بلاگنئون

نيپال ۽ پاڪستان جي نوجوانن ۾ ڏينهن رات جو فرق!

تازو نيپال ۾، نوجوانن حڪومت جو تختو اونڌو ڪري حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. هي ڏکڻ ايشيا ۾ ٽيون ملڪ آهي جتي ڪنهن حڪومت کي ان طريقي سان گهر موڪليو ويو هجي. ان کان اڳ سريلنڪا ۾ ماڻهن صدارتي هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ۽ سريلنڪا جي صدر کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. ان کانپوءِ اتي به حڪومت تبديل ٿي وئي. بعد ۾، بنگلاديش ۾ حسينه واجد خلاف احتجاج ڪري سندس حڪومت کي ڪيرايو ويو ۽ حسينه واجد کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هاڻي نيپال ۾ به تقريبن ساڳيو ئي ڪم ٿيو آهي.

اسان جي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا دوستن سڀ کان پهريان سريلنڪا جي صورتحال کي ڏسندي پاڪستان کي سريلنڪا ۾ تبديل ٿيڻ جو داستان ٻڌائڻ شروع ڪيو. توهان کي ياد هوندو ته هرڪو چئي رهيو هو ته پاڪستان جلد ئي سريلنڪا بڻجي ويندو. هتي سريلنڪا جهڙيون حالتون پيدا ٿينديون. سريلنڪا ۽ پاڪستان ۾ هڪ جهڙائيون ڳولهڻ شروع ٿي ويون، پر سڀني دوستن ڏٺو ته نه پاڪستان ڊيفالٽ ڪيو ۽ نه ئي پاڪستان سريلنڪا بڻيو. پوءِ جڏهن بنگلاديش ۾ حالتون خراب ٿيون ته نوجوان حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا. حسينه واحد جي حڪومت پهريان رياست جي طاقت سان نوجوانن کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ فوج پنهنجا هٿ مٿي ڪيا ۽ حسينه واجد کي ملڪ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. ان کانپوءِ، اسان جي دوستن پاڪستان کي بنگلاديش ٺاهڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي پوسٽون هلائڻ شروع ڪيون ۽ تحريڪ انصاف پنهنجي نوجوان ونگ کي متحرڪ ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ داستان ٺاهڻ شروع ڪيو ته پاڪستان ۾ صورتحال بنگلاديش جهڙي آهي. تنهنڪري هتي به ساڳيو ئي حال ٿيندو، پر اهو به نه ٿيو. اهي دوست نه پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ فرق سمجهي سگهيا ۽ نه ئي پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ فرق محسوس ڪري سگهيا. اهڙيءَ طرح هن وقت صورتحال بلڪل مختلف آهي. ان کانپوءِ نيپال ۾ نوجوانن هڪ بغاوت شروع ڪري اتان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. هاڻي اهو چيو پيو وڃي ته پاڪستان نيپال ڇو نٿو بڻجي سگهي، ائين نيپال جي صورتحال کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي. اهو ان ڪري ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان ۾ به مٿي ٻڌايل ملڪن جهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن. اسان جا پنهنجا قاعدا ۽ قانون آهن. اهڙي طرح نوجوان نسل کي به جذبات ۾ عقلمنديءَ کان ڪم وٺندي سوچڻ گهرجي ته ڇا اسان رڳو اڳواڻ تبديل ڪرڻ واري پاليسيءَ تي هلنداسين يا ٻاهرين غلاميءَ جا رستا تبديل ڪرڻا آهن. ڇو ته انقلاب آڻڻ سولو هوندو آهي، پر سنڀالڻ ڏکيو هوندو آهي. نوجوان نسل کي انقلاب جو سبق ٻاهرين ملڪن کان نه، پر پنهنجي ملڪي حالتن کي ڏسي فيصلو ڪرڻ گهرجي، ڪجهه جذباتي نوجوان پاڪستان ۽ نيپال جي فرق کي سمجهڻ کانسواءِ، پاڪستان ۾ نيپال جهڙي صورتحال جي اڳڪٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن کي اميد کان وڌيڪ نااميدي نظر اچي رهي آهي. ڪجهه سياسي پارٽيون نوجوانن جو مذاق اڏائي رهيون آهن ۽ کين ڀڙڪائيندي اهو چيو پيو وڃي ته پاڪستان جي نوجوان نسل ۾ ڪوبه جذبو ناهي، اهو انقلاب نٿو آڻي سگهي. کين سوچڻ گهرجي ته جذبات ۾ انقلاب نه ايندا آهن ۽ نه ئي پنج ڏينهن احتجاج ڪري حڪومتون وٺبيون آهن، جنهن جو ماضيءَ ۾ تجربو ڪري چڪا آهيون. بهرحال دوستن جون خواهشون پنهنجي جاءِ تي آهن ۽ پاڪستان جي صورتحال پنهنجي جاءِ تي آهي. پاڪستان ۽ نيپال ۾ وڏو فرق آهي، نيپال ۾ جمهوريت يا سول بالادستي نه رهي آهي. اتي سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ سميت جمهوريت جي سڀني علامتن کي ساڙيو ويو آهي. اهو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته اتي وري بادشاهي نظام کي واپس آڻڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو جڏهن نيپال جي آرمي چيف قوم کي خطاب ڪيو آهي ته ملڪ جي پهرين بادشاهه جون ڪيتريون ئي تصويرون سندس پويان هيون. جيتوڻيڪ 2008 ۾، بادشاهت ختم ڪئي وئي ۽ جمهوريت قائم ڪئي وئي. هاڻي ٻيهر بادشاهت بحال ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته فوج سڄي سازش ۾ شامل آهي. هندستان نيپال جي صورتحال کان خوش ناهي. هندستان ان تبديلي لاءِ پاڪستان کي الزام ڏئي رهيو آهي. تازي پاڪ- ڀارت جنگ ۾، نيپال هندستان سان گڏ هو ۽ ان جي کليل حمايت ڪئي هئي. ان کان اڳ، بنگلاديش ۾ حسينه واجد جي حڪومت پڻ هندستان جي حمايت يافته هئي. اتي آيل تبديلي پڻ هندستان جي مفادن جي خلاف هئي. هتي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ٻنهي ملڪن ۾، نوجوانن جي تحريڪ کانپوءِ، اتان جي فوج پنهنجو سيٽ اپ قائم ڪيو آهي. تنهنڪري جيڪڏهن اسان ٻنهي هنڌن تي نظر وجهون ٿا ته حقيقي فاتح فوج نظر اچي ٿي. بنگلاديش ۾ پڻ هڪ راءِ آهي ته مودي جا سيڙپڪار بنگلاديش کي لُٽي رهيا آهن ۽ بنگلاديش جو استحصال ڪري رهيا آهن، اتي جي حڪومت هندستان جي ڪٺ پتلي حڪومت رهي آهي. ساڳئي طرح، نيپال جو نوجوان پڻ هندستان جي معاشي غلبي کان تنگ آهي. هندستان جي خلاف اها سوچ بنگلاديش ۽ نيپال ٻنهي ۾ نظر اچي ٿي. ٻنهي ملڪن جا نوجوان اهو چئي رهيا آهن ته هندستاني سيڙپڪار انهن کي لُٽي رهيا آهن.

