ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان جو نئون ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ چين جي زي چنگ لانچ سينٽر مان 31 جولاءِ تي خلا ۾ روانو ڪيو ويندو

هڪ معتبر اخبار اها خبر ڏني آهي ته سپارڪو اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان قدرتي آفتن جهڙوڪ: ٻوڏ، زلزلن ۽ لينڊسلائيڊنگ جي وقت سر ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ 31 جولاءِ 2025 تي چين ۾ Xichang Satellite Launch Center تان پنهنجو نئون ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ لانچ ڪندو. هن سيٽلائيٽ جو خاص مقصد ماحوليات ۽ شهري منصوبابندي، ان کان علاوه زراعت جي نگراني آهي. پاڪستان جي سپارڪو ڪميشن هن سيٽلائيٽ کي تيار ڪيو آهي ۽ اها چين سان پاڪستان جي خلائي تعاون ۾ هڪ ٻيو اهم قدم آهي. 2018ع ۾ به PRSS-1  ۽ جنوري 2025ع ۾ EO-1  جهڙا سيٽلائيٽ چين مان لانچ ڪري چڪو آهي، جيڪي قدرتي وسيلن جي نگراني ۽ آفتن جي رد عمل لاءِ استعمال ٿين ٿا. اهو ٻڌي پاڪستان جي عوام کي انتهائي خوشي ٿيندي ته پاڪستان وٽ سيٽلائيٽ ٺاهڻ جون سهولتون سپارڪو جي اداري تحت موجود آهن. خاص طور تي سپارڪو جا سيٽلائيٽ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ڪامپليڪس (SRDC)  ڪراچي ۽ لاهور ۾ آهن. ان ڪري هن سيٽلائيٽ جي تياري گهڻو ڪري پاڪستان ۾ ئي ڪئي وئي آهي. هن وقت پاڪستان چين سان گڏجي خلائي پروگرامن تي ڪم ڪري رهيو آهي.

سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته هن نئين ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ سان ماحولياتي تحفظ تي ڪهڙو اثر پوندو ۽ ان کان ڪهڙو ڪم ورتو ويندو؟ جنهن جو جواب هي آهي ته پاڪستان هن وقت سڀ کان وڌيڪ برساتن سبب ٻوڏ جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري وڏي پئماني تي مختلف علائقن ۾ تباهيءَ کي منهن ڏيئي رهيو آهي. هن سيٽلائيٽ جي ذريعي پاڻيءَ جي سطح، برساتن ۽ دريائن جي وهڪرن جي نگراني ٿي سگهندي. ان کان علاوه زمين جي حرڪت ۽ ڦير ڦار تي نظر رکي سگهبي ۽ مستقبل ۾ ايندڙ زلزلن يا زمين جي ڌٻڻ وارن علائقن جي نشاندهي ٿي سگهندي.

نه صرف ايترو، پر پاڪستان جي اتر وارن علائقن ۾ جيترا گليشيئر موجود آهن انهن جي ڳرڻ سان جيڪو ماحولياتي تبديليءَ وارو سلسلو پيدا ٿيو آهي، ان سيٽلائيٽ جي ذريعي گليشيئرن جي ڳرڻ جي رفتار تي مسلسل نظر رهندي، جنهن سان پاڻيءَ جي وسيلن، ان جي انتظام ۽ ممڪن سيلابن کان بچاءُ لاءِ منصوبابندي ڪري سگهبي. ان کان علاوه جن علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ خشڪ ساليءَ جي صورتحال هوندي ته ان کي به مانيٽر ڪري سگهبو. پاڪستان ۾ ٻيلن جي ڪٽائي تمام تيزيءَ سان ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي مافيائون ملوث آهن. هن سيٽلائيٽ جي ذريعي ٻيلن جي ڪٽائيءَ تي به نظر رکي سگهبي. ان کان علاوه نئين وڻڪاري جي نگراني به ڪري سگهبي.

ايئن چئي سگهجي ٿو ته هي سيٽلائيٽ ممڪنه طور تي ماحولياتي تبديلي چاهي اها اتر ۾ هجي يا ڏکڻ ۾ ان سيٽلائيٽ جي ذريعي شهري ۽ صنعتي علائقن ۾ جيڪا فضائي آلودگي پکڙجي وئي آهي انهن جي ذريعن جي نشاندهي ٿيندي ۽ انهن جي ضابطن بابت قدم کڻڻ لاءِ رٿابندي ڪري سگهبي. ان سيٽلائيٽ جي ذريعي فصلن جي صحت، پاڻيءَ جي ضرورت ۽ زرعي پيداوار جي نگرانيءَ سان جديد زراعت کي هٿي ملندي. ان سان گڏوگڏ معدني وسيلن جي ڳولها کي پڻ مدد ملندي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته هي سيٽلائيٽ پاڪستان کي ماحولياتي ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۾ خود مختيار بڻائيندو. ڇو ته هن وقت پاڪستان ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل ماحولياتي گدلاڻ کي منهن ڏئي رهيو آهي.

پاڪستان جو هي مانيٽرنگ سيٽلائيٽ ماحولياتي گدلاڻ کي منهن ڏيڻ ۽ ان جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ نئون رخ آهي جنهن سان پاڪستان جي ماحوليات تي تحقيق ٿيندي ۽ انهن شعبن ۾ وڌيڪ ماهر ڪم ڪندا جنهن سان مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ويندو.  ان کان علاوه سيٽلائيٽ انجنيئر پڻ سسٽم کي هلائڻ لاءِ پيدا ٿيندا جيڪي سيٽلائيٽ جي آپريشن، ڪارڪردگي ۽ سسٽم کي هلائڻ، ان جي سگنلن کي وصول ڪرڻ ۽ سيٽلائيٽ کي صحيح مدار ۾ رکڻ جو انتظام ڪندا. ان سان گڏوگڏ جيو انفارميشن جا ماهر پڻ نوڪريون حاصل ڪندا، جيڪي هن سيٽلائيٽ مان ايندڙ تصويرن ۽ ڊيٽا جو تجزيو روزانو جي بنياد تي ڪندا.

هي هڪ نئون شعبو آهي جيڪو پاڪستان جي ماحولياتي گدلاڻ ۽ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجيءَ جو گڏيل وينچر هوندو، جنهن ۾ سافٽ ويئر ڊولپر، ڊيٽا جا تجزيا نگار، زرعي ماهر، آفتن جي انتظام جا ماهر، ماحولياتي سائنسدان سڀ گڏجي ڪم ڪندا، جنهن سان پاڪستان جي ماحولياتي نظام کي جاچڻ، پرکڻ ۽ وقت کان اڳ انهن سڀني چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي. اميد آهي ته اسان جو ملڪ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو اڳتي وڌندو ۽ هر ميدان ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪري ترقي ڪندو.