ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: نئون کاتو

ڪهاڻيڪار: جيفري آرچر

جڏھن اگنائيٽس اگربي کي نائيجيريا جو خزاني جو وزير مقرر ڪيو ويو ته ڪنھن به ڪو خاص ڌيان ڪو نه ڏنو. مايوس ماڻھو چوندا ھئا ته؛ “اھو سترھن سالن جي عرصي منجھ سترھون خزاني جو وزير آ.”

پارليامينٽ اندر، پنھنجي پھرئين پاليسي بيان ۾ ھن واعدو ڪيو ته؛ “رشوت کائڻ کي ۽ بدعنوانيءَ کي ٻنجو ڏيندس.” ھن شھرين خبردار ڪيو ته “ڪوبه عھديدار، پاڻ کي محفوظ سمجھي نه سگھندو، جيستائين ھو بي داغ زندگي نه گذاريندو.” ھن پنھنجي تقرير پوري ڪندي چيو؛ “مون ملڪ مان گندگي ختم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آ.”

وزير صاحب جي تقرير جو اثر اھو ٿيو جو مشھور روزنامه لاگوس ٽائمز، تذڪرو ئي نه ڪيس.

شايد اخبار جي ايڊيٽر جو خيال ھجي ته جيئن ته اڳين سورھن وزيرن جون تقريرون تفصيل سان ڇپجي چڪيون آھن، تنھن ڪري پڙھندڙ سمجھندا ته ساڳيون ڳالھيون ورائي ورائي ورجايون پيون وڃن، جيڪي اڳي به ٻڌي چڪا آھيون.

جيتوڻيڪ اگنائيٽس، ان ڳالھ کان بددل ٿيڻ وارو ھو ته مٿس ڀروسو نه ڪيو ويو، پر ھو پنھنجي ڪم ۾ پوري جوش جذبي سان جنبي ويو. پنھنجي تقرير کان ٿورڙن ڏينھن اندر، خوراڪ جي وزير جي ھڪڙي ملازم کي جيل اماڻائي ڇڏيائين. ڇو جو انھيءَ، ٻاھران اناج گھرائڻ وارن ڪاڳرن ۾ ھير ڦير ڪئي ھئي. سندس صفائيءَ جي اڳيان اچڻ وارو ٻيو شخص ھڪڙو لبناني سيڙپڪار ھو، جنھن کي ناڻي جي مٽا سٽا واري قانون جي خلاف ورزيءَ ۾، ڏيھ نيڪالي ڏني وئي. ھڪڙي مھيني کانپوءِ ھڪڙو اھڙو واقعو رونما ٿيو، جنھن کي اگنائيٽس پاڻ به پنھنجي لاءِ ذاتي معرڪو سمجھندو ھو. اھو واقعو ھو؛ پوليس جي سربراھ جي رشوت جي الزام ۾ گرفتاري. انھيءَ ناجائز آمدنيءَ کي، لاگوس جا رھاڪو، ان عھدي جي لاءِ معمولي ڳالھ سمجھندا ھئا. جڏھن چئن مھينن پڄاڻان، پوليس جي سربراھ کي ڏيڍ سال جي سزا ڏئي جيل اماڻيو ويو ته نيٺ لاگوس ٽائيمز کي وزير خزانه جي خبر، آڏو واري صفحي تي ڏيڻي پئجي وئي ۽ وچين صفحي تي اخبار، اگنائيٽس جي صفائي مھم جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو. اگنائيٽس جي مشھوري ڏينھون ڏينھن وئي وڌندي. معاشري جي صفائيءَ جي مھم ھلندي رھي ۽ ھڪ کان پٺيان ٻيو بدعنوان گرفتار ٿيندو ويو. وزير موصوف کان ھر مجرم ڀَوَ ۾ رھڻ لڳو. تان جو شھر ۾ اھا بي بڻياد خبر پڻ گشت ڪندي رھي ته ملڪ جو سربراھ جنرل اوٽوبي پڻ پنھنجي وزير خزانه جي پڇا ڳاڇا ھيٺ آهي.

