بلاگنئون

سي پيڪ جو سست رفتار سفر ۽ چين-پاڪستان سفارتي لاڳاپا

چين ۽ پاڪستان کي پنهنجن ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهو اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ معاشي سرگرمي جي ڪري، چين کي پاڪستاني سماج جي پيچيدگين بابت وڌيڪ باخبر ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو. چين پاڪستان اقتصادي راهداري ڪائونسل 2015 ۾ قائم ڪئي وئي هئي ته جيئن گڏيل طور تي سي پيڪ منصوبن ۾ پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي حل ڪري سگهجي. ڪائونسل بيجنگ ۽ اسلام آباد ۾ الڳ الڳ آفيسون کوليون آهن ۽ ان جو مقصد سي پيڪ منصوبن جي عملدرآمد ۾ مدد ڪرڻ آهي. چين ۽ پاڪستان سي پيڪ منصوبي کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ لاءِ مثبت قدم کنيا آهن. تنهن هوندي به پاڪستان جي گهريلو صورتحال اڃان تائين ان منصوبي کي اميدن مطابق پٺڀرائي نه ڏيئي رهي آهي. جيستائين ملڪ جون سياسي ۽ دفاعي حالتون مناسب ۽ وقتائتو موڙ نٿيون وٺن، تيستائين چين جي لاءِ راهداري جي مستقبل جي امڪانن جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو هوندو. ان جو مطلب آهي ته غير جانبداري، اسٽريٽيجڪ اسڪيمن کي صبر ۽ احتياط جي ضرورت آهي ته جيئن هن عظيم منصوبي جي شروعاتي تعمير جاري رکي سگهجي.

لڳاتار چئلينجن جي ڪري سي پيڪ پنهنجي شروعات کان وٺي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. شروعات کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي. مختصر مدت جو مرحلو (2015-2022)، وچولي مدت جو مرحلو (2021-2025) ۽ ڊگهي مدت جو مرحلو (2026-2030). سي پيڪ جو پهريون مرحلو انفرااسٽرڪچر، توانائي ۽ بندرگاهن جي ترقي جي منصوبن تي ڌيان ڏنو. بهرحال، پاڪستان ۾ ڪرپشن هموار ترقي کي روڪيو آهي. سي پيڪ جو ٻيو مرحلو 33 خاص اقتصادي زون (SZEs) قائم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ نو زون قائم ٿيندا. هن مرحلي ۾ منصوبن ۾ به دير ٿي آهي. پاڪستان جي سياسي عدم استحڪام، مالي بحران ۽ دهشتگردي گذريل ڏهن سالن دوران سي پيڪ منصوبن جي مڪمل عملدرآمد کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. اهي چئلينج اڄ به برقرار آهن، موجوده سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام ۽ افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ دهشتگردي جي ٻيهر اٿڻ سبب وڌيڪ خراب ٿي ويا آهن. جڏهن ته ٽيون مرحلو اڃان تائين باضابطا طور تي شروع نه ٿيو آهي. ملڪ ۾ موجوده صورتحال سان پهرين ٻن مرحلن جي مڪمل ٿيڻ جو امڪان ناهي CPEC جي پهرين شروعات کان هڪ ڏهاڪي بعد اهو منصوبو اڻ ڄاتل مصيبت ۾ اچي ويو آهي ۽ بيشمار تڪرارن کي راغب ڪري ٿو. CPEC منصوبن جي سست ترقي پڻ بيجنگ کي ناراض ڪيو آهي. پاڪستان ۾ چيني سفير شڪايت ڪئي آهي ته پاڪستان CPEC کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ ڪجھه ماڻهن CPEC تي ڪم جي سست رفتاريءَ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ڪيترائي منصوبا رڪجي ويا آهن، جن ۾ مين لائين 1 ريلوي منصوبو به شامل آهي. هي CPEC جو سڀ کان مهانگو جُز آهي، جنهن جي قيمت 6.8 بلين آمريڪي ڊالر آهي. ان لاءِ چينين کي 6 بلين آمريڪي ڊالر جاري ڪرڻا هئا. بهرحال، ٻنهي پاسن جي وچ ۾ غلط فهمين منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کي سست رفتار ڪيو آهي.