عام طور اهو چيو پيو وڃي ته پاڪستان جا نوجوان ڪرپٽ آهن. ان ڪري پاڪستان ۾ “نوجوان انقلاب” نٿو اچي سگهي. جڏهن ته سياستدان ۽ فوج هڪٻئي جي ڪمزورين مان فائدو وٺندي ملڪ هلائي رهيا آهن، ان ڪري توهان جي طاقت حصن ۾ ورهايل نظر اچي ٿي ۽ نوجوان پنهنجي اصل هدف کان هٽي پنهنجي مقصد جي قرباني لاءِ ٻئي جي پٺيان ڊوڙندو نظر اچي ٿو ۽ جڏهن ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پوي ٿو ته مايوس ٿي ويهي رهي ٿو. هن وقت دنيا تي انتهاپسندي ۽ شعور دشمني حاوي آهن. سامراجي پروپيگنڊا عوامي ذهنن جا رخ طئي ڪري رهيو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه دنيا جي يوني پولر هجڻ ڪري آهي. اسان کي ان ڳالهه کي سمجهڻو پوندو ته نيپال جو اڀار انقلاب نه، بلڪه انارڪي آهي. نيپال ۾ انارڪي جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو سبب ميرٽ جي لتاڙ به ھئي پنھنجا نوازي نوڪرين جي نيلامي نوجوانن کي باغي ڪري وڌو ۽ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. اسان وٽ به ڪجهه سالن کان اهو ظلم جاري آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته موجوده بغاوت نيپال ۾ مثبت تبديلي آڻيندي يا نه؟ جنريشن زي بنيادي طور تي مايوس نسل آھي جنھن ۾ تمام گھڻي ڪاوڙ ۽ وقتي اڀار آھي، پر ڪنھن به  قسم جو مستقل نظريو ۽ نقطهءِ نظر ناھي. امڪاني طور نيپال وڌيڪ سياسي عدم استحڪام ۽ ريجنل طاقتن جي چٽا ڀيٽي جو شڪار ٿي ويندو. پاڪستان جو نوجوان به ڪڏهن ڪڏهن ان طرز عمل کي اختيار ڪري ٿو، پر جڏهن ته ڪوبه هڪ ايجنڊا پوري ملڪ جي نوجوانن جو ايجنڊا ناهي رهيو، ان ڪري کيس ڪاميابي حاصل نٿي سگهي ٿي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جو نوجوان اڃان انقلاب جي الف کي به سمجهي نه سگهيو آهي. ھن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته پاڪستاني نوجوان ميدان عمل ۾ اچي ۽ بنا ڪنھن سياسي جماعت جي اڳواڻي جي تحريڪ جي شروعات ڪري. پوري پاڪستان جو نوجوان پاڻ ۾ جيستائين متحد نه ٿيندو مهانگائي، ڪرپشن، بدامنيءَ ۽ انتهاپسنديءَ جي خلاف جيستائين آواز نه اٿاريندو تيستائين انقلاب پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ هڪ خواب ئي هوندو.