بلاگنئون

سياحت، ماحولياتي تحفظ ۽ پائيدار تبديلي

سياحت ڪنھن به ملڪ جي معيشت ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي آهي. دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ آھن جن جي آمدنيءَ جو وڏو ۽ اھم ذريعو سياحت آھي. ھنن ملڪن ۾ ٿائيلينڊ، مالديپ، ماريشس، ڪينيا، آذربائيجان، مڪاؤ، بھاماس، ڪيپ وردي ۽ ٻيا ملڪ شامل آھن. شاھوڪار ملڪ جن ۾ آمريڪا، جاپان، چين، سوئٽزرلينڊ، فرانس، جرمني وغيره پڻ سياحت مان ساليانو ڪروڙين ڊالر ڪمائين پيا.

سياحت جي اھميت کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي “ورلڊ ٽوئرزم آرگنائيزيشن” 27 سيپٽمبر کي “سياحت جي عالمي ڏھاڙي” طور ملھائڻ جو فيصلو ڪيو. سال 2025 جي سياحتي ڏھاڙي جو موضوع “سياحت ۽ پائيدار تبديلي” رکيو ويو آھي. ھن ڏينھن ملھائڻ جو فيصلو گڏيل قومن جي عالمي سياحتي تنظيم 1979 ۾ ڪيو ۽ ڏينھن ملھائڻ جي شروعات 1980 کان ڪئي وئي. اڄڪلھه دنيا ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ کي مدنظر رکندي سياحت کي ماحول دوست بنائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ھن جو وڏو مثال ٿائيلينڊ جو مشھور في في آئيلينڊ تي واقع  “مايا بيچ” آھي جيڪو سياحت جي نتيجي ۾ وڌندڙ گدلاڻ، جيڪا آبي جيوت جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي پئي وئي، جي ڪري سياحت لاءِ 2018 ۾ بند ڪيو ويو ھو ۽ بيچ کي مڪمل طور صاف ڪري، ڪجھ پابندين سان 2022 ۾ ٻيھر کوليو ويو. 2017 ۾ انڊونيشيا جي جزيري “بالي” جا بيچز پڻ صفائيءَ جي حوالي سان ڪجھ وقت لاءِبند ڪيا ويا ھئا. 2019 ۾ تبت جي پاسي وارو ماؤنٽ ايوريسٽ جو بيس ڪيمپ گھڻي گدلاڻ سبب سياحن لاءِ بند ڪيو ويو. ھاڻي اتي صرف پرمٽ رکندڙ ڪوہه پيمائن کي وڃڻ جي اجازت آھي. سياحن کي بيس ڪيمپ کان ھڪ ڪلو ميٽر اڳ تائين وڃڻ جي اجازت آھي.

سياحت جي حوالي سان سنڌ ۾ تمام گھڻا ماڳ موجود آھن جن ۾ اڪثريت قديم آثارن وارن ماڳن جي آھي. اھي ماڳ نه صرف سنڌ واسين جي لاءِ اھم آھن، پر بين الاقوامي لحاظ کان پڻ وڏي اھميت جوڳا آھن. انھن ماڳن ۾ موھن جو دڙو، اروڙ، مومل جي ماڙي، رني ڪوٽ، ڪوٽڏيجي، عمرڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ جا قلعا، تاريخي طور وڏي اھميت رکن ٿا. انھن کان علاوه خيرپورميرس جو فيض محل، حيدرآباد جو مکي ھائوس، ڪراچيءَ ۾ واقع موھاٽا پيلس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قديم عمارتون، جن ۾ مسجدون، مندر، چرچ ۽ جين ڌرم جا مندر شامل آھن، سياحن لاءِ ڪشش جو باعث ٿي سگھن ٿا. تفريحي لحاظ کان گورک ۽ بڊو ھل اسٽيشنون، منڇر، ڪينجھر، ھاليجي ۽ بڪار جھڙيون خوبصورت ڍنڍون، ڪائي ويلي ۽ ٿر جا خوبصورت علائقا جن ۾ ننگر پارڪر، مٺي، ڪاسبو ۽ عمرڪوٽ شامل آھن ۽ ڪراچي ۽ انڊس ڊيلٽا جا سامونڊي ڪنارا، سنڌ ۾ سياحت لاءِ بھترين ماڳ آھن. سنڌ حڪومت جي اداري “سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن” ڪجھ ماڳن تي سياحن جي رھائشي سھولتن جي سلسلي ۾ ريزورٽ پڻ قائم ڪيا آھن ۽ ڪجھ عرصو اڳ “ٿر ڊيزرٽ سفاري” نالي ريل جو افتتاح پڻ ڪيو آھي، جيڪا ھڪ سٺي ڪاوش آھي، پر سياحت جي حوالي سان گھڻو ڪجھ ڪرڻ اڃان باقي آھي.

