ايڊيٽوريلنئون

نئين پينشن پاليسي سنڌ تعليم کاتي جي لاءِ بحران جو سبب بڻجي وئي

ڀرتي ٿيل ملازمن تي 2 جولاءِ 2024ع کانپوءِ نئين پينشن پاليسي لاڳو ٿيڻ سبب ملازم پينشن لاءِ 10 سيڪڙو حصو پنهنجي پگهارن مان ڏيندا، جنهن کي ڪنٽريبيوٽري پينشن جو نظام سڏجي ٿو. هن نظام تحت ملازم جو بنيادي پگهار مان ڪجهه حصو پينشن فنڊ ۾ ڪٽيو ويندو. ان ڪٽيل رقم جيترو يا ان کان وڌيڪ حصو سرڪار ان فنڊ ۾ شامل ڪندي، اهو فنڊ مختلف جاين تي سيڙپڪاري ڪندو، جتان نفعو ڪمايو ويندو.

رٽائرمينٽ جي وقت ملازمن کي هڪ وڏي رقم ان منافعي واري رقم مان پينشن جي طور تي ادا ڪئي ويندي، جيڪا هن جي پنهنجي جمع ٿيل رقم ۽ ان تي ٿيل سيڙپڪاري جي نفعي تي ٻڌل هوندي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان سان هڪ پائيدار نظام تشڪيل ڏئي سگهجي ٿو، جنهن سان سرڪاري خزاني تي پينشن جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ اهو نظام گهڻي وقت تائين هلائي سگهبو. جيڪڏهن فنڊ ۾ سٺي سيڙپڪاري ڪئي وڃي ته رٽائرمينٽ وقت ملازم کي پراڻي نظام کان وڌيڪ رقم ملي سگهي ٿي.

ان کان علاوه ملازم کي پنهنجي پينشن فنڊ بابت ڄاڻ هوندي ته ان ۾ ڪيتري رقم جمع ٿيل آهي، پر ان سان گڏ ان جا ڪجهه منفي پاسا به آهن جن ۾جيڪڏهن فنڊ ۾ جمع ڪيل سيڙپڪاري ۾ نقصان ٿيو ته ان جو سڌو اثر ملازم جي رٽائرمينٽ جي رقم تي پوندو. ان نظام ۾ پراڻي نظام وانگر پينشن جي رقم مقرر نه هوندي، بلڪه مارڪيٽ جي ڪارڪردگيءَ تي منحصر هوندي. ان نئين پاليسيءَ جي محسوس ٿيندڙ خطرن کي ڏسندي 20 هزار کان وڌيڪ استادن تعليم کاتي ۾ رٽائرمينٽ لاءِ درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن. ڇو ته اهي استاد محسوس ڪري رهيا آهن ته کين نئين پينشن پاليسيءَ سبب ملازمت دوران سخت نقصان ٿيندو نه صرف پينشن گهٽ ٿي ويندي، پر فيملي پينشن به رڳو 10 سالن تائين ملندي.

اهڙي پاليسي کان بچڻ لاءِ رٽائرمينٽ جي ويجهي پهتل سرڪاري ملازمن وقت کان اڳ ۾ رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر اهو ٻڌايو آهي ته وڏي انگ ۾ استادن ۽ ٻين ملازمن وقت کان اڳ پاڻمرادو رٽائرمينٽ وٺڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر ۽ شهيد بينظيرآباد جي ڊائريڪٽرن ذريعي اهڙيون درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن.

هر ڊويزن ۾ ٻه هزار کان ٽي هزار ملازمن درخواستون جمع ڪرايون آهن. ايتري وڏي تعداد ۾ استادن جو وقت کان اڳ رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليل درخواستون هڪ پڙهيل لکيل عوامي طبقي جو سرڪار جي ٺاهيل پاليسين جي خلاف احتجاج به چئي سگهجي ٿو. هي ملڪ جيڪو عوام جي محنت ۽ ڪاوشن سان هلي رهيو آهي جيڪي نه صرف هن ملڪ ۾ مزدوري ڪري هن ملڪ جو مان مٿانهون ڪن ٿا ۽ هن نظام کي هلائين ٿا، بلڪه اهي پنهنجي ڪمائيءَ مان هر سال حڪومت کي هڪ وڏو حصو ٽيڪس جي صورت ۾ ادا ڪن ٿا.

حڪومت انهن جي مفادن کي مسلسل ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن وقت سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار لڳي ٿو ته جمهوريت جي نالي تي جمهوريت دشمن پاليسيون جوڙي ملڪ ۽ قوم کي وڏو نقصان رسائي رهيون آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي فوج جون پگهارون به وڌايون پيون وڃن ته انهن جون مراعات به وڌايون وڃن انهن جون پينشن به قائم آهن. ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جون پگهارون ۽ سهولتون به تمام تيزيءَ سان وڏو واڌارو ڪري وڌايون پيون وڃن.

اهو هڪ قسم جو عوام سان مذاق ۽ عوام تي ٺٺول نظر اچي ٿو. هاڻي سنڌ حڪومت کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي پينشن پاليسيءَ ۾ ڪهڙي رد و بدل ڪندي، جنهن سان عوام جي اندر پکڙيل بيچيني خاص ڪري استادن جي اندر پکڙيل بيچيني ختم ٿي سگهي. ڇو ته هي معاملو سڌو سنئون اسان جي ٻارن جي مستقبل سان به لاڳاپيل آهي. جيڪڏهن هن وقت 20 هزار استاد تعليمي نظام کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا ۽ ان کانپوءِ وري ايترائي ٻيا استاد اهو ساڳيو ئي فيصلو ڪن ته پوءِ ان خال کي هڪدم ڪيئن پورو ڪيو ويندو ۽ شاگردن کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪيئن ڪيو ويندو؟

يقينن ايتري وڏي انگ ۾ درخواستن جمع ڪرڻ سبب حڪومت به پريشان آهي ۽ اهو معاملو صرف انهن 20 هزار استادن تائين نه رڪجندو. ڇو جو هي آزاد ٿيل ملڪ هاڻي عوام جي پيٽ تي لت ڏئي رهيو آهي، ان جي بنيادي حقن کي ڳڙڪائي انهن کان جيئڻ جو حق ڦرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. فيملي پينشن جو ڏهن سالن تائين اجراءَ هڪ قسم جي پرتشدد پاليسي آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته هڪ بيواهه جيڪا پنهنجي مڙس جي مرڻ کانپوءِ 10 سال پينشن حاصل ڪندي يارهين سال ۾ ان کي پينشن نه ملندي.

حڪومت انهن بيواهه عورتن کان انهن جو اهو حق کسي ورتو آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته يارهين سال ۾ انهن کي مري وڃڻ گهرجي. حڪومت جي لاءِ اڃان به وقت آهي ته هو پنهنجي عوام دشمن پاليسين کي ٻيهر ترتيب ڏئي اهڙيون پاليسيون ٺاهي جنهن سان عوام جي بيچيني دور ٿي سگهي، ڇو ته حڪومتون عوام کان ووٽ وٺي حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل ڪن ٿيون ۽ عوام انهن کي اهڙين پاليسين ٺاهڻ جي لاءِ هرگز ايوانن ۾ نٿو موڪلي.