وزير خزانه ھاڻ ڏھن ڪروڙن جي ماليت کان مٿي وارن سمورن غير ملڪي معاھدن جي پنھنجي سر پاڻ پڙتال ڪندو ھو ۽ منظوري ڏيندو ھو. جيتوڻيڪ سندس مخالف، سندس فيصلي جي چڱيءَ طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪندا ھئا، پر  سندس نالي سان ڪوبه اسڪينڊل ٺھي نه سگھيو.

جڏھن اگنائيٽس جو انھيءَ عھدي تي ٻيو سال شروع ٿيو ته نااميد ۽ مايوس شھرين پڻ سندس ڪارنامن جو اعتراف ڪرڻ شروع ڪيو. ان وقت تائين ملڪ جو سربراھ جنرل اوٽوبيءَ جو مٿس ڪافي اعتماد جُڙي چڪو ھو. انھيءَ اگنائيٽس کي غير رسمي طور، صلاح مشوري لاءِ گھرائي ورتو.

ملڪ جي سربراھ، خزاني جي وزير کي فوجي بيرڪ ۾ خوش آمديد ڪيو ۽ پنھنجي ڪمري ۾ ويھڻ لاءِ، آرامده ڪرسي پيش ڪيائينس. انھيءَ ڪمري منجھان پريڊ گرائونڊ جو منظر چٽو نظر ايندو ھو.

“اگنائيٽس! مون ھاڻ ھاڻ بجيٽ جي تازي رپورٽ پڙھي آهي. رپورٽ جو نتيجو، جيڪو تو لکيو آھي، تنھن مون کي ڇرڪائي ڇڏيو آھي. قومي خزاني کي اڃان به سال تي لکين ڊالرن جو نقصان ٿي رھيو آھي، جنھن جو سبب غير ملڪي ڪمپنين طرفان ايجنٽن کي ڏنل رشوت جون ڳريون رقمون آھن. ڇا تون ڪجھ ٻڌائي سگھين ٿو ڪھڙن ماڻھن جي کيسن ۾ اھا دولت وڃي پئي؟ مان اھو ڄاڻڻ چاھيان ٿو.”

اگنائيٽس، پنھنجي جاءِ تي اڀو ٿي بيٺو ۽ سندس نگاھون مسلسل، سربراھ مملڪت منجھ کُتل ھيون.

“مون کي شڪ آهي ته ان دولت جو ڳچ حصو، سوئس بينڪ جي نجي کاتن ۾ ڪٺو ٿي رھيو آھي، پر في الحال مون لاءِ، ثبوت پيش ڪرڻ ممڪن ناھي.”

“ته پوءِ مان تو کي ھر اھو واڌو اختيار ڏيڻ لاءِ تيار آھيان، جنھن جي توکي ضرورت ھجي ته جيئن تون حقيقتون معلوم ڪري سگھين.” جنرل اوٽوبيءَ چيس؛ “انھن ملڪ دشمن ماڻھن جي نشاندھيءَ جي لاءِ، جيڪو طريقو وڻئي سو اختيار ڪر. ڀل منھنجي ڪابينا جي موجوده ۽ اڳوڻن ميمبرن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪر. اھي ڀلي ڪھڙي به عھدي تي ويٺا ھجن ۽ ڪيڏا ئي بااثر ڇو نه ھجن، توکي نه کانئن ڊڄڻ گھرجي ۽ نه ئي سندن پاسو کڻڻ گھرجي.”

“جنرل صاحب! ان قسم جي مشن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ، مون کي اوھان جي صحيح سان جاري ٿيل خصوصي اختيار نامو کپندو.”

“اھو اختيار نامو، اڄ شام ڇھين بجين تائين اوھان جي ميز تي ھوندو.” سربراھ مملڪت چيس.

“ٻيو خصوصي سفير جو درجو، جڏھن مان ملڪ کان ٻاھر وڃان.”

“منظور!”

“مھرباني!” اگنائيٽس چيو ۽ اھو سمجھي ڪرسيءَ تان اٿيو ته انٽرويو پورو ٿي چڪو آهي.

