي ته ھن شعر جو تعلق سيڪس سان ناھي ۽ نه ئي اھو موضوع منھنجي سفر سان لاڳاپيل آھي. ھن طنز و مزاح سان ڀرپور شاعري ۾ برسات جي لڪ لڪوٽي (ڪنھن مھل وسڻ ته ڪنھن مھل بيھه وري وسڻ) جي ڪري، کٽون ڪڏھن ڪمري جي اندر ڪرڻ ته وري ڪڏھن اڱڻ ۾ ٻاھر ڪرڻ جي پريشاني واري صورتحال جو ذڪر آھي ۽ شاعر ڇا ته ان ۾ خوبصورت ۽ رومانوي رنگ ۽ منظر ڀريا آھن. ھي شاعري ته خبر ناھي ڪنھن جي آھي، پر پنھنجي يو ڪي جي ياترا سان بلڪل ٺھڪي ٿي اچي، ڇو جو پاڻ وارن ٻنھي پاڙيسري ملڪن (پاڪستان ۽ ھندستان) ۾ جنگ جي صورتحال جي ڪري فلائيٽن جو نظام لوڏن ۾ آھي ۽ بي ترتيبي جو شڪار آھي. ڪيڏي مھل اوچتو ايئرپورٽن ۽ فلائيٽن بند ٿيڻ جو شيڊيول اچي ٿو ته ڪيڏي مھل کُلڻ جو اعلان ٿئي ٿو. پاڻ وارا ٻئي پيارا ملڪ، نه ٿا پاڻ ۾ صحيح معنيٰ ۾ ٺھن ۽ پاڻ ۾ سٺا پاڙيسري ٿي رھن ۽ نه ئي وري پاڻ ۾ يڪي ھڪ ھڪاڻي (لڙائي) ڪري ڪنھن نتيجي تي ٿا پھچن! جتي ٻنھي ملڪن جو عوام غربت جي لڪير کان ھيٺ گذاريندو ھُجي اُتي غربت خلاف جنگ جي بجاءِ ھٿيارن جي جنگ ويتر عوام کي اونداھي ڪُن ۾ ڌڪي ڇڏيندي. تڏھن ته ساحر لڌيانوي به پنھنجي شاھڪار نظم ۾ چئي ڏنو ھو ته:

جنگ تو خود هي ايڪ مسئلا هي،

جنگ ڪيا مسئلون ڪا حل ديگي.

پر اھا ڳالھه ٻنھي ملڪن جي مائي باپ سرڪارن کي ڪير سمجھائي!؟

جيتوڻيڪ فلائيٽ ته منھنجي 8 مئي تي ھُئي، پر ٻنھي ملڪن جي چپقلش (تُو تُو مئن مئن) جي ڪري آئون احتياط طور 7 مئي تي حيدرآباد کان ڪراچي نڪري آيس ته جيئن ڪنھن اوچتي پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ پريشاني نه ٿئي ۽ پنھنجو آستانو به ايئرپورٽ کي ويجھو پوندڙ بحريا ٽائون کي بڻايو، پر ٿيو اُھو ئي جنھن جي توقع ھُئي. ايمريٽ ايئر لائين جي فلائيٽ ته 12.15 جي ھئي ۽ آئون احتياط طور صبح جو 9 وڳي يعني بورڊنگ ٽائيم کان به اڳ ۾ ئي ڪراچي ايئرپورٽ پھچي چڪو ھئس، ڏٺم ته بورڊنگ سڀني پروازن جي بند لڳي پئي ھُئي. نيٺ ساڍي ٻارھين وڳي جنگي صورتحال سبب سڀني فلائيٽن جي آمد توڙي روانگي جي پروازن جو في الحال ٻن ڏينھن تائين معطلي جو باضابطا اعلان ڪيو ويو. ايئرپورٽ تي عجيب پريشاني ۽ بي وسي جو عالم ھو. ملڪ جي مختلف علائقن کان ڪھي آيل عوام، جن مان ڪن کي پنھنجي نوڪري واري آفيس ڊيوٽي لاءِ پنھنجي ڏيھه جي ڪنھن شھر يا پرڏيھه پھچڻو ھو ته ڪن جو تفريحي يا بزنس ٽوئر ھو ته ڪن کي وري پنھنجن پيارن سان ملڻ لاءِ وڃڻو ھو. ساڳي صورتحال ۽ بي چيني جي ڪيفيت پنھنجي وطن واپس ايندڙن ۽ اُنھن جي آجيان لاءِ پھتل ماڻھن لاءِ به پيدا ٿي چڪي ھُئي ايئرپورٽ تي پھتل ساري مخلوق دربدر ٿي چڪي ھئي. ھاڻي نه اتو نه پتو ته وري پروازن جو جھان ڪڏھن جڙندو!؟ تڏھن ته مان چوندو آھيان ته جنگ ڀلي ڪھڙي به سبب ٿئي، جنگ ھارائڻ واري لاءِ ته ھونئن ئي، پر کٽڻ واري لاءِ به اُن جا نتيجا پريشاني، انساني نسل ڪشي، نفرت، تباھي ۽ بربادي جي ڀيانڪ شڪل ۾ ئي ظاھر ٿيندا آھن. جنگين جا ڀلي ڪھڙا به ڪارڻ ھُجن، پر اُھي انساني قدرن، آدرشن، ڀائيچاري، امن، خوشحالي ۽ ترقي جون ازلي دشمن آھن ۽ عالم انسانيت تي ڪارنھن جي ٽِڪي جيان آھن.

