بلاگنئون

ڀٽائي فيمينزم ۽ فلسفو

شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ فن بابت سوالن جو وڏو حصو اڄ به فڪري مناظري ۽ علمي مباحثن جو محور آهي. جديد عهد ۾ جڏهن “فيمينزم” يا “نسوانيت” هڪ فڪري تحريڪ جي صورت ۾ اڀري آهي ته ان کي ڀٽائي جي فڪري سرمائي سان ڳنڍڻ به هڪ فطري جستجو بڻجي پيو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا ڀٽائي کي هڪ “فيمينيسٽ شاعر” جي حيثيت سان سمجهي سگهجي ٿو يا هو عورت کي فقط قرباني، وفاداري ۽ تمثيل جي علامت طور پيش ڪري ٿو؟

ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ عورت جو تصور ڪنهن جامد سماجي ڪردار تائين محدود نه آهي. هو عورت کي نه رڳو سماجي مخلوق، پر روحاني مسافر، مجاهدو ڪندڙ سالڪ ۽ ڪائناتي صداقت جي نمائنده طور پيش ڪري ٿو. سندس بيتن ۾ سسئي، سهڻي، مارئي، مومل ۽ سورٺ اهڙا ڪردار آهن، جيڪي ڪنهن به روايتي صنفي تصور کان مٿانهون ٿي وڃن ٿا. اهي ڪردار قرباني ضرور ڏين ٿا، پر اها قرباني رڳو عائلي يا مرد جي محبت لاءِ نه آهي؛ اها قرباني وجودي جدوجهد، اخلاقي استقلال ۽ روحاني حقيقت جي تلاش جو استعارو آهي. ڀٽائي جو ڪمال اهو آهي ته هن ايراني تصوف جي برعڪس، جتي گهڻو ڪري مذڪر صيغو اختيار ڪيو ويندو هو، پاڻ “مونث صيغي” کي شاعريءَ ۾ ترجمان بڻايو. اهوئي سبب آهي جو سندس بيتن ۾ عورت جون صدائون محض صنفي سڃاڻپ نه، پر انساني وجود جي آواز طور گونجن ٿيون. “سسئي” جبلن ۾ ڀٽڪي ٿي ته اها فقط پريم جي ڏکن جي ڪهاڻي نه آهي، بلڪه اها طلبِ ۽ وصال جي ڪائناتي جستجو آهي؛ “مارئي” قيد خاني ۾ صبر ۽ استقامت جو پيغام ڏئي ٿي ته اها رڳو وطن جي محبت نه، پر صداقت جي حفاظت جو فلسفو آهي. فيمينيزم جي روايتي مفهوم ۾ ڀٽائي کي رڳو “عورت دوست شاعر” چوڻ سندس فڪر تي تنگ دائري مڙهڻ برابر ٿيندو. ڀٽائي عورت کي نه ڪا ثانوي حيثيت ڏئي ٿو، نه ئي کيس صنفي نزاع جو اوزار بڻائي ٿو؛ هو عورت جي ڪردار کي اهڙي “ما بعد الطبيعتي تمثيل” ۾ پيش ڪري ٿو، جتي عورت انساني روح جي صداقت بڻجي بيٺي آهي.

سوال اهو به اڀري ٿو ته ڇا لطيف عورت کي فقط تمثيلي طور استعمال ڪري ٿو؟ بيشڪ سندس ڪردار تمثيلي حيثيت رکن ٿا، پر اها تمثيل محض علامتي نه آهي، بلڪه تجربي جي زنده حقيقيت آهي. سسئيءَ جو هر قدم، مارئيءَ جو هر ڳوڙهو ۽ مومل جي هر پيچيدگي اندروني انساني جاکوڙ جو بيان آهي. لطيف وٽ عورت “جسماني” وجود کان وڌيڪ “روحاني” وجود آهي؛ هوءَ عزم، وفا، قرباني ۽ جستجوءَ جو استعارو بڻجي، مرد سان برابريءَ جي ڪهڙي نه اعليٰ تمثيل ٺاهي ٿي۔ ان ڪري ڀٽائي کي محض فيمينيسٽ چوڻ سندس فڪر کي محدود ڪرڻ ٿيندو. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت، ڪائنات جي ڪل صداقت جو “آئينو” آهي، جيڪا مرد ۽ عورت ٻنهي جي انساني جستجوءَ کي هڪ جهڙي عظمت سان پيش ڪري ٿي. سندس ڪردار انساني آزادي، روحاني استقلال ۽ وجودي حقيقت جي سجاڳ علامتون آهن.

آخر ۾ چئي سگهجي ٿو ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي عورت کي نه رڳو تمثيل بڻايو، نه ئي فقط قربانيءَ جي نشانيءَ طور پيش ڪيو، پر هوءَ انساني ڪائنات جي سفر ۾ “همراه” ۽ “مرڪز” بڻجي ٿي. ڀٽائيءَ جي شاعري عورت کي اهڙي معنوي عظمت ڏئي ٿي، جيڪا نه صرف اسلامي فڪر جي وسعتن سان لاڳاپيل آهي، پر جديد انساني فڪري تحريڪن لاءِ به الهام جو سرچشمو بڻجي ٿي.