نئون

اسرائيل جي پارليامينٽ ۾ متنازع بل پاس، اقليتي ڪميونٽي جو احتجاج

اسرائيل جي پارليامينٽ پاران هڪ متنازع بل پاس ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سيحوني يهودين کي ئي اسرائيل جو پهريون شهري ڄاڻايو ويو آهي ۽ اسرائيل ۾ رهندڙ عرب جن ۾ مسلمان ۽ يهودي شامل آهن هاڻي ٻئي درجا جا شهري تسليم ڪيا ويندا. ياد رهي ته اسرائيل جي آبادي جو ويهه سيڪڙو عربن تي مشتمل آهي. هن بل پاس ٿيڻ بعد اسرائيل ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ٻه مهينا اڳ اسرائيل ۾ آزادي جو ستر سالا جشن ملهايو ويو، جنهن ۾ ان ڳالهه کي به ورجايو ويو هو ته هن ملڪ اندر هر ڪنهن کي برابري جا حق ملندا ۽ ڪنهن کي به مذهب، جنس يا قوميت جي بنياد تي گهٽ نه سمجهيو ويندو. اڄ نيتن ياهو انهن لفظن کان ڦري ويو آهي.