“توکي ان جي به ضرورت پئجي سگھي ٿي.” جنرل چيس ۽ ٻئي ڄڻا دروازي ڏانھن رڙھڻ لڳا. سربراھ، اگنائيٽس کي ننڍڙي سائيز جو ھڪڙو خودڪار پستول ڏيندي چيو؛ “ڇو جو مون کي انديشو آهي ته ھاڻ تنھنجا دشمن، لڳ ڀڳ مون جيترا آھن.”

اگنائيٽس، فوجيءَ جي ھٿان پستول ورتو ۽ پنھنجي کيسي ۾ وڌائين ۽ پنھنجو وات ڀڪوڙي سندس شڪريو مڃيائين. ٻنھي جي وچ ۾ ٻي ڪا ڳالھ ٻولھ ٿيڻ کانسواءِ، ڪار اگنائيٽس کي سندس وزارت طرف کڻي وئي.

اسٽيٽ بئنڪ نائيجيريا جي چيئرمين کي ڄاڻ ڏني بغير ۽ ڪنھن سول سرونٽ جي مداخلت کان سواءِ، اگنائيٽس وڏي جوش خروش سان پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ھو رات جو اڪيلي سر تحقيق ڪندو ھو ۽ ڏينھن جي وقت، ڪنھن کي به پنھنجا نتيجا نه ٻڌائيندو ھو. ٽن مھينن پڄاڻان، ھو لامارو ڏيڻ لاءِ تيار ھو.

خزاني جي وزير، اڳواٽ پروگرام کانسواءِ، ٻاھرئين ملڪ وڃڻ لاءِ آگسٽ جي مھيني جي چونڊ ڪئي. ھيءُ اھو وقت ھو، جڏھن گھڻا تڻا نائجيريائي، موڪلن تي وڃي چڪا ھئا. تنھنڪري سندس غيرحاضريءَ تي ڪا پڇا ڳاڇا ڪا نه ٿيندي. ھن پنھنجي سيڪريٽريءَ کي چيو ته؛ “اورلينڊو جي اڏام لاءِ منھنجي زال، منھنجي ٻن ٻارن ۽ منھنجي پنھنجي سر لاءِ سيٽون بڪ ڪراءِ ۽ ڀاڙو منھنجي ذاتي حساب مان ادا ڪجانءِ.”

فلوريڊا پھچي، ھو ميريٽ ھوٽل ۾ وڃي ترسيو. ھن پنھنجي زال کي بنا ڪنھن وضاحت جي ايترو ٻڌايو ته مان ٿورن ڏھاڙن لاءِ ڪم سان نيو يارڪ ويندس. جنھن کانپوءِ باقي موڪلون گڏ گذارڻ لاءِ ھتي موٽي ايندس.

ٻئي ڏھاڙي صبح جو اگنائيٽس، پنھنجي آڪھ کي ڊزنيءَ جي حيرت ڪدي ۾ ڇڏي، پاڻ ھوائي جھاز ۾ نيويارڪ ڏانھن ھليو ويو. لاگرڊيا ھوائي اڏي تان ٽيڪسي پڪڙي، ھو ڪينيڊي ايئرپورٽ پھتو. اتي لٽا ڪپڙا مٽايائين. موٽ جي ٽڪيٽ خريد ڪيائين ۽ سوئس ايئر جي ذريعي، جنيوا جي لاءِ چپ چپات ۾ جھاز ذريعي ھليو ويو.

سوئس جي گاديءَ واري ھنڌ پھچي، اگنائيٽس ھڪڙي غير معروف ھوٽل ۾ وڃي ترسيو. اتي پھچي، ھو بستري تي اٺن ڪلاڪن تائين ڏاڍي گھري ننڊ ۾ ستو رھيو. ٻئي ڏھاڙي صبح جو نيرن تي ھن بئنڪن جي فھرست جو جائزو ورتو، جيڪا ھن نائيجيريا ۾ تحقيق دوران تيار ڪئي ھئي. ھر نالو، ھن پنھنجي قلم سان ٿلھن اکرن ۾ لکيو ھو. اگنائيٽس، ھڪڙي بئنڪ جي چونڊ ڪئي، جنھن جي عمارت، ھوٽل جي بيڊروم مان نظر پئي آيس. ھن فون ملائڻ کان اڳ، دربان کان نمبر جي پڪ ڪئي. چيئرمين، ٻارھين وڳي، ملاقت جو وقت ڏنس.

