بلاگنئون

ڀٽائي ۽ سيوا ڪر سمنڊ جي، روحاني تشريح

“سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جر وھي ٿو جال

سوين وھن سير ۾، ماڻڪ، موتي، لعل

جي ماسو مليئي مال، ته پوڄارا پر ٿئين”- (شاهه عبداللطيف)

اهو صرف هڪ شاعراڻو اظهار نه، پر عشق جي اعليٰ درجي جو روحاني راز، معرفت جو ميخانو ۽ حقيقت جي ڳولها ڪندڙن لاءِ چراغِ راھ آهي. هن بيت ۾ “سمنڊ”، “سيوا”، “جر”، “ماڻڪ”، “مال”، “موتي”، ۽ “پوڄاري” جا لفظ پنهنجي اندر بي پناھ علامتي معنيٰ رکن ٿا، جيڪي محض ظاهري نظر سان نه، پر دل جي سچائي ۽ روح جي طلب سان سمجهي سگھجن ٿا.

سمنڊ جي سيوا-طلب جي تپش:

سمنڊ، شاھ جي شاعريءَ ۾ وجود جي ڪائنات به آهي ۽ رب جي ذات جي لا حد وسعت به. “سيوا ڪر سمنڊ جي” جو مطلب آهي ته انسان پنهنجي وجودي حدن کي ٽپي، رب جي سمنڊ ۾ پاڻ کي ٻوڙي، عبادت، تپسيا ۽ روحاني سيوا ذريعي ان حقيقت تائين رسائي حاصل ڪري، جتي هر لهر راز جي زبان هجي ۽ هر جر محبت جو پيغام.

جت جر وھي ٿو جال، اٿاھ محبت الاھي:

“جال” مان مراد: تمام گھڻي مقدار. لفظ “جال” هتي مڇي مارڻ جو اوزار يا ڄار جو سامان ناهي، جيئن عام طور تي سمجهيو ويندو آهي. ڀٽائي جي بيتن ۾ علامتي زبان جو استعمال تمام وسيع آهي. پوري وسعت سان پکڙيل ڪا شَي ڪائناتي رحم، فيض يا رباني نعمتن جو وڏو ذخيرو

“جت جر وھي ٿو جال” يعني “جتي وهڪرو وهندو رهي ٿو مطلب هي آهي ته سمنڊ جي ان گھرائيءَ ۾ رباني فيض، الاهي نعمتون، روحاني خزانا تمام گهڻا آهن، بس شرط آهي ته تون سيوا ڪر، پاڻ کي وقف ڪر، طلب رک، محنت ڪر. جال اهو استعارو به آهي جنهن سان طالب پنهنجي دل ۾ رب جي محبت پيوست ڪري، سمنڊ مان موتي (وصال، سچائي، معرفت) حاصل ڪري ٿو.

ماڻڪ، موتي، لعل-دل ۾ روشنيءَ جا رتن:

“سوين وهن سير ۾ ماڻڪ موتي لعل” اهي انسان جي اندر لڪيل روحاني خزانا آھن، جيڪي فقط الله جي محبت سان، ان جي معرفت سان ۽ قرب جي عطا سان نصيب ٿين ٿا. هتي ماڻڪ، موتي، لعل، اهي ئي ناياب رتن آهن، جيڪي فقط ان دل کي ملن ٿا، جيڪو رب جي ذڪر، فڪر، ۽ ذوق سان چمڪي ٿو.

هر سير، هر وهڪرو، زندگيءَ جي منزل آهي ۽ هر سفر، هڪ امتحان. انهيءَ سفر ۾ جيڪڏهن رب جي محبت جو صرف هڪ ذرو، هڪ جھلڪ، يا وصال جو هڪ لمحو به نصيب ٿي وڃي ته اهو ماڻڪ موتيءَ کان به قيمتي آهي. دنيا جي دولت، بادشاهي، شهرت، سڀ ڪجھه ان هڪ لمحي جي سامهون فقير بڻجي بيهي ٿو.

ماسو، مال ۽ پوڄاري ٿيڻ جي حقيقت:

“جي ماسو مليئي مال ته پوڄارا پر ٿئين”، هتي “ماسو” محبت جو خالص لمحو آهي، رب سان وصال جي هڪ رمق آهي. اهو وصال ڪڏهن سج جي ڪرڻي وانگر اکين ۾ چڀي وڃي ٿو ته ڪڏهن طوفان جي واءُ وانگر اچانڪ اچي سڀني وسوسن کي اڏاري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ الاهي سمنڊ مان رب جي محبت جو فقط هڪ ذرو ملي وڃي ته انسان فاني نه، پر باقي ٿي وڃي ٿو. اهو ئي انسان، پوءِ حقيقي “پوڄاري” ٿي وڃي ٿو. يعني رب جي قرب جو وارث، حقيقت جو دوست ۽ عشق جو امانتدار.

وصال، محبت ۽ حضوري، دنيا وما فيها کان قيمتي شيءِ:

خدا جو وصال، فقط زبان سان نه، پر دل سان ملندو آهي. جڏهن دل جي دنيا ۾ محبوب جو نور وسامي ٿو ته دنيا جي هر شيءِ جو رنگ ڦڪو ٿي پوي ٿو. دولت، رتبو، عزت، علم، عقل، سڀ ان وحدت جي حضور ۾ سجدا ڪن ٿا. حضوري، جنهن ۾ عاشق ۽ معشوق وچ ۾ ڪو پردو نه رهي، سڀ کان وڏو لعل آهي. ان جي سامهون ڪائنات جي بادشاهي به خاڪ برابر آهي.

شاھ ڀٽائي عليه الرحمه جو پيغام آهي:

جهد، جفا، سيوا ۽ تسليم ذريعي رب جو قرب حاصل ڪر. سمنڊ جي سيوا فقط هڪ رسم نه آهي، بلڪه اها فنا في الله ٿيڻ جي راھ آهي. ان راھ تي هلڻ سان دل جي خزانن جا دروازا کلن ٿا، محبت جي هير لڳڻ شروع ٿئي ٿي ۽ انسان دنيا جي قيدن مان آزاد ٿي، رب جي حضوري ۾ مست ٿي وڃي ٿو.

نتيجو:

سيوا، سچائي، ۽ وصال، اڄ جي دور ۾، جتي دنيا جي خواهشن، چمڪ ۽ ماديت انسان جي دل کي بي نور ڪري ڇڏيو آهي، شاهه لطيف جو اهو بيت هڪ جڳمڳ مينار وانگر آهي، جيڪو روح جي واٽ ڏيکاري ٿو. اسان کي گهرجي ته پنهنجي دل ۾ الاھي سيوا ڪري جتي جر جال وھي ٿو، ان معرفت جي سمنڊ ۾ لھي، اهو نور تلاش ڪريون جنهن جي لاءِ شاهه سائين فرمائي ٿو ته، هڪ “ماسو” به ملي وڃي ته انسان سدائين لاءِ سڪون، سچائي ۽ سلامتيءَ جو پوڄاري بڻجي وڃي ٿو.