درياءَ جي پاڻي ۾ گدلاڻ کان خبردار ڪندڙ اوزار
آسٽريليا جي ماهرن هڪ اهڙو اوزار تيار ڪيو آهي، جنهن جي مدد سان درياءَ جي پاڻي ۾ موجود گدلاڻ کي معلوم ڪري سگهجي ٿي. اهو اوزار هر وقت وهندڙ درياءَ ۾ ترندو رهندو ۽ ان ۾ موجود خاص ننڍڙا اوزار هڪ طرف درياءَ ۾ پاڻي جي رفتار کي ماپيندا رهندا ته ٻئي طرف اهي پاڻي ۾ موجود گدلي جزن کان ترت خبردار ڪندا رهندا. هن اوزار جو نالو ڊرفٽر رکيو ويو آهي، ڏسڻ ۾ بيڪار نظر ايندڙ هي اوزار اصل ۾ هڪ خاص ايجاد آهي، جنهن کي سيٽلائيٽ انجنيئرز ٺاهيو آهي. هي اوزار درياءَ ۾ پاڻي جي رفتار، گدلاڻ ۽ الجي جي پکيڙ ۽ خاص طور تي ٻوڏ بابت معلومات ڏيئي سگهي ٿو، جيڪو قيمتي انساني جانين کي بچائڻ ۾ مدد ڪندو. هن اوزار کي استعمال ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته ان کي پاڻي ۾ اڇلائبو ته اهو ترندو رهندو جتان کان اهو پاڻي بابت معلومات ڏيندو رهندو هي اوزار سم ڪارڊ يا بلوٽوٿ ذريعي ڊيٽا کي موڪلي سگهي ٿو. هن جي اندر جي پي ايس جو نظام به موجود آهي. هن کي مختلف جڳهين تي آزمايو ويو آهي جتي هن ڪاميابي سان ڊيٽا کي معلوم ڪري ماهرن تائين پهچايو آهي. هي انهن علائقن ۾ به پاڻي جي رفتار ۽ پي ايڇ ليول کي معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.