ھڪڙو پراڻو کٿل بريف ڪيس کنيو، اگنائيٽس مقرر ٿيل وقت کان چند منٽ اڳي پھچي ويو، جيڪو ڪنھن نائيجيريائيءَ جي معمول جي خلاف ھو. ھن سوچيو ته نوجوان شخص، جنھن کي سليٽي رنگ جو سمارٽ سوٽ، ساڳئي رنگ جي سلڪي ٽاءِ ۽ اڇي شرٽ پاتل اٿس سو ماربل ھال ۾ سندس ئي انتظار پيو ڪري. ھن جھڪي وزير خزانه کي پنھنجو تعارف، چيئرمين جي پرسنل اسسٽنٽ طور ڪرايو. ان ٻڌايس ته ‘چيئرمين جي آفيس تائين مان ساڻ ھلندس.’ وزير موصوف کي ساڻ ڪري، ھو لفٽ ۾ سوار ٿيو. ٻنھي ڄڻن، يارھين منزل تي پڄڻ کان پھرين ھڪ لفظ به نه ڳالھايو. بئنڪ جي ملازم، چيئرمين جي دروازي تي ھورڙيان ھٿ ھنيو، جنھن تي کين اندر وڃڻ جي اجازت ملي وئي.

“نائيجيريا جا وزير خزانه صاحب جن تشريف آور ٿي چڪا آھن، سر!” پرسنل اسسٽنت، اندر گھڙندي ئي چيو.

چيئرمين، پنھنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ٻه چار وکون اڳتي وڌي، مھمان جو آدر ڀاءُ ڪيائين. اگنائيٽس ڏٺو ته چيئرمين کي به سليٽي رنگ جو سوٽ، سليٽي رنگ جي ريشمي نيڪ ٽاءِ ۽ اڇي رنگ جي قميص پاتل آهي.

”صبح بخير!“ چيئرمين، وزير سان مخاطب ٿيندي چيو؛ ”اوھان ويھڻ جي تڪليف نه ڪندئو؟“ چيئرمين، ڪمري جي ٻئي پاسي ننڍين ٽنگن واري شيشي جي ميز ڏانھن، جنھن جي چوڌاري آرام ڪرسيون پيون، ويندي چيس؛ ”مون پنھنجي ۽ اوھان جي لاءِ ڪافي گھرائي آ، جيڪڏھن اوھان پيئڻ پسند ڪيو ته!“

اگنائيٽس، ھاڪار ۾ ڪنڌ-ڌوڻ ڪئي. پنھنجي پراڻي بريف ڪيس، پنھنجي ڪرسيءَ جي ويجھو فرش تي رکيائين ۽ شيشي جي وڏي فريم واري دريءَ مان ٻاھر ليئو پاتائين. ھن انتھائي خوبصورت ڦوھاري واري سھڻي نظاري بابت ٿورا ساراھ وارا جملا چيا. انھيءَ وچ ۾، ھڪڙي نوجوان عورت، ٽنھي کي ڪافي ٺاھي پيش ڪئي. جڏھن اھا نوجوان عورت، ڪمري مان ھلي وئي ته اگنائيٽس ڪم جي ڳالھ چوري.

“مون کي منھنجي ملڪ جي سربراھ چيو آهي ته مان توھان جي بينڪ ۾ وڃي، ھڪ غير معمولي درخواست ڏيان.” ھن ڳالھ ٻولھ جو مُنڍ ڪڍندي چيو.

چيئرمين يا سندس پرسنل اسسٽنٽ جي چھري تي حيرانيءَ جو ڪو سَرُ به نه پيو.

