ايڊيٽوريلنئون

سهيل آفريدي جي چونڊ، خان جو جيل مان ڇڪو، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي فيلڊنگ ڇو ڪمزور رهي؟

باني پي ٽي آءِ عمران خان 8 آڪٽوبر 2025ع تي سهيل آفريدي کي ڪي پي ڪي جي وزارت اعليٰ جي لاءِ نامزد ڪيو ۽ 13 آڪٽوبر 2025ع تي سهيل آفريدي کي ڪي پي ڪي جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ ووٽ ذريعي باقائدي وزيراعليٰ چونڊيو ويو. سهيل آفريدي کي ڪي پي ڪي جي اسيمبليءَ ۾ وزيراعليٰ ٿيڻ جي لاءِ 73 ووٽ گهربل هئا، پر کيس 90 ووٽن جي حمايت حاصل رهي. هن گهربل کان وڌيڪ اڪثريت سان اها پوزيشن حاصل ڪري هڪ مضبوط وزيراعليٰ هجڻ جو پيغام ڏنو آهي. لڳي ايئن ٿو ته خان کي جيل ۾ رکڻ کانپوءِ هي سندس پهرين ۽ تمام وڏي ڪاميابي آهي، جنهن جو گمان شايد اسان جي طاقتور حلقن کي نه هو يا انهن پنهنجي فيلڊنگ کي ڪٿي نه ڪٿي نظر انداز ڪري خان کي ڇڪو لڳائڻ ۾ ڪاميابيءَ جو موقعو فراهم ڪيو آهي.

ان کان پهرين علي امين گنڊاپور جي نامزدگي ۽ تعناتي ان ڪري ڪئي وئي ته اهو اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو آهي ۽ هو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪري خان جي رهائي لاءِ ڪو نه ڪو رستو ڪڍي وٺندو ۽ کيس وري حڪمرانيءَ جو تاج پارائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، پر علي امين گنڊاپور پنهنجي پت به وڃائي ويٺو، جنهن جي نتيجي ۾ خان کي هڪ ٻي اسٽريٽجي ٺاهي هڪ اهڙي ماڻهو کي چونڊڻو پيو آهي، جنهن جون پاڙون اسٽوڊنٽ سياست ۾ تمام گهڻيون گهريون ۽ مضبوط آهن. هو تحريڪ انصاف اسٽونڊنٽ فيڊريشن جو تمام گهڻو سرگرم ۽ متحرڪ ڪارڪن نه، پر خيبر پختونخواهه اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو صدر به رهيو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي جو سندس پسمنظر هڪ عام خاندان سان آهي، جيڪو اسان جي روايتي سياسي رهنمائن جي ابتڙ آهي. هن پنهنجي چونڊ کانپوءِ تقرير ۾ چيو آهي ته وٽس وڃائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. اها هڪ وڏي ڳالهه آهي جيڪا کيس وڌيڪ مضبوط وزيراعليٰ بڻائي ٿي.

هن وقت پاڪستان ۾ جنهن قسم جي صورتحال آهي، اسان جي ملڪ جون سرحدون تمام گهڻي ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. هڪ پاسي ڀارت پاڪستان کي طاقتور ٿيندي ڏسڻ گوارا نٿو ڪري ته ٻئي پاسي اسان جو مسلم پاڙيسري ملڪ جنهن سان پاڪستان هميشه هڪ ڀاءُ وانگر چڱايون ڪيون اهو اسان جي لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي. ان ۾ يقينن اسان جون پنهنجون ماضيءَ جون ڪيل ڪوتاهيون به شامل آهن. ڳڻتيءَ جهڙي ڳالهه اها آهي ته رياست جي پرڏيهي پاليسيءَ کي هن وقت ڪي پي ڪي قبول ڪرڻ کان انڪاري آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر اها صورتحال آهي جنهن ۾ اسان جا دفاعي ادارا دهشتگردي سان وڙهندي روز نوجوانن جون شهادتون ڏيئي رهيا آهن. سهيل آفريدي عمران خان جي خيال مطابق دهشتگرد ٽي ٽي پي کي خارجي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ هو انهن دهشتگردن کي پنهنجو حصو سمجهي انهن سان ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ زور ڀري ٿو، جيڪا ڳالهه حڪومت جي بيانيي سان ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ڪري ٿي.

هن وقت نه صرف اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ بلڪه وزيراعليٰ ڪي پي ڪي سهيل آفريدي جي لاءِ پڻ ڪيترائي چئلينجز اڳيان آهن. ڇو ته ڪي پي ڪي سان ڳنڍيل اڳوڻي فاٽا جا علائقا دهشتگرديءَ جي وڌندڙ لهر کي منهن ڏيئي رهيا آهن. هو پاڻ به قبائلي علائقي سان تعلق رکي ٿو ۽ کيس ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو صوبي جي امن امان تي سڌي ۽ اثرائتي پاليسي ٺاهي سگهي ٿو ۽ بهتر به اهو ٿيندو ته هو رياست سان گڏ هڪ اهڙي پاليسي ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري جيڪا نه صرف ڪي پي ڪي جي عوام جي فائدي ۾ هجي بلڪه ملڪ جي سرحدن کي محفوظ ڪري ۽ دهشتگردن کان ملڪ کي ۽ عوام کي نجات ڏياري، پر جيئن ته سندس چونڊ ٽڪراءَ واري سياست جو تسلسل آهي، ان ڪري ائين ٿيندي نظر نه پيو اچي. جنهن جي نتيجي ۾ يقينن مرڪز ۽ صوبي جي وچ ۾ تڪرار وڌندو ۽ عوام جي لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا. پاڪستان جي هڪ اهم صوبي جي وزيراعليٰ هجڻ جي حيثيت سان کيس ملڪي سلامتي واري پاليسي جي لاءِ پنهنجي وفاقي ۽ دفاعي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته ان جو نتيجو نه صرف عوام، پر پي ٽي آءِ کي به سياسي طور ڀوڳڻو پوندو، بلڪه ممڪن آهي ته پوري ملڪ تي ان جا خراب اثر پون.

گڏوگڏ اسان پراميد آهيون ته اسٽيبلشمينٽ به نئين وزيراعليٰ سان سياسي استحڪام جي لاءِ سڌو ۽ عملي رابطو ڪندي، پنهنجي ادارتي سهڪار جي پيشڪش ڪري کيس نفسياتي ۽ سياسي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندي. ان کان علاوه عوامي بيانن کان پاسو ڪرڻو پوندو جيڪي سهيل آفريدي کي ڪنهن به رد عمل ڏيکارڻ تي مجبور ڪن. هن وقت اسٽيبلشمينٽ جو هڪ وڏو امتحان آهي ته اهاPragmatic  انداز ۾ سهيل آفريدي سان ڪهڙي طريقي سان تعاون ڪري هن مشڪل صورتحال ۾ پنهنجي سرحدن کي محفوظ ڪري سگهي ٿي ۽ دهشتگرديءَ جي هن لهر کي شڪست ڏئي هميشه جي لاءِ ختم ڪري سگهي ٿي.