سنڌ ۾ سياحتي حوالي سان اھم مسئلن ۾ امن ۽ امان جي خراب صورتحال، ماڳن تائين روڊ رستن جي گھٽتائي ۽ زبون حالي، ٽرانسپورٽ، معياري ھوٽلن ۽ ريسٽورانٽس جي اڻاٺ ۽ سياحتي ماڳن تي ٽوائليٽس نه هجڻ، ملڪي ۽ عالمي سطح تي تشھير ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي اڻهوند آھي. ان کان علاوه، جيئن ته سنڌ جو موسم گھڻي ڀاڱي گرم رھي ٿي، ان ڪري سياحتي ماڳن تي وڌ کان وڌ وڻن جي پوک، گرين بيلٽ ٺاھڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ روڪڻ متعلق سياحن جي آگاھيءَ لاءِ بورڊ لڳائڻ سان گڏ پاڻيءَ جي سپلائي کي يقيني بڻائڻ پڻ اھم ڪم آھي. جيئن ته انهن سڀني ڪمن لاءِ سٺي پلاننگ، محنت ۽ ناڻي جي ضرورت آهي، ان ڳالھ کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت کي نجي شعبي کي اعتماد ۾ وٺڻ گھرجي ته جيئن اهو سياحت ۾ سيڙپ ڪري ۽ سياحت کي هٿي ملي. امن ۽ امان بھتر ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سياحتي ماڳن تي خيبر پختونخواهه وانگر سياحتي پوليس مقرر ڪرڻ گھرجي، ڀرتين کانپوءِ انهن جي تربيت ڪئي وڃي ۽ انهن جون ڀرتيون خالص قابليت جي بنياد تي ڪيون وڃن. سياحتي پوليس کي نه صرف امن ۽ امان جي ذميواري ڏني وڃي پر ان سان گڏ انھن کي گائيڊ جي ذميواري پڻ سونپي وڃي جنھن لاءِ کين سنڌ ٽوئرزم جي اداري طرفان ٽريننگ ڏني وڃي. سياحت بھتر ٿيڻ سان نه صرف حڪومت جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيندو، گڏوگڏ مقامي آبادين لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا ۽ سنڌ جي ھنرن ۽ ثقافتي ورثي کي دنيا تائين رسائي حاصل ٿيندي ۽ ماڻهن اندر مختلف پاسن کان آگاهي ۽ شعور ۾ اضافو ٿيندو، جيڪو کين سڄي دنيا سان ڳنڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪيل قدمن سان گڏ ھڪ ٻي ڳالھ جيڪا تمام اھم آھي، اھا آھي سماجي رويا. اھو ڏٺو ويو آھي ته جنھن علائقي جا ماڻھو سياحن سان دوستاڻو رويو رکن ٿا، سندن عزت ڪن ٿا ۽ ڏک سک ۾ سندن مدد لاءِ ھر وقت تيار رھن ٿا انھن علائقن ۾ سياحن جو انگ وڌيڪ نظر ايندو آھي. ان جي ابتڙ جن علائقن ۾ اتان جا ماڻهو سياحن سان ٺڳي، بي ايماني ۽ خراب رويو اختيار ڪن ٿا، اتان سياحت پاڙئون پٽجي ويندي آهي. اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جو ڪردار پڻ سياحت جي حوالي سان اھم آھي. سياحتي ماڳن متعلق تيار ڪيل دستاويزي پروگرام ۽ فلمون سياحن لاءِ تمام گھڻيون مددگار ثابت ٿين ٿيون. جيڪڏھن حڪومت، ميڊيا ۽ مقامي ماڻھو ھن ڏس ۾ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪندا ته اھو وقت پري نه ھوندو جڏھن خوشحالي سنڌ جا قدم چمندي. سياحن تي به اھو فرض عائد ٿئي ٿو ته ھو سياحتي ماڳن تي صفائي سٿرائيءَ جو خاص خيال رکن، اهڙيون شيون جيڪي هو پاڻ سان آڻين ٿا، جن کي اڇلائڻو پوي ٿو، اهي انهن سياحتي ماڳن تي اڇلائڻ بدران پاڻ سان گڏ کڻي وڃن ته جيئن انهن ماڳن کي صاف سٿرو رکڻ ۾ انتظاميه کي ڪو مسئلو درپيش نه ٿئي ۽ کانئن کانپوءِ ايندڙ سياحن کي ماحولياتي گدلاڻ کي منھن نه ڏيڻو پئي ۽ سياحت صرف “سياحت“ نه پر “ماحول دوست سياحت” بڻجي وڃي.