هڪ سينئر اداڪاره جي هفتي کن پراڻي لاش ۽ هڪ اڀرندڙ اداڪاره جي مهيني کن يا اڃان وڌيڪ پراڻي لاش بابت خبرن اچڻ کانپوءِ ڪي عبرت انگيز ڪي حيرت انگيز ۽ ڪي وري ايذائيندڙ تبصرا جاري آهن جيڪي گھڻو ڪري ڪنهن نئين واقعي يا معاملي تائين جاري رهندا، پر آئون ان ٻنھي مرهيات عورتن بابت نه، پر ان شخص بابت ڳالھائڻ ٿو چاهيان جيڪو پڻ اهڙي ريت مري ويو هو جو سندس لاش به ڌپ ڪرڻ کانپوءِ ڏٺو ويو هو، پر ڇاڪاڻ ته هو هڪ غريب مزدور، هڪ رنگ ساز هو تنهنڪري اخبارن ۾ سندس هانءُ ڏاريندڙ موت بابت ڪجھه به ڪو نه ڇپيو. نه ئي ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي ئي مون سندس ڪو ذڪر ڏٺو.
هي واقعو اٽڪل 4 يا 5 سال پراڻو هوندو. تنهن وقت آئون لياريءَ جي هڪ علائقي ۾ هڪ ننڍڙي دڪان، جيڪو هڪ مسجد جي ملڪيت هو، ۾ پراڻا ڪتاب کپائيندو، انهن جي مٽاسٽا ڪندو ۽ مسواڙ تي پاڙھيندو هئس. مذڪوره رنگساز منهنجي دڪان جي سامھون هڪ اسڪول جي چوديواريءَ ڀرسان ويهي “مزدوري لڳڻ” جو انتظار ڪندو هو. اتي ٻيا به ڪيترائي رنگ ساز توڙي مختلف قسمن جا مزدور ويٺا روزگار لاءِ پيا واجھائيندا هئا. ڪن کي روزگار لڳندو هو ته ڪي سڄو ڏينهن ويهي ويهي گھر هليا ويندا هئا. مذڪوره مزدورڪڏهن ڪڏهن مون وٽ به اچي ڪچهري ڪندو رهندو هو.
سندس سواريءَ جو ذريعو مون وانگر ئي هڪ پراڻي سائيڪل هئي. جهڙو هو پاڻ سنهڙو هو تهڙي سندس سائيڪل به مون کي ياد پوي ٿي.
ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن مون کي هڪ ڏينهن ٻڌايو ته هو گھر وارن سان يا شايد گھر واري سان؛ بلڪه گھڻو ڪري گھر واري سان ڪاوڙيل آهي ۽ اڪيلو ڪنهن جاءِ تي رهي ٿو. هو گھر واري کي ڏوهه ڏيندو هو ته ان جو سلوڪ ساڻس غلط آهي، پر هڪ طرفي ڳالهه تي ڪو فيصلو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ته واقعي گھر وارا ڏوهاري هئا يا مدعي جو پنهنجو به ڪو ڏوهه يا خطا به هوندي؟
بهرحال هڪ ڀيرو هن مون کي ٻڌايو ته سندس هڪ پٽ ساڻس رابطي ۾ آهي ۽ پوءِ هن ڪنهن ٻٽونءَ جهڙي شيءِ ۾ يا ڪنهن لفافي ۾ ويڙھيل پنجن هزارن جو ڳريل تعويذ جيان ٻيڻو چوڻو ڪيل نوٽ مون کي ڏيکاريو ته هي سندس پٽ کيس ڏنو آهي. مون کي نوٽ جي حالت مان اندازو ٿيو ته پٽ سان ملاقات کي به گھڻو وقت گذري چڪو هوندو!
ساڻس ان واقعي کانپوءِ به ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ ڳالهه ٻولهه به. ياد ناهي ته ان سموري قصي کي گھڻو وقت گذري ويو. مذڪوره مزدور اڪثر غيرحاضريون به ڪندو رهندو هو. سو مون يا ٻئي ڪنهن هروڀرو سندس غيرحاضريءَ کي محسوس نه ڪيو. البته هڪ ڏينهن ڪنهن ٻئي مزدور ٻڌايو ته مذڪوره رنگساز گذاري ويو ۽ سندس موت جي خبر تڏهن پئي جڏهن سندس مڙھه ڌپ ڪرڻ لڳو…
خبر ٻڌي افسوس ٿيو. مون ڪڏهن نه سوچيو هو ته ڪو هي انسان پاڻ به هڪ ڏينهن ڪنهن پراڻي نوٽ وانگر مري ۽ ڳري ويندو!
افسوس ٿيو ته هو پنهنجي ضد جي ور چڙھي ويو يا ڪنهن مٽ مائٽ جي؟
افسوس ٿو ٿئي ته اسان ڪنهن حادثي يا سانحي کان پهرين هڪٻئي سان ٺاھ ڇو نٿا ڪري ڇڏيون؟