فلائيٽن جي ملتوي ٿيڻ سبب ھاڻ ڇا ڪجي؟ اڄاتل انتظار کي ڀلا ڪيئن ڪٽجي؟ سو پاڻ اڻ اعلانيل واندڪائي کي وندرائڻ لاءِ پنھنجي ڪراچي جي پراڻي سنگت کي ڳولهي لڌو. انھن ٻن ٽن ڏينھن جي واندڪائي واري وقفي ۾ مختلف سنگتين سان ماني ۽ چانھه جي چشڪي تي خوب ڪچھريون ٿيون.  دوستن جو ڏنل وقت ۽ محبتون ھميشه ياد رھنديون. انھن ٻن ٽن ڏينھن جي بيچيني ۽ جنگي جنون مان جيئن ئي ٻئي ملڪ ٻاھر نڪتا ۽ جنگ جا بادل ٽريا ته زندگي معمول تي اچڻ لڳي ۽ ايئرپورٽ به کُلڻ لڳا ۽ اڏامن جو سلسلو به جُڙڻ لڳو ۽ پاڻ به ايمريٽ ايئر لائين جي اُڏام جي مليل نئين شيڊيول جي پوئيواري ڪندي، يعني 11 مئي تي صبح جو 9 وڳي لنڊن ڏانھن روانگي لاءِ ڪراچي جي ھوائي اڏي تي پھچي وياسين.

