ايڊيٽوريلنئون

ڀارت ۾ پاڪ سعودي معاهدي کانپوءِ ماحول انتهائي ڳنڀير

برطانوي خبر رسائيندڙ اداري ‘رائٽرز’ جي رپورٽ مطابق سعودي عرب ۽ ايٽمي طاقت پاڪستان اربع تي هڪ دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون. جيتوڻيڪ اڃان هن معاهدي جا ڪيترائي نقطا عام نه ڪيا ويا آهن، پر تڏهن به هڪ نقطو جيڪو انتهائي اهم آهي اهو هي آهي ته هن معاهدي کانپوءِ ٻنهي ملڪن مان ڪنهن به هڪ ملڪ جي سالميت تي ٿيل حملو ٻئي ملڪ جي سالميت تي حملو تصور ڪيو ويندو.

هن معاهدي پوري دنيا ۾ پاڪستان جي ساک کي وڌائڻ ۾ تمام وڏي هٿي ڏني آهي ته ساڳي جاءِ تي اسان جي پاڙيسري ملڪ کي ڳڻتيءَ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير جي ترجمان رنڌير جيسوال هر هفتي ٿيندڙ نيوز بريفنگ دوران صحافين کي ٻڌايو ته ڀارت ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيندڙ اها وسيع اسٽريٽجڪ شراڪتداري آهي، جيڪا ڪجهه سال پهرين شروع ٿي ۽ هاڻي تمام گهري ٿي چڪي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت کي ان ڳالهه جي اميد آهي ته اها اسٽريٽجڪ شراڪتداري گڏيل مفادن ۽ حساسيت کي نظر ۾ رکندي. جيئن ته سعودي عرب ڀارت کي تيل اماڻيندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ هن سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪچي تيل ۽ لڪيوڊ پيٽروليم گئس جي سپلاءِ ۾ تعاون کي اڃان وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريدر مودي جو خيال هو ته ٻئي ملڪ رفائنري ۽ پيٽرو ڪيميڪل منصوبن ۾ گڏيل سرمائيڪاري ڪري اڃان وڌيڪ امڪانن جو جائزو وٺندا.

ڀارت کي خدشو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب پاڪستان سان فوجي تعاون واڌئيندو ته اهو پاڪستان کي وڌيڪ حوصلا افزائي ڏيندو ۽ هو ڀارت خلاف جارحاڻيون پاليسيون ٺاهي سگهندو. خاص طور تي ڪشمير جي معاملي تي سرحدي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ڀارت جي هميشه اها خواهش رهي آهي ته وچ اوڀر ۾ non-aligned رويي جي حمايت رهي. جيڪڏهن سعودي عرب پاڪستان جي پاسي وڌيڪ لاڙو رکيو ته ان سان ڀارت کي علاقائي توازن قائم ڪرڻ ۾ خدشا پيش اچي سگهن ٿا.

جيئن ته ڀارت پاڪستان مٿان بار بار دهشتگرد حملن ۽ ڪارروائين جو الزام لڳائيندو رهيو آهي، سو هن معاهدي سان ڀارت کي هڪ قسم جي پريشاني ۽ ڳڻتي لاحق ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ڀارت جو سعودي عرب، يو اي اِي ۽ قطر سان هڪ مضبوط واپاري، توانائي ۽ سفارتي لاڳاپو رهيو آهي. ان ڪري ڀارت چاهي ٿو ته سعودي عرب ڀارت ۽ پاڪستان جي تڪرارن ۾ غير جانبدار رهي. جيڪڏهن سعودي عرب پاڪستان سان گڏيل فوجي دفاع جهڙي شق تي معاهدو ڪري ويٺو آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته هاڻي سعودي عرب پنهنجي غير جانبداريءَ کان انحراف ڪيو آهي.

ڀارت جو اهو به خدشو آهي ته سعودي عرب پاڪستان جي اندروني پاليسين تي به اثر انداز ٿي سگهي ٿو. خاص طور تي جڏهن معاملو ڀارت سان تڪرارن جو هجي. ڇو جو سعودي عرب اڳ ۾ ئي ڪشمير معاملي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ٿو. اڃان تائين ته ڀارت پنهنجو احتجاج تمام نرم لهجي ۾ ڪري رهيو آهي، پر اندروني طور معاهدي جي تحقيق، اثرن جو تجزيو ۽ جواب لاءِ رٿابندي به ڪري رهيو آهي.

ڀارت جي اها خواهش هوندي ته هو سعودي عرب کي سفارتي چئنلن جي ذريعي اهو پيغام موڪلي ته سعودي ۽ پاڪستان جي ٻطرفي دوستي ڪنهن ٽئين ملڪ جي مفادن جي خلاف نه هجڻ گهرجي. پاڪستان جيڪو هڪ غريب ملڪ هجڻ جي باوجود هڪ ايٽمي طاقت به آهي، جنهن وٽ ڇهه لک کان وڌيڪ فوج آهي ۽ پنهنجي سڀ کان وڏي حريف جي خلاف پنهنجي دفاع تي تمام گهڻو توجهه رکي ٿو.

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽي وڏيون جنگيون لڳي چڪيون آهن ۽ گڏوگڏ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون جهڙپون به ٿينديون رهيون آهن. مئي ۾ چئن ڏينهن وارو تصادم به ان ۾ شامل آهي. ڀارت جنهن ڪڏهن به پاڪستان جي وجود کي نه دل سان مڃيو آهي ۽ نه ئي وٽس پاڪستان لاءِ احترام آهي، پر هن وقت ڀارت سعودي ۽ پاڪستان جي گڏيل دفاعي معاهدي کانپوءِ تمام گهڻو بيچينيءَ جو شڪار آهي.

جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي هڪ هفتيوار بريفنگ دوران هن معاهدي بابت ڳالهائيندي چيو ته هي معاهدو ڪنهن به ملڪ کي ڌمڪائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته هي معاهدو خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتيءَ جي واڌ ويجهه لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. ڀارت جي ڳڻتيءَ جو سبب شايد اهو آهي ته سعودي عرب اڃان تائين ڀارت کي ڪوبه تسلي بخش جواب ڏئي سندس خدشن کي گهٽ ناهي ڪيو.

ڀارت جي ڳڻتي اها به آهي ته اڃان تائين معاهدي جا شرط ۽ عمل واضح ناهن جيئن ڪهڙي رد عمل تي ڪهڙا وسيلا استعمال ٿيندا، ڪيترو بروقت جواب ملندو اهي سڀ شيون اڃان تائين غير واضح آهن. شايد جڏهن معاهدي جون سڀئي شقون جيڪي واضح ڪرڻيون هونديون واضح ٿينديون ته ڪيترن ئي ملڪن کي جيڪي پيغام هن معاهدي تحت ملڻا هوندا اهي بهتر طريقي سان ملي ويندا.