CPEC کي شروع ٿيڻ کان وٺي ان کي اڻبڻت واري سياست گهيري ڇڏيو آهي. شروعات کان وٺي پاڪستان ۾ ڪيترائي ماڻهو پريشان هئا ته سي پيڪ هڪ نئون نو آبادياتي منصوبو هو، جيڪو چين کي پاڪستان تي ڪنٽرول ڏيندو، جيئن برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جنهن ذريعي برطانوين هندستاني برصغير کي نو آبادياتي بڻايو. ٻين اندازو لڳايو ته چين پاڪستان کي هڪ گراهڪ رياست ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجو قرض استعمال ڪندو. پاڪستان جي موجوده معاشي بحران هن نظريي جي حقيقت بڻجڻ جا خدشا پيدا ڪيا آهن. جون 2013 ۾ پاڪستان کي چيني قرض تقريبن 4 ارب آمريڪي ڊالر هئا. اهو انگ 2017 ۾ 7 ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ ٿي ويو ۽ ان کانپوءِ وڌندو رهيو آهي. هن وقت چين وٽ پاڪستان جي 126 ارب آمريڪي ڊالر جي بل مان 30 ارب آمريڪي ڊالر آهن. ان کان علاوه آءِ ايم ايف پڻ خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ۾ وڌندڙ چيني شموليت فائدا ۽ خطرا ٻئي آڻي سگهي ٿي. پاڪستانين سي پيڪ تي تنقيد ڪئي آهي ته هو پاڪستان کان وڌيڪ چين کي فائدو ڏئي رهيو آهي. مثال طور: “گوادر حق دو تحريڪ” سي پيڪ جي مرڪز ۾ هجڻ جي باوجود گوادر جي ماڻهن سان ٿيندڙ فرق واري سلوڪ تي احتجاج ڪيو ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گوادر جي رهواسين کي بجلي ۽ تعليم تائين رسائي فراهم ڪئي وڃي، چيڪ پوسٽون هٽايون وڃن ۽ چيني ٽرالر مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. احتجاج ڪندڙن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن انهن جا مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته سي پيڪ منصوبن کي بلاڪ ڪيو ويندو. جڏهن ته مهينن کان هلندڙ ڌرڻو ختم ٿيو، جڏهن صوبائي حڪومت “گوادر حق دو تحريڪ” جي مطالبن کي پورو ڪرڻ جو واعدو ڪيو، پر مطالبا اڃان تائين پورا نه ٿيا آهن. تازو تحريڪ جي اڳواڻ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت معاهدي تي عمل نه ڪيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج شروع ڪندو. ان کان علاوه پاڪستاني سياسي شخصيتن سي پيڪ کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو آهي (۽ اهو ڪندا رهندا آهن). مثال طور: وزيراعظم شهباز شريف تازو ئي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي سي پيڪ تي ترقي کي روڪڻ ۽ چين سان لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جو الزام لڳايو. پاڪستان جي چونڊن جي ويجهو اچڻ سان سي پيڪ جي وڌيڪ سياسي ٿيڻ جي ضمانت هئي ته ماڻهو پي ٽي آءِ کان متنفر ٿين، پر ٿيو ڪونه.