“مون کي صدر مملڪت طرفان اھو اعزاز بخشيو ويو آھي ته معلوم ڪيان ته اھي ڪھڙا ٻه نائيجيريائي شھري آھن، جن جا اوھان جي بينڪ ۾ ڳجھ ڳوھ ۾کاتا کوليل آھن.“

اھو اطلاع ٻڌندي، چيئرمين چپ چوريا؛ ”مون کي، اھو ظاھر ڪرڻ جي آزادي مليل ناھي….“

“مون کي ڇڏيو ته مان پنھنجي ڳالھ پوري ڪري وٺان.” وزير، پنھنجو ڳورو ھٿ مٿي ڪندي چيو؛ “پھرين ته مان اھا چِٽائي ڪرڻ چاھيندس ته مان پنھنجي حڪومت کان سڀ اختيار وٺي اوھان وٽ آيو آھيان.” ٻيو ڪو لفظ چوڻ کان اڳ، اگنائيٽس پنھنجي اندرئين کيسي مان ھڪڙو لفافو ڪڍي، ھوا ۾ لوڏيو. ھن لفافو چيئرمين کي ڏنو، جنھن منجھانئس خط ڪڍي، آھستڙي پڙھڻ شروع ڪيو.

خط پڙھڻ پڄاڻان بئنڪر پنھنجي نڙي صاف ڪندي چيو؛ “سائين منھنجا! مون کي افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته ھن خط جي منھنجي ملڪ ۾ ڪابه قانوني حيثيت ڪانھي.” ھن خط ورائي لفافي ۾ وجھي اگنائيٽس کي موٽائي ڏنو ۽ ڳالھائڻ وارو سلسلو جاري رکندي چيائينس؛ “البته مون کي ان ذمري ۾ ٽڪي جو به شڪ ناھي ته اوھان کي اوھان جي صدر طرفان بطور وزير ۽ سفير مڪمل اختيار حاصل آھي، پر ان سان بئنڪ جي رازداريءَ واري اصول تي ڪوبه اثر نٿو پوي. اسان ڪنھن به حالت ۾ پنھنجي کاتيدارن جا نالا، سندن اجازت کان بغير ظاھر نه ڪندا آھيون. مون کي افسوس آهي جو مان ان سلسلي ۾ اوھان جي ڪابه مدد نٿو ڪري سگھان، پر اھي بئنڪ جا اصول آھن ۽ اڳتي به رھندا. چيئرمين اھو سمجھي اٿي بيٺو ته ملاقات پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھچي چڪي ھئي، پر ھن اگنائيٽس جھڙي پاڪ باز مھم جُوءَ سان ڪا سودي بازي نه ڪئي ھئي.

“منھنجي ملڪ جي سربراھ، اوھان کي ٻڌائڻ لاءِ مون کي اھو اختيار ڏنو آھي، منھنجي ملڪ ۽ سوئٽزرلينڊ جي وچ ۾ ٿيندڙ سموي ڏيتي ليتي اوھان جي بئنڪ جي معرفت ٿيندي.” اگنائيٽس پنھنجي لھجي ۾ نمايان طور تي نرمي پيدا ڪندي چيس.

“اسان کي اوھان جي اعتماد تي فخر آهي.” چيئرمين، بيٺي بيٺي ورندي ڏنس؛ ”ليڪن مون کي پڪ آ ته اوھان سمجھي ويا ھوندئو ته اسان پنھنجي کاتيدارن جي رازداريءَ واري اصول کي ڀڃڻ جي قابل ناھيون.“

اگنائيٽس، اھو ٻڌي به ھمت ڪا نه ھاري؛ ”انھيءَ صورت ۾ مسٽر گربر مون کي افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اسان جنيوا ۾ پنھنجي سفير کي ھدايتون جاري ڪنداسين ته اھو اوھان جي وزارت خارجه کي احتجاجي ليک لکي موڪلي ته اوھان اسان جي ھم وطنين جا ڪوائف نه ڏئي عدم تعاون جا ڏوهاري ٿيا آھيو.” پنھنجي لفظن جو اثر وجھڻ جي لاءِ ھو ٿورو ترسيو ۽ وري چوڻ لڳو؛ “البته اوھان انھيءَ ڏکي ۽ پريشان ڪندڙ صورتحال کان بچي سگھو ٿا جيڪڏھن اوھان مون کي گھربل ڪوائف ٻڌايو. اوھان کي پڪ ٿو ڏياريان ته اسان پنھنجي اطلاع جو ذريعو، ھرگز ظاھر نه ڪنداسين.”

