ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٿيل سي پيڪ سميت اهم واپاري معاهدا

پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چين جي ڊگهي دوري ۾ پاڪستان ۽ چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. انهيءَ دوري ۾ سي پيڪ منصوبي جي ٻئي مرحلي تي ڳالهيون ٿيون آهن. سي پيڪ جو منصوبو پاڪستان ۽ چين لاءِ ته اهم آهي، پر انهيءَ جي ذريعي سڄو خطو پاڻ ۾ ڳنڍجي سگهندو. انهيءَ ڪاريڊور جي ذريعي ملڪ ۾ سامونڊي سفر، هوائي سفر ۽ شاهراهن تي مسافري ۽ مال برداري بهتر طريقي سان ٿي رهي آهي. خطي جي ملڪن کي به انهيءَ مان معاشي ۽ مالي فائدو ٿي رهيو آهي، جو پاڙيسري ملڪن جا هڪٻئي سان رابطا ۽ واسطا وڌيا آهن.

سي پيڪ جي پهرئين مرحلي ۾ گوادر ۾ اهم منصوبن جي تعمير سميت بلوچستان صوبي ۾ اهم ڪم ٿيا آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ شاهراهن جو ڄار پکڙيو آهي. سي پيڪ منصوبي تحت گوادر جي سامونڊي بندرگاهه جي تعمير ٿي آهي. جيڪا دنيا جي اهم بندرگاهن ۾ شمار ٿئي ٿي. دنيا جون جيڪي بهتر ۽ اونهيون بندرگاهون آهن گوادر جو شمار انهن بندرگاهن ۾ ٿئي ٿو. انهيءَ بندرگاهه جي جاگرافيائي اهميت به آهي. اسان جو ملڪ پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري دنيا ۾ اهم مقام رکي ٿو.

اهوئي سبب آهي جو هر ملڪ چاهي ٿو ته اهو پنهنجي سياسي ۽ سفارتي لاڳاپن ۾ پاڪستان جي ويجهو هجي. پاڪستان جي وزيراعظم جي دوري دوران چين پنهنجي جديد جنگي هٿيارن، جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ڊرون ۽ جنگي جهازن، جنگي بحري ٻيڙن جي نمائش ڪئي. چين پنهنجي جديد فوجي طاقت جو مظاهرو ڪيو. انهيءَ موقعي تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه موجود هئا. روس جو صدر پيوٽن به انهيءَ موقعي تي موجود هو. اها ڳالهه اهم آهي ته اسانجي پاڙيسري ملڪ ڀارت جو سربراهه جيڪو شنگهائي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ چين جي سربراهه ۽ وزيراعظم پاڪستان سان گڏ چين ۾ موجود هو.

انهيءَ موقعي تي جڏهن چين دنيا جي اڳيان پنهنجي فوجي طاقت کي ظاهر ڪري رهيو هو، تڏهن پاڙيسري ملڪ ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي عالمي رهنمائن جي صف ۾ ڪٿي به موجود بيٺل نظر نه آيو. انهيءَ مان لڳي ٿو ته پاڪستان خطي ۾ سياسي ۽ سفارتي ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي انهيءَ ڊگهي دوري ۾ اهم معاهدا ٿيا آهن. انهن معاهدن ۾ سي پيڪ ٽو جي تحت وڌيڪ 5 راهداريون مڪمل ڪيون وينديون. ٻنهي اڳواڻن ايم ايل ون، قراقرم هاءِ وي ۽ گوادر پورٽ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم زرعي، معدني، ٽيڪسٽائل، صنعتي ۽ آءِ ٽي شعبن کي ترجيح قرار ڏنو آهي.

ٻنهي اڳواڻن طئي ڪيو ته ايندڙ سال پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگره گڏجي ملهائي ويندي. ان موقعي تي سائنس، ٽيڪنالاجي، آءِ. ٽي، ميڊيا، زراعت ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي سميت ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي به صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم جون پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صنعت، واپار ۽ سيڙپ جي واڌ لاءِ ڪوششون قابل قدر آهن.

ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف بيجنگ ۾ پاڪستان چين بزنس ٽو بزنس سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ گڏيل منصوبا لڳائين، کين سڀ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته خاص معاشي زونز چيني سيڙپڪارن لاءِ پرڪشش موقعا آهن. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران مستقبل ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ايڪشن پلان تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم پاڪستان جي معاشي سڌارن ۾ چين جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو.

انهيءَ دوري ۾ ٻنهي ملڪن اهو طئي ڪيو آهي ته اهي دهشتگردي جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا. پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا پاڪستان جي جاگرافي جي ڪري اهم آهن، ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ چين دوستي جي تاريخ پراڻي ۽ آزمايل آهي. چين هميشه پاڪستان جو ملڪي ۽ عالمي سطح تي ساٿ ڏنو آهي ۽ اقتصادي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ڪئي آهي.

اقوام متحده کان وٺي عالمي مالياتي ادارن تائين پنهنجي اثر رسوخ کي پاڪستان جي حق ۾ استعمال ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو اقوام متحده جي اداري ۾ چين جي خاص حيثيت آهي، انهيءَ کي ويٽو پاور آهي. انهيءَ ڪري اقوام متحده ۾ اهڙي ڪابه قرارداد هيستائين منظور نه ٿي سگهي آهي، جيڪا پاڪستان جي خلاف هجي. وزيراعظم پاڪستان جو موجوده دورو چين ۽ پاڪستان لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سياسي، سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپا پاڪستان ۽ خطي جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري آهن.