ڪهاڻيوننئون

ٻارن جو صفحو: پِتڪُو -ھڪ پِتڪڙو پوپٽ-7 (پتڪوءَ جا دوست)

پتڪوءَ کي ڏاڍو بخار ٿي پيو ھو، جنھن ڏينھن پتڪوءَ جو پيءُ مينھن جي پاڻيءَ ۾ ڪِري پيو ھو ۽ پتڪوءَ ھمت ڪري کيس بچايو ھو، تنھن ڏينھن مينھن ۾ پُسڻ ۽ ٿڌي ھوا لڳڻ جي ڪري پتڪو ڏاڍي بخار ۾ وٺجي ويو ھو.

پتڪوءَ جي پيءُ اُتڪوءَ کيس ڪيترن ئي ٻوٽن جو رَسُ پياريو ھو، پر پتڪوءَ جي بخار لھڻ جو نالو ئي ڪو نه پئي ورتو.

پتڪوءَ جا ماءُ پيءُ ۽ پيارا دوست ڳڻتيءَ ۾ ورتل ھئا ته ھاڻي ڇا ڪجي؟

پتڪوءَ جا دوستَ شوزو، رومو ۽ ياسو به اٻاڻڪا ۽ مُنجهيل ويٺا ھئا. ھڪ ته مينھن جي ڪري سندن ماءُ پيءُ کيڏڻ کان منع ڪري ڇڏيو ھو مٿان وري پتڪوءَ جي بخار جي ڪري کين ڪنھن ڳالهه ۾ مزو ئي ڪو نه پئي آيو.

“اسان کي پنھنجي دوست لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي.” روموءَ چيو.

“تون صحيح پيو چوين رومو. ايئن ماٺ ڪري ويھڻ سان ته پتڪوءَ جو بخار ڪونه لھندو.”

ياسوءَ وراڻيو.

“پر ڪجي به ڇا؟” شوزوءَ پڇيو.

ان کان اڳ جو کيس ڪا وراڻي ملي ھا، ھنن ھڪ آواز ٻڌو.

“توھان سرويچ کي بخار جي دوا ڏئي ڇڏجو، مان سامان وٺي اجهو ٿو موٽان.”

ٽنهي دوستن وڻ جي پنن جي اوٽ مان ڏٺو ته کين گهر جو مالڪ عبدالاحد ڏسڻ ۾ آيو. ان جي گهر واري سلطانه به ساڻس گڏ ھئي.

“اوھان جلدي موٽڻ جي ڪجو، جهڙ ته ڄڻ ڀريو بيٺو آھي.” سلطانه اُڀ ڏانھن ڏسندي چيو.

عبدالاحد ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پنھنجي ڪار ۾ چڙھي ٻاھر ھليو ويو.

“اچو دوستو” شوزو تڪڙ ۾ چيو ۽ وڻ تان اڏامي ويو.

ياسو ۽ رومو پھرين ته اچرج وچان کيس ڏٺو ۽ پوءِ سندس پٺيان اڏامڻ لڳا.

شوزو گهر جي اندرين ڀاڱي ڏانھن کُلندڙ در ڏانھن اڏامي رھيو ھو. سندس دوست به ھن جي ڪڍ ھئا.

سلطانه در کوليو ۽ اندر وڃي در بند ڪرڻ لڳي. اھو ڏسي ٽنهي ڄڻن گُهت ھنئي ۽ در بند ٿيڻ کان سيڪنڊ کن اڳ اندر گهڙڻ ۾ سوڀارا ٿي ويا.

“پاڻ ھتي ڇو آيا آھيون شوزو؟” ياسوءَ وڏي ھال جي ڀت تي ٽنگيل ھڪ تصوير جي فريم تي ويھندي پڇيو.

“سامهون ڏسو دوستو.” شوزو چيو.