“اوھان دل خوشيءَ سان ان قسم جو احتجاجي ليک موڪلي ڏيو. منھنجا سائين مون کي پڪ آهي ته اسان جو وزير خارجه، اوھان جي سفير کي سفارتي ٻوليءَ ۾ تمام سھڻي نموني سان ٻڌائيندو ته سوئس قانون تحت وزارت خارجه ان قسم جي انڪشاف جو مطالبو ڪرڻ جي اھل ناھي.”

“جيڪڏھن اھڙي صورتحال آھي ته پوءِ مان پنھنجي وزارت خارجه کي ھدايت جاري ڪري ڇڏيندس ته سوئس جي رھاڪن جي نائيجيريا سان ھر قسم جي ڏيتي ليتي تيستائين بند ڪري ڇڏين، جيستائين اسان جي کاتيدارن جا نالا ظاھر نٿا ڪيا وڃن.”

“سائين منھنجا! اھو اوھان جو اختيار آهي.” چيئرمين، پنھنجي موقف تي پير کوڙي چيس.

“ٻيو ته اسان انھن سمورن معاھدن تي نظر ثاني ڪري سگھون ٿا، جن تي اوھان جا ھم وطني نائيجيريا ۾ ڳالھيون ٻولھيون پيا ڪن. ان کان علاوه مان ذاتي طور تي ان امر تي ڌيان ڏيندس ته پينلٽيءَ وارين شقن جي پرواھ نه ڪئي وڃي.”

”ڇا؟ اھو فيصلو ڪرڻ ۾ اوھان گھڻي جلد بازي نه ٿا ڪيو پيا؟“

”مسٽر گربر مان اوھان کي پڪ ٿو ڏياريان ته انھيءَ فيصلي ۾ ھڪڙي منٽ جي به دير ڪا نه ڪئي ويندي.“ اگنائيٽس ڳالھ وڌائيندي چيس؛ ”جيڪڏهن اھي نالا ڄاڻڻ لاءِ مون کي اوھان جي ملڪ کي گوڏن ڀر ڪيرائڻو به پيو ته به مون کي تَرَسُ ڪو نه ايندو.“

”ائين ئي ٿيڻ ڏيو، وزير صاحب!“ چيئرمين ورنديءَ ۾ چيس؛ “پر مان ھاڻ به بئنڪ جي رازداريءَ واري اصول ۾ ڦير ڦار نه ڪري سگھندس.”

جيڪڏھن صورتحال ساڳي ٿي رھي ته مسٽر! مان اڄ ئي پنھنجي سفير کي ھدايتون جاري ڪندس ته جنيوا ۾ سفارتخانو بند ڪيو وڃي ۽ لاگوس ۾ سوئس سفير کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏني وڃي.“

پھريون ڀيرو، چيئرمين جي نرڙ تي حيرت جا سَرَ چٽا ٿيا.

”ان کان وڌيڪ مان لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس گھرائيندس.“ اگنائيٽس، پنھنجي ڳالھ جاري رکندي چيس؛ ”سڄي دنيا جي پريس کي خبر پئجي ويندي ته منھنجي ملڪ جي صدر، ھن بئنڪ جي رويي تي ناپسنديدگيءَ جو اظھار ڪيو آھي.مون کي پڪ آهي ته اھڙي بدناميءَ کانپوءِ ڪيترائي کاتيدار پنھنجا کاتا بند ڪري ڇڏيندا. ڪيترا کاتيدار پنھنجا کاتا ٻين بئنڪن ۾ وڃي کوليندا.“

وزير جھٽ سوا انتظار ڪيو پر چيئرمين، ڪنھن به قسم جو ردعمل نه ڏيکاريو.

”اوھان مون لاءِ ٻيو ڪو رستو ڇڏيو ئي ناھي.“ اگنائيٽس، پنھنجي ڪرسيءَ تان اٿندي چيس. چيئرمين پنھنجو ھٿ اھو سمجھي اڳتي وڌايس ته نيٺ وزير پنھنجي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پر جڏھن اگنائيٽس پنھنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ ھٿ وجھي ننڍڙو پستول ڪڍي ورتو ته چيئرمين به سُنُ ٿي ويو. جڏھن نائيجيريا جي وزير خارجه اڳتي وڌي، پستول جو نال چيئرمين جي لوندڙيءَ تي رکيو ته سوئس بئنڪ جي ٻنھي آفيسرن جو خون خوف کان رڳن ۾ ڄمي ويو.