سي پيڪ جي ڳالھه ڪڍڻ ڄڻ بلوچستان اندر بدامني کي باهه ڏيڻ آهي، جڏهن ته سي پيڪ گوادر ۽ آخرڪار بلوچستان کي ترقي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، جنهن صوبي ۾ بدامني پيدا ڪئي آهي. بلوچن وفاقي حڪومت کان صوبي ۾ لاڳو ٿيندڙ سي پيڪ منصوبن ۾ وڌيڪ حصو وٺڻ جو مطالبو ڪيو. ڪيترائي ڀيرا بيجنگ ۽ اسلام آباد صوبائي حڪومت جي مناسب غور کانسواءِ بلوچستان ۾ سي پيڪ منصوبن لاءِ معاهدن تي دستخط ڪيا. نتيجي طور بلوچستان جا ماڻهو سي پيڪ جي مزاحمت ڪري رهيا آهن، اهو يقين رکن ٿا ته اهي منصوبا انهن جي آزادين کي نقصان ڏيندا. مثال طور: جڏهن پاڪستان گوادر کي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته صوبي جا وڪيل ڪنڊيدار تار لڳائڻ واري منصوبي جي خلاف احتجاج ۾ ٻاهر نڪري آيا، ان کي عوام ۽ صوبي خلاف سازش قرار ڏنو. شروع کان وٺي پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ڌريون پريشان هيون ته سي پيڪ هڪ نئون نوآبادياتي منصوبو آهي، جيڪو چين کي پاڪستان تي ڪنٽرول ڏيندو، برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني وانگر، جنهن ذريعي انگريزن هندستاني برصغير کي نوآباد ڪيو. سي پيڪ سماج ۾ موجوده فالٽ لائينن کي به وڌايو، جنهن جي ڪري تشدد ۾ اضافو ٿيو. بلوچستان ۾ عدم تحفظ ايتري حد تائين وڌي ويو جو چيني ۽ انهن جا منصوبا بلوچ عليحدگي پسند تنظيمن جي بار بار حملن جو نشانو بڻجي ويا. مثال طور: 2018 ۾ بلوچ لبريشن آرمي جي دهشتگردن ڪراچي ۾ هڪ چيني قونصل خاني تي حملو ڪيو، جيڪو خوش قسمتي سان پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو. ساڳئي طرح پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي جي چار دهشتگردن 2020 ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪيو، جتي چينين جي وڏي سيڙپڪاري آهي. ان کان علاوه 2022 ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي ٻاهران هڪ عورت خودڪش بمبار شيري بلوچ عرف برمش پاران هڪ خودڪش بم ڌماڪو جنهن ۾ چيني شهرين کي نشانو بڻايو ويو. هن خودڪش ڌماڪي ۾ ٽي چيني شهري مارجي ويا. گذريل سال هڪ ٻئي واقعي ۾ بلوچ لبريشن آرمي 6 چيني موبائل ٽاورن کي باهه ڏئي ڇڏي. اهي واقعا ۽ انهن جو تعداد ڏيکاري ٿو ته سي پيڪ ڪيتري حد تائين بلوچستان ۾ بغاوت کي ڀڙڪايو آهي.

حقيقي ترقي ڊگهو رستو آهي، جڏهن ته سي پيڪ 2030 تائين پاڪستان ۾ 2.3 ملين نوڪريون پيدا ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، 2022 جي آخر تائين اهو صرف 236,000 نوڪريون پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جنهن مان صرف 155,000 پاڪستاني مزدورن کي مليون. منظور ٿيل نو ايس زيڊ ايز مان، چار اڃان تائين تعمير هيٺ آهن ۽ پنج اڃان تائين شروع ٿيڻا آهن. پاڪ چائنا فرينڊشپ اسپتال، جيڪو گوادر ۾ هڪ جديد طبي سهولت ٺاهڻ لاءِ هو، ڊسمبر 2022 تائين مڪمل ٿيڻو هو. بهرحال، اهو اڃان تائين مڪمل نه ٿيو آهي ۽ آڪٽوبر 2023 تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه توانائي جي شعبي ۾ 884 ميگاواٽ سوڪي ڪيناري هائيڊرو پاور پروجيڪٽ 2022 تائين آپريشنل ٿيڻو هو. بدقسمتي سان اهو منصوبو اڃان تائين صرف 70 سيڪڙو مڪمل ٿيو آهي. توانائي سان لاڳاپيل ڇهه ٻيا منصوبا تعمير هيٺ آهن، جن جي مڪمل ٿيڻ جي ڪابه خاص تاريخ ناهي. ٽرانسپورٽ انفرااسٽرڪچر منصوبن مان صرف ڇهه مڪمل ٿيا آهن، پنج تعمير هيٺ آهن ۽ تيرنهن اڃان تائين شروع ٿيڻا آهن. جڏهن ته اهي ڪجھه اهم منصوبا آهن جيڪي ڊگهي عرصي کان التويٰ ۾ آهن، سي پيڪ کي ٻين ڪيترن ئي مايوسين جو منهن ڏسڻو پيو آهي. جڏهن ته سي پيڪ مختصر مدت ۾ پاڪستان کي انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبي ۾ فائدو ڏنو آهي. پاڪستان ۾ چيني شموليت جا ڊگهي مدت جا نتيجا پاڪستان لاءِ نقصانڪار هوندا. جهڙوڪ: خود مختياري جو امڪاني نقصان. ٻئي طرف سي پيڪ لاءِ سنگين چئلينج برقرار آهن، جهڙوڪ: ادارتي صلاحيت جي کوٽ، معاشي ۽ سياسي انتشار ۽ عدم تحفظ، جيڪي سي پيڪ تي ڪم کي ايندڙ ڏهن سالن تائين تقريبن بند ڪري سگهن ٿا. اهي رڪاوٽون پاڪ چين لاڳاپن کي سختي سان متاثر ڪري سگهن ٿيون، جنهن سان سدا بهار دوستيءَ جو تصور ڪوماڻجي سگهي ٿو.