ايئرپورٽ تي جڏھن به ايندو آھيان ته سنگت وس آھر پروٽوڪول (سھولت) ڏياريندي آھي، انھي ڪري بورڊنگ ۽ اميگريشن جي خفي مان جلدي جان ڇٽي ويندي آھي. ان سموري ايئرپورٽ پروسيس جي عمل مان واندو ٿي پاڻ پھچي ويا آھيون ايئرپورٽ اندر رحمتِ شيرين جي مٺائي جي دڪان تي، جتان من پسند مٺائي، رس ڪيڪ، نان ختائيون ۽ نمڪين بسڪيٽ ورتم. جڏھن به پرڏيھه اُسھبو آھي ته حسبِ معمول رحمتَِ شيرين جي چانھه جي چشڪي جو آنند لازمي وٺبو آھي. سو چانھه چُڪو پيِ لائونج ڏانھن رخ ڪيم ۽ اچي لائونج ۾ ويٺس. جيئن ته اميگريشن پروسيس مان جلدي واندو ٿي ويو ھئس ۽ فلائيٽ جي اُڏام ۾ به اڃان دير ھئي، سو واندڪائي جي وندر لاءِ دوستن کي کوٽيِ ڪرڻ لاءِ فونن جا ڪڙڪا لائي ڏنم. جيئن ئي بورڊنگ شروع ٿي ته جھاز ۾ چڙھڻ لاءِ اٿيس. ڪائونٽر تي بورڊنگ پاس ڏيکاري جھاز ڏانھن ويندڙ ٽنل مان لنگهي جيئن ئي جھاز جي گيٽ مان جھاز اندر داخل ٿيس ته ايمريٽ ايئر لائين جي ايئر ھوسٽيسن مٺڙي مرڪ سان آجيان ڪئي. ايمريٽ ايئر لائين جي ايئر ھوسٽيسن جو لباس ڏاڍو خوبصورت ڊزائين ٿيل آھي. مٿي تي ڳاڙھي گول ٽوپي، ان سان مئچنگ ۾ اسڪارف جنھن ۾ ھلڪا ست سَر يا وراڪا ڏنل آھن، جيڪي علامتي طور عرب امارات جي ستن رياستن کي ظاھر ڪن ٿا، خاڪي مائل (beige) رنگ جي گوڏي تائين اسڪرٽ/ڪوٽ ۽ ڳاڙھي يا بيج ڪلر جا وڏي کڙي وارا جوتا پھريل ھي ايئر ھوسٽيسون، جڏھن کلي کيڪارين ٿيون ته ان وقت سارا ٿڪ لھي ٿا وڃن. مڃون ٿا ته  اِھي مرڪون ڪاروباري جھان/ڪسٽمر ڊيِلنگ جو حصو  آھن، پر پوءِ به اِھي مرڪون اسان جھڙن ماڻھن لاءِ جيڪي سدائين پريشانين ۽ محرومين ۾ گذارين ٿا، زندگي جا ٻه ٽي پل ئي صحيح، پر وڌائين ته ضرور ٿيون. پاڻ کي پنھنجي ديس جي جھازن ۾ به چڙھڻ جو گھڻو تجربو آھي، پر پنھنجي ۽ پرڏيھي ملڪن جي ايئر لائينن جي  ايئر ھوسٽيسن ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. پرڏيھي ايئر لائينن ۾ ايئر ھوسٽيسون خوبصورت ۽ سِلم(slim)  جڏھن ته پاڻ وارين ايئر لائينن ۾ اتفاق ائين ٿئي ٿو ته  گھڻو ڪري آنٽيون ئي پلئه پونديون آھن ۽ وري اُنھن جي رويي ۾ به ڏينھن رات جو فرق ھوندو آھي. پنھنجي ديس جي ايئر ھوسٽيسن جي ڀليڪار جو اھڙو رويو ھوندو آھي، جھڙو شادي پراڻي ۽ ٻارن ٻچن ٿيڻ کانپوءِ زال جو پنھنجي مڙس سان ھوندو آھي ۽ ويچارو مڙس وڌيڪ بيعزتي جي ڊپ کان ماٺ رھڻ ۾ ئي پنھنجي ڀلائي سمجھندو آھي. اُن کانسواءِ پنھنجن جھازن ۾ پراڻا ٿيڻ ڪري اُڏام ۾ لوڏا/جھٽڪا جام محسوس ٿيندا آھن ۽ ھر وقت موت جي ڊپ کان ساھ سڪو پيو ھوندو آھي. اھوئي سبب آھي جو ماڻھو پاڻ وارين ايئر لائينن ۾ سفر کي ترجيح نه ڏيندا آھن. حالانڪه پاڻ واري ايئر لائين پراڻي ۽ تجربيڪار ايئر لائين آھي جنھن عرب امارات جي ايئر لائين مان شروعاتي ايئر لائين ايمريٽ کي ترتيب ۽ تربيت ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ايمريٽ ايئر لائين کي شارٽ فارم ۾EK   لکبو آھي ۽ اھو مونوگرام/لوگو اُن جي ٽڪيٽ ۽ آفيشل لکپڙھ ۾ به شامل آھي، ان ۾ E   عرب امارات(Emirates)  لاءِ ۽K  ڪراچي لاءِ آھي. پنھنجي ايئر لائين 1980 جي ڏھاڪي تائين دنيا جي سٺين ايئر لائينن ۾ شمار ٿيندي ھئي. ھاڻي به جي ان مان ڪرپشن ختم ڪئي وڃي ۽ سروس بھتر ڪئي وڃي ته اھا ھڪ دفعو ٻيهر مثالي ايئر لائين بڻجي سگھي ٿي، پر يار! شينھن جي ڳچي ۾ گھنڊڻي ٻڌندو ڪير؟

ايمريٽ ايئر لائين جا جھاز پاڪستاني ايئر لائينن، تان جو متحده عرب امارات جي باقي ايئر لائينن جي جھازن کان به سيِٽنگ ارينجمينٽ جي حساب سان ڪافي بھتر آھن. انھن ۾ ويھڻ واري سيِٽ خلاصي ھجي ٿي ۽ اڳين سيِٽن ۽ پوئين سيِٽن جي وچ ۾ به ڪافي وٿي ھجي ٿي، جنھن ڪري اُٿڻ ويھڻ ۽ چرڻ ڦرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. جن ماڻھن ڪڏھن به جھاز ۾ سفر ناھي ڪيو، اُنھن لاءِ جھاز ۾ سفر ڪرڻ ڀلي وڏي عياشي ھجي، باقي سچ پڇو ته پنھنجي نظر ۾ جھاز جي سفر کان بس يا ٽرين جو سفر سئو ڀيرا وڌيڪ آرام ڏيندڙ ۽ بھتر آھي. آئون جھاز جي بزنس ڪلاس جي ڳالھه ڪونه ٿو ڪريان، جنھن ۾ لگزري جا سڀ سانگ ميسر آھن، باقي اسان پارا جيڪي جھازن جي ايڪا نامي ڪلاس ۾ سفر ڪن ٿا، اُھي جھازن جو سيٽون سوڙھيون ھئڻ سبب ڄڻ ڪڪڙ بڻيا ويٺا ھجن ٿا. سنڌي ۾ چوڻي آھي ته نالو وڏو شهر سڃون. سو سائين منھنجا! جھاز جي سفر جو نالو ۽ دٻدٻو ته وڏو آھي، باقي جھاز جي سيٽ تي ماڻھو جو ويھي سفر ڪرڻ ايئن آھي ڄڻ ڪُتي جي وات ۾ ھُئڻ نه ھيڏانھن چُري سگھي نه ھوڏانھن.

…(هلندڙ)…

***