”مسٽر گربر! مون کي انھن نالن جي ضرورت آهي ۽ ھن وقت تائين تو کي معلوم ٿي وڃڻ کپي ھا ته ان کان گھٽ تي مان نه مڃيندس. جيڪڏھن تون ھاڻ جو ھاڻ اھي نالا آڏو نه ٿو آڻين ته مان تو واري کوپڙي اڏائي ڇڏيندس. سمجھيئي؟!”

چيئرمين، آھستڙي سان ڪنڌ ھاڪار ۾ ڌوڻيو. سندس نرڙ تي پگھر جا ڦڙا، ٽمڻ لڳا.

“ٻيو ته تو وارو اسسٽنٽ، منھنجو ايندڙ شڪار ھوندو.” اگنائيٽس، نوجوان اسسٽنٽ ڏانھن منھن ڪندي چيو، جيڪو ٻه ٽه وکون پرڀرو چپ چاپ بيٺو ھو. اگنائيٽس، نوجوان ڏانھن ڏسندي، نرم لھجي ۾ چيو؛ “مون کي ھر انھيءَ نائيجيريائيءَ جو نالو ڏي، جنھن جو بئنڪ ۾ کاتو کليل آهي، ورنه ته تو واري چيئرمين جي کوپڙي اڏائي ڇڏيندس ۽ ھن نرم ۽ قيمتي قالين تي وکيري ڇڏيندس.” سندس لھجو وري سخت ٿي ويو.

نوجوان اسسٽنت، چيئرمين ڏانھن ڏٺو، جيڪو ھاڻ ڪنبي رھيو ھو، پر ان چٽيءَ طرح چيس؛ ”پيٽر! اھو ناممڪن آهي.“

”اوھان صحيح ٿا چئو.“ اسسٽنٽ، سرٻاٽ ۾ چيو.

“اوھان اھو نٿا چئي سگھو ته مون اوھان کي ھر قسم جو موقعو نه ڏنو.” اگنائيٽس، ھٿ پوئتي ھٽائيندي چيس. ھاڻ ته پگھر، چيئرمين جي چھري کان ھيٺ ڳڙڻ شروع ٿي ويو. نوجوان اسسٽنٽ پنھنجيون نگاھون ڦيري ڇڏيون، ڇو جو ھو ڊپ واري حالت ۾، پستول جي فائر جي انتظار ۾ ھو.

“تمام زبردست!” اگنائيٽس، چيئرمين جي کوپڙيءَ تان پستول ھٽائيندي چيو ۽ پنھنجي جاءِ تي ويھي رھيو. ٻئي بئنڪ جا آفيسر، اڃا تائين خوف ۾ ڪنبي رھيا ھئا ۽ ڳالھائڻ جي سگھ نه پئي ساري سگھيا.

وزير صاحب، پنھنجو کُٿل بريف ڪيس، ڪرسي جي ڀر مان کنيو ۽ پنھنجي اڳيان واري شيشي جي ميز تي رکي ڇڏيو. ھن ٻنھي پاسن جا بڪل دٻايا ۽ بريف ڪيس جو ڍڪ کلي مٿي ھليو ويو.

بئنڪ جي ٻنھي آفيسرن ھيٺ ڏٺو، جتي سئو سئو ڊالرن وارا نوٽ، سليقي سان قطارن ۾ رکيل ھئا. بريف ڪيس جو ھر انچ نوٽن جي تختين سان ٽٻ لڳو پيو ھو. چيئرمين، ھڪدم پنھنجي مغز ۾ اندازو ھنيو ته سموري رقم، لڳ ڀڳ پنجاھ لک ڊالر ھوندي.

اگنائيٽس چيس؛ “مسٽر! منھنجو، اوھان وٽ کاتو کولڻ ڪيئن رھندو؟”

(پيروز بخت قاضي لاھور واري جي اردو ترجمي تان کنيل)

***