صنعت ۽ پيداوار جي وزارت جي اعلاميي مطابق وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار جي خاص معاون هارون اختر خان جي قيادت ۾ روس جي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سان هڪ معاهدو ڪيو آهي. ان معاهدي تحت پاڪستان اسٽيل ملز کي جديد بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن سان پاڪستان اسٽيل ملز جي بحاليءَ جي لاءِ روس سان شراڪتداري ۽ نئين صنعتي تاريخ رقم ٿيندي.
پاڪستان جي صنعتي تاريخ ۾ PSM هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ کي ترقيءَ جي لاءِ اسٽيل جي صنعت جي ضرورت محسوس ٿي. آگسٽ 1968ع ۾ ڪراچي اسٽيل پروجيڪٽ جي نالي سان پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن هڪ پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيءَ طور شروع ڪئي وئي.
ان جي اڏاوت لاءِ 1969ع ۾ فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم شروع ٿيو. 1971ع ۾ پاڪستان ۽ ان وقت جي سوويت يونين جي وچ ۾ به معاهدو ٿيو، جنهن تحت ڪراچيءَ ۾ سمنڊ ويجهو هڪ گڏيل اسٽيل مل ٺاهڻ لاءِ فني ۽ مالي سهڪار فراهم ڪرڻ تي راضي ٿيو. 1980 کان 90ع جي ڏهاڪي تائين پاڪستان اسٽيل ملز تمام گهڻو منافعو ڪمايو ۽ ملڪ جي سڀني صنعتي ڪمپنين ۾ سڀ کان وڌيڪ اپت ڏيندڙ رهي. هيءَ مل پنهنجي پيداواري صلاحيت جو 95 سيڪڙو استعمال ڪندي ساليانو 10 لک ٽن اسٽيل پيدا ڪندي هئي، پر پوءِ پاڪستان جي هر اداري وانگر هيءَ مل به بدانتظامي، سياسي ڀرتين، بدعنوانين ۽ عالمي منڊيءَ ۾ مقابلي ڪرڻ جي صلاحيت وڃائڻ ڪري پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي ۽ اسٽيل مل کي مالي نقصان ٿيڻ لڳو، ان جي پيداوار به گهٽجي وئي. پوءِ پاڪستان اسٽيل مل کي خانگائڻ جون ڪافي ڪوششون ڪيون ويون، ڇو ته 2000ع ۾ اسٽيل مل کي تمام گهڻا مالي نقصان ٿيڻ لڳا ۽ اها مستقل خساري وارو ادارو بڻجي وئي.
هن مل جي انتظام ۾ سياسي مداخلت جي وڌڻ جي ڪري مل جي ڪارڪردگي متاثر ٿي ۽ ان مٿان تمام گهڻا قرض چڙهي ويا، جنهن کي حڪومت هڪ بار سمجهڻ لڳي ۽ پوءِ حڪومت ان جي نجڪاريءَ جو منصوبو ٺاهيو. 2006ع ۾ پرويز مشرف جي حڪومت دوران اسٽيل ملز کي هڪ سعودي، روسي ڪنسورشيم کي وڪڻڻ جو معاهدو لڳ ڀڳ ٿي چڪو هو، پر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هن معاهدي کي غير شفاف ڄاڻائيندي رد ڪري ڇڏيو.
موجوده حڪومت به اسٽيل ملز کي خانگائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون، پر ڪامياب نه ٿي سگهي، پر هاڻي تازو روس سان ٿيل معاهدو اهو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستان حڪومت هاڻي ان کي نجي شعبي جي حوالي ڪرڻ بجاءِ پاڻ روس جي مدد سان ان کي بحال ۽ جديد بنائڻ جي منصوبي تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اسٽيل ملز کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۽ منافعو ڪمائڻ چاهي ٿي، جنهن جو سڄو ڪريڊٽ وزيراعظم شهباز شريف کي ڏانهن وڃي ٿو. وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر خان جو چوڻ آهي ته روس سان ڪيل معاهدو پاڪستان اسٽيل ملز کي ترقي طرف وٺي ويندو. اسٽيل مل جي بحالي سان روزگار ۽ صنعتي پيداوار ۾ اضافي جي اميد آهي.
موجوده معاهدي تحت اسٽيل مل کي جدت سان ٻيهر اڏڻ جو خيال نظر اچي ٿو. روسي قونصل جنرل اينڊري وي فيدوروف چيو آهي ته عملي طور تي هڪ نئين فيڪٽري ٺاهڻ گهرجي. جيڪڏهن هن فيڪٽري کي مڪمل طور تي هڪ نئين پلانٽ جي صورت ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان اپ گريڊ ڪيو ويو ته نئين ۽ جديد مهارت رکندڙ مزدورن جي ضرورت پوندي ۽ اميد ڪجي ٿي ته پلانٽ کي انساني وسيلن جي جتي ضرورت پوندي اتي ميرٽ کي ڏٺو ويندو نه ڪي ماضيءَ وانگر سياسي ڀرتيون ڪري مل کي وري هڪ ڀيرو ٻيهر تباهيءَ ڏانهن ڌڪيو ويندو.
هارون اختر خان چيو آهي ته نيون نوڪريون پڻ پيدا ٿينديون، پر انهن نوڪرين ۾ پراڻن ملازمن کي ترجيح ڏني ويندي يا نه ان ڳالهه جي اڃان تائين ڪابه ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. بهرحال پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ جدت سان ان جي تعمير پاڪستان جي عوام جي لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آهي، پر حڪومت کي چند ڳالهين تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن مستقبل ۾ اهو پيداواري ادارو شفافيت سان پنهنجو ڪم ڪري سگهي.
ان لاءِ ضروري آهي ته ان کي سياسي مداخلت کان بلڪل پاڪ رکيو وڃي ۽ هڪ خود مختيار ۽ پيشاوراڻو بورڊ آف ڊائريڪٽرز قائم ڪيو وڃي جنهن ۾ اسٽيل جي صنعت جا ماهر، مالياتي صلاحڪار ۽ نامور ڪاروباري شخصيتون صلاحڪار طور شامل هجن. ان کان علاوه سخت احتساب جو نظام قائم ڪيو وڃي ته جيئن بدعنواني کي روڪي سگهجي ۽ وسيلن جو صحيح استعمال ٿي سگهي.
ان کان علاوه ڊگهي مدي واري ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته تحقيق ڪري ترقيءَ جي رٿابندي ڪئي وڃي ته جيئن مارڪيٽ جي بدلجندڙ گهرجن کي پورو ڪري سگهجي ۽ ان کان علاوه ماحول دوست پيداوار جي اصولن تي اسٽيل ملز کي هلايو وڃي ته جيئن ماحول ۾ گدلاڻ کي ڪنٽرول ڪري سگهجي. اميد آهي ته حڪومت جو هي ڪيل فيصلو پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ خوش آئند ثابت ٿيندو.