سڀني ڏٺو ته سامهون ئي رکيل صوفي تي ھڪ ڏھن ٻارھن ورھين جو ڇوڪرو آھليو پيو ھو. ھن جو مُنھن ڳاڙھسرو ٿي رھيو ھو. اکيون به ٻُوٽيل ھئس. ڪجهه ساڻو پئي لڳو. ٽئي پوپٽ ان ڇوڪري کي چڱي نموني سڃاڻندا ھئا. اھو گهر جي مالڪ جو پٽ سرويچ ھو.

سرويچ گهر جي باغيچي ۾ ويھي آکاڻين وارا ڪتاب پڙھندو ھو. کيس گل، پکي ۽ پوپٽ ڏاڍا وڻندا ھئا. سرويچ نه ئي گل پٽيندو ھو ۽ نه ئي وري ھن ڪڏھن ڪنھن پوپٽ کي جَهٽڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. پتڪو ۽ سندس دوستن کي پيارو ٻار سرويچ ڏاڍو سٺو لڳندو ھو.

کيس بخار ۾ ورتل ڏسي ٽنهي ٻالڪ پوپٽن کي ڏاڍو ڏک ٿيو.

“الله سائين پتڪوءَ ۽ سرويچ کي جلدي تندرستي عطا ڪري.” ياسوءَ چيو.

“ھا يار” شوزوءَ وراڻيو.

سرويچ جي امڙ ھن جي نراڙ تي ھٿ رکي ڏٺو ۽ پوءِ سرويچ کي ويڙھيل اجرڪ کي ٺاھڻ لڳي.

“بخار ھاڻي گهٽ اٿئي سرويچ، پرَ تون اندر پلنگ تي ھلي ليٽين ھا ته مان توکي چانھن بسڪوٽ ڏيان ته جيئن ٻيھر بخار جو شربت پي سگهين.” سرويچ جي امڙ سلطانه چيو.

“امان ھتي ئي ڏيو، مان ڪارٽون ڏسندس.” سرويچ ڀت تي لڳل ايل سي ڊي ٽي ويءَ ڏانھن نھاريندي چيو.

“ٺيڪ آھي پٽ” سلطانه مرڪندي وراڻيو ۽ ريموٽ کڻي ٽي وي ھلائي ۽ پاڻ رڌڻي ڏانھن ھلي وئي.

ياسو ۽ رومو، شوزوءَ ڏانھن ڏسڻ لڳا.

“صوفي جي آڏو پيل ميز تي شربت جي شيشي رکيل آھي. اھا ئي بخار جي دوا ھوندي. پاڻ کي اھا کڻي پتڪوءَ کي پيارڻي آھي. مون کي پڪ آھي ته ان دوا سان پتڪو به ٺيڪ ٿي ويندو” شوزوءَ چيو.

“ايتري ڳَري شيشي پاڻ ڪيئن کڻنداسين شوزو؟”

رومو ڳڻتيءَ وچان پڇيو.

“اوھو… سڄي شيشي ڇو کڻون!!!؟ اسان ٽئي دوا جا ڦڙا پنھنجي وات ۾ کڻنداسين، جيئن گلن جو رس کڻندا آھيون.” شوزو سمجهائيندي وراڻيو.

“پر شيشي کولينداسين ڪيئن؟” ياسوءَ پڇيو.

“ڪا اٽڪل ڪرڻي پوندي.” شوزو چيو ۽ سوچڻ واري انداز ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو.

پتڪوءَ جي ڳڻتيءَ ۾ ھو ٽئي ان چِچِيءَ (ڪرڙيءَ) کي نه ڏسي سگهيا، جيڪا کين ڳڙڪائڻ جي نيت سان ھنن ڏانھن آهستي آهستي وڌي رھي ھئي. چچي ڪيترن ئي ڏھاڙن کان بکايل ھئي.

اُمالَڪ شوزوءَ جي نِھارَ چچيءَ تي پئجي وئي. ھن ھڪ دانھن ڪندي چيو… “چِچِي، اڏامو چچي پئي اچي.”

اھو ٻڌي ياسوءَ ۽ روموءَ کان به دانھون نڪري ويون ۽ ھو مٿي ڇت ڏانھن اڏامڻ لڳا. جي تڪڙ نه ڪن ھا ته ٿُلهي متاري چچي کين ڳِڙڪائي وڃي ھا.

چچي، کين اڏامندو ڏسي، پنھنجي جاءِ تي ئي بوتو ٿي بيھي رھي ۽ ڪنھن ٻئي شڪار جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳي.

ھُو ٽئي مٿي اڏامي، چچيءَ کان ته بچي ويا، پر ڇت تي لڳل پکو کانئن وسري ويو. پکو تيز رفتاريءَ سان گول گول گهمي رھيو ھو. ھو ٽئي ڪجهه ئي مٿي ٿيا ھوندا جو پکي جي تيز ھوا کين گهمائي ھڪ پاسي ڦٽو کڻي ڪيو. ھو ٽئي سنهڙيون چِيٽون ڪندا پاسيرا ٿي ميز ڏانھن آيا ۽ سڌو اچي بخار جي دوا واري شيشي سان لڳا. دوا جي شيشي ميز تي ڪري پئي ۽ ھڪ پاسي رڙھڻ لڳي. شيشي جي ٻُنجي جيئن ته سُڪ ٿيل ڪونه ھئي سو ميز تي ڪرندي ئي ان مان دوا وھڻ لڳي.

سرويچ جو سمورو ڌيان ڪارٽون ڏانھن ھو سو ھن شيشي ڪرندي ڪونه ڏٺي.

“جلدي جلدي ٻه ٽي ڦڙا چوسيو ته واپس ھلون.” شوزوءَ پاڻ کي سنڀاريندي چيو ۽ اڳتي وڌي، ھاريلَ دوا چوسڻ لڳو.

ياسوءَ ۽ روموءَ به ايئن ئي ڪيو. ٽنهي کي دوا ڏاڍي ڪڙي لڳي، پر پتڪوءَ جي حياتي بچائڻ لاءِ ھنن دوا سان پنھنجو وات ڀَري ڇڏيو.

دوا وات ۾ ھٿيڪي ڪري ٽنهي ٻالڪ پوپٽن سھڻي سرويچ ڏانھن ڏٺو. ڄڻ ته کانئس دوا ڪيرائڻ جي معافي گهرندا ھجن.

شوزوءَ، ٻنهي دوستن کي ھيٺ ئي ھيٺ در ڏانھن اڏامڻ جا اشارا ڪيا ته جيئن پکي جي تکي ھوا کان بچي سگهن.

پوءِ ھو چچيءَ جي نِھارن کان بچندا در جي ھيٺان، وِٿيءَ مان ٻاھر نڪري آيا.

ٻاھر گجگوڙ سان گڏ ڦڙ ڦڙ به شروع ٿي وئي ھئي. ان کان اڳ جو مِينھن تيز ٿئي ھا، ٽئي ڄڻا تڪڙا تڪڙا پَرَ ھڻندا وڻ ڏانھن وڌي ويا.

وڻ تي پھچي ھنن دوا پتڪوءَ کي پيئاري ته ڪلاڪ کن ۾ پتڪوءَ جو بخار به نه ڄاڻ ڪيڏانھن ھليو ويو. ھُو چاق چڱو ڀلو ٿي مرڪڻ لڳو.

اھو ڏسي سڀ سَرھا ٿي ويا.

“ايئن ئي سرويچ به چڱڀلائي ماڻيندو.” شوزوءَ ٽھڪ ڏئي چيو.

“آمين.” ياسوءَ ۽ روموءَ وراڻيو ۽ پوءِ ٽئي ڄڻا پتڪوءَ کي پنھنجي ڪارنامي بابت قصو ٻڌائڻ لڳا.

***