ايڊيٽوريلنئون

ڪراچيءَ وارن لاءِ خوشخبري نئون حب ڪئنال 14 آگسٽ کان فنڪشنل ٿي ويندو

ڪراچي جيڪو بنا ڪنهن رٿابنديءَ جي تيزيءَ سان وڌندڙ شهر آهي، جنهن جي وسيلن تي هن وقت تمام گهڻو بار پيل آهي. جنهن ۾ ٻين ضرورتن سان گڏوگڏ پاڻيءَ جي بنيادي ضرورت تمام گهڻي اهم آهي. ڪراچيءَ جي ماڻهن کي پنهنجي گهرن جي ڳرين ڳرين مسواڙن سان گڏوگڏ پاڻي خريد ڪرڻ جي لاءِ به تمام گهڻو پئسو خرچ ڪرڻو پوي ٿو. اهڙي وقت ۾ ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب پنهنجي ‘ايڪس’ اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن نئين 100 ايم جي ڊي حب ڪئنال جو 14 آگسٽ کان افتتاح ڪندي.

سندس چوڻ مطابق اهو ڪم صوبائي حڪومت جي مالي تعاون سان 12 ارب 80 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي. اهو اهم منصوبو صرف 9 مهينن جي رڪارڊ مدت ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته ان سان گڏوگڏ پراڻي ڪئنال جي بحاليءَ جو ڪم به ان منصوبي تحت ڪيو پيو وڃي. واٽر بورڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نئين ڪئنال جي تعمير ۽ آپريشنل ٿيڻ کانپوءِ ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي حصن کي پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ بهتري اچي ويندي.

جنهن ۾ خاص طور تي ڪياماڙي ۽ ويسٽ جا علائقا شامل آهن. واٽر بورڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هي منصوبو شهر جي پاڻيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو هڪ تمام وڏو قدم آهي، جنهن سان شهرين کي تمام گهڻو رليف ملندو. حب ڪئنال جو هي منصوبو 2022 ۾ منظور ڪيو ويو هو، جنهن ۾ نئين ڪئنال جي تعمير ۽ پراڻي ڪئنال جي بحالي شامل هئي ته جيئن ڪياماڙي ۽ ويسٽ جي ضلعن کي پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي.

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب اها وضاحت ڪئي آهي ته هن منصوبي سان شهر جي پاڻيءَ جي کوٽ کي گهٽائڻ لاءِ مدد ملندي، انڊسٽريل ايريا سوڌو ضلعي ڪياماڙي ۽ ضلعي ويسٽ کي پاڻيءَ جي فراهمي واري صورتحال ۾ بهتري ايندي. اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته هي ڪئنال حب ڊيم مان نڪري ٿو، حب ڊيم مينهن جي پاڻيءَ جي ذخيري تي انحصار ڪري ٿو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته ان ۾ برساتن ٿيڻ سان پاڻي گڏ ٿيندو آهي.

جيڪڏهن برساتون گهٽ ٿيون يا سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ٿي ته حب ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح گهٽجي ويندي. برساتن پوڻ کانپوءِ جيتوڻيڪ نئين ڪئنال جي صلاحيت وڌي وئي آهي، پر ڊيم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪراچيءَ کي ملندڙ پاڻيءَ جي مقدار ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. جيئن ته ڪراچيءَ کي پاڻي فراهم ڪرڻ جا ٻه مکيه ذريعا آهن. هڪ حب ڊيم ۽ ٻيو ڪينجهر ڍنڍ، حب ڊيم مينهن جي پاڻيءَ تي منحصر آهي ۽ ڪينجهر ڍنڍ جو پاڻي سنڌو درياءَ سان ڳنڍيل آهي.

ان پاڻيءَ جي فراهمي جو سڄو سلسلو ڪيئن ٿو ڪم ڪري؟ ڪراچيءَ جي سنڌي نه ڳالهائيندڙ عام ماڻهو کي ان ڳالهه جي ڪابه خبر ناهي ته کين پاڻي ڪيئن فراهم ڪيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو جڏهن سنڌو نديءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي ته ڪراچيءَ وارن جي لاءِ به پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ کوٽ ٿيڻ هڪ لازمي عمل آهي، پر کين ان ڳالهه جو ادراڪ ئي ناهي جو اهي پاڻيءَ جي معاملي تي سڄي سنڌ سان گڏ آواز ملائي وفاق کان سنڌ جي لاءِ پنهنجي پاڻيءَ جو حصو وٺي سگهن.

هاڻي انهن کي ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ گهرجي ته کين پاڻي ڪيئن فراهم ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) حب ڊيم جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ تي غور ڪري رهي آهي، ان ۾ مٽيءَ جي جمع ٿيڻ جي ڪري تقريبن 49 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت گهٽجي وئي آهي. جڏهن اهو ڊيم تعمير ٿيو هو ته ان جي صلاحيت 760,000  ايڪڙ فوٽ هئي جيڪا هاڻ گهٽجي 646 هزار ايڪڙ فوٽ ٿي چڪي آهي.

ان کان علاوه واپڊا حب ڊيم مان پن بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي به غور ڪري رهيو آهي. اهو منصوبو نه رڳو علائقي جي بجليءَ جي ضرورتن کي پورو ڪندو، پر پاڻيءَ جي انتظام کي به بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. اميد آهي ته انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان مستقبل ۾ پاڻيءَ جي گهرج ۽ بجليءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪراچي ۽ بلوچستان جي علائقن کي تمام گهڻي